موسمن جي تبديلي
”دريا خان“
جيڪڏهن اوهان زمين جي اُتر اڌ گولي ۾ رهندڙ آهيو تہ اوهان غور ڪيو هوندو تہ ڊسمبر ۾ 12 بجي جو زميني مٿاڇري تي سج مٿائين ڏا جون جي نسبت گھٽ هوندو آهي، انکان سواءِ اهو بہ غور ويچار ڪرڻ جوڳيء ڳالھ آھي تہ مٿائين ۾ واڌاري سان گڏ ئي گرمي ۾ ۾ واڌارو شروع ٿي ويندو آهي جيڪو گرمي جي موسم جي اچڻ جي نشاني ٻڌائيندو آهي، پر ڇا اوهان ڪڏهن سوچيو آهي تہ مٿائين ۾ اها گھٽتائي ڇالا ٿيندي آهي. ظاهري طور تہ اسانکي محسوس ٿيندو آهي تہ سج پاڻ مٿائين تي ويندو آهي پر ان جي اصل وجھ زمين جو سج جي ويجھو چڪر لڳائڻ ۽ انجو سج جي طرف محوري جھڪڻ آهي، زمين جي محور گهڙي جي سوئي گهمڻ جي مخالف زاويي Anticlockwise تي جھڪڻ ٿيندي آهي ان جھڪڻ جي وجھ سان زمين تي موسم وجود ۾ ايندا آهن، جيڪڏهن اهو محور جھڪڻ نہ هجي ها تہ پورو سال زمين جي قطبين تي سيارو ٿڌ ۽ خط استوا تي گھڻي گرمي هجي ها، جڏهن زمين پنھنجي مدار ۾ ان مقام تي هوندي آهي تہ اتر اڌ گولو جو سج جي طرف جهڪڻ گھڻو هجي تہ ان حصي ۾ ڏينھن جو دورانيو وڌيڪ هوندو ۽ راتون ننڍيون هونديون، انجي وجھ سان اهو حصو 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت سج جي روشني جي وجھ سان گرم رهندو، پر رات جو انکي ايترو وقت نہ ملندو جو اهو واپس پنھنجي نارمل پد حرارت تي وڃي سگھي جنھن جي وجھ سان ان حصي ۾ رهڻ وارا ماڻهون گرمي جي موسم جو مزو وٺندا، اتر اڌ گولي ۾ سڀ کان وڏو ڏينھن ۽ سڀ کان ننڍي رات ايڪويھ يا ٻاويھ جون تي ٿيندي آهي ان ڏينھن زمين جي ان حالت کي فلڪياتي اصطلاح ۾(Summer Solstice گرميءَ جي مند ۾ سج جي اتر يا ڏکڻ وڃڻ جو وقت) چئبو آهي انھن مھينن ۾ ڏينھن جي وقت سج هتان جي ماڻھن جي مٿان کان هوندو آهي، هاڻي اوهان سوچي رهيا هوندو تہ انھن مھينن ۾ ڏکڻ اڌ گولي ۾ بہ گرمي ئي هوندي تہ ائين ڪتئي نہ آهي، ڏکڻ اڌ گولي ۾ سڀ موسم اتر اڌ گولي کان ابتڙ هوندا آهن، يعني جيڪڏهن اتر اڌ گولي ۾ اپريل کان سپٽمبر جي مهيني تائين جو موسم گرم هوندو آهي تہ انھي مھينن ۾ ڏکڻ اڌ گولو گھڻو ٿڌ ۾ هوندو آهي، اهو حال نومبر کان وٺي ڪري فروري تائين جو آهي، جو انھن مھينن ۾ ڏکڻ اڌ گولي ۾ ان ڀاڱي گھڻي گرمي هوندي آهي جو آسٽريليا جي جھنگن ۾ باھ بہ لڳندي آهي پر انهي دوران مري، ناران، سوات وغيرھ جھڙن علائقن ۾ جيڪي اتر اڌ گولي ۾ آهن، برف ڪرندي آهي جنھن جو ماڻهون مزو وٺندا آهن، ان حالت ۾ زمين پنھنجي مدار ۾ ان مقام تي هوندي آهي جو ان جو محوري جھڪڻ سج جي ٻئي پاسي هوندو آهي ائين اتر اڌ گولي ۾ سڀ کان ننڍو ڏينھن ۽ سڀ کان وڏي رات ايڪويھ ۽ ٻاويھ ڊسمبر جو ٿيندي آهي، ان ڏينھن زمين جي ان حالت کي فلڪياتي اصطلاح ۾ (Winter Solstice سياري جي مند ۾ سج جي اتر يا ڏکڻ وڃڻ جو وقت) چئبو آهي، پر سال ۾ ٻہ پهر اهڙا ايندا آهن جو جڏهن سج جي تپش اتر ۽ ڏکڻ اڌ گولي ۾ هڪجهڙي پوندي آهي تہ ان ڏينھن جو رات جو دورانيو بہ هڪ جيترو هوندو آهي ان دوراني جي هجڪهري هجڻ جي وجھ سان ڏينهن ۾ سج وقت جو جيترو حصو زمين کي گرمائش ڏيندو آهي، رات جي وقت زمين انکي پوري طرح نيڪال ڪري ڇڏيندي آهي، ان موسم ۾ زمين پنھنجي مدار ۾ ان مقام تي هوندي آهي جو سج جي روشني سان اڌ اتر ڪرھ ۽ اڌ ڏکڻ گولو روشن ٿيندو آهي، اهو پهر ايڪويھ مارچ ۽ ٻاويھ سٽمبر جو ايندو آهي، ۽ انکي فلڪياتي اصطلاح ۾ (سپرنگ ايقوينوڪس موسم بھار ۾ اُسرڻ) ۽ اوٽمنل ايڪوانوڪس موسم خزان جو توازن) چئبو آهي، ان حالت ۾ بہ ٻنھي گولن ۾ موسم هڪ ٻئي کان مختلف هوندا آهن، ايڪويھ مارچ جو اتر اڌ گولي ۾ بھار جڏهن تہ انھي وقت ڏکڻ اڌ گولي ۾ خزان جو موسم ھوندو آھي، انجي ابتڙ ٻاويھ جو اتر اڌ گولي ۾ خزان موسم ۽ ڏکڻ ۾ بهار هوندي آهي
No comments:
Post a Comment