هڪ ارب سال اڳ زمين
ترجمو: دريا خان
هڪ ارب سال اڳ جي زمين تي ڪو انسان نہ هو، ڪو بہ جانور نہ هو ۽ رهي بہ نہ سگھي ها، ڏيڍ ارب سال وڏو پروٽيروزوئيڪ دور پنھنجي پڄاڻي تي هو، ڪولمبيا سپر کنڊ Continent ٽٽيء رهيو هو ۽ نيو سپر کنڊ Continent روڊينيا بڻجي رهيو هو، ان دور جون ڇپون جيو لوجسٽ سڄي دنيا ۾ ڏسندا آهن زمين تي رهندڙ آرڪيا، بيڪٽريا ۽ يوڪارئيوٽ هئا، زندگي مشڪل هئي پر اهي هر سمنڊ ۾ پکڙجي چڪا هيا، ارتقاء ٿيل هئا، ڇڪتاڻ وڌي رهي ھئي، ۽ اهي ڪيترين ئي ماحولن موجب تيار ٿي رهيا هيا، زندگي جي هر حڪومت جون شاخون بڻجي رهيون هيون، انھن منجھان ڪيتريون هاڻ باقي ناهين رهيون. ٻوٽن، جانورن ۽ فنگس جي ويجھو تقسيم ٿي رهي هئي، هڪ خلوي مخلوق جيڪي اڪيلا رهندا پئي اچي رهيا هيا، هاڻ پنھنجي ڪالوني ٺاهي رهيا هيا، ان سان گڏ ڪم جي تقسيم آئي، ڪالوني جي ٻاهرن خلين پنھنجو ڪردار اندروني خلين کان الڳ ڪري ورتو، اهو اچڻ واري پيچيدھ زندگي جو نقشو هو، اهو چئجي اسانجي شروعات جا ڪجھ شروعاتي پير رکي وڃي رهيا هئا، هي جنسي عمل جي ايجاد ٿي رهي هئي، سمنڊ ۾ سفنج ۽ الجي جون چادرون جيڪي ڳاڙهيون ۽ نيريون هيون، سمنڊ جي سطح کي ڍڪي رهيون هيون، ۽ وڏي عرصي کان مردھ پيل ڀيٽن تائين پھچي رهيون هيون. زندگي جي مشھوري ڪجھ شڪلن ۾ خشڪي تہ رهڻ جو طريقو ڳولهي ورتو، اوزون جي تھ اڃان نہ هئي، سج جي خطرناڪ الٽراوائلٽ شعاعن جي خلاف بچاو جي هي تھ اڃان نہ هئي، روڊينيا جي مردھ سطح تي گهميو ڦريو پئي وڃي سگھيو، ڇپن ۽ پٿرن جا رنگ ڏسجي پئي سگهيا، زندگي ڪٿي نہ نظر پئي آئي، صرف ڪجھ پٿرن تي فنگس جا خليا ڪالوني ٺاهي، انھن ڪالونين جي جسامت ماچس جي تيلي جي منهن کان وڏا نہ هئا
پروٽروزوئيڪ دور جي خاتمي تي زمين پنھنجي فضا جي ٽين قسط تي هئي، شروعاتي قسطن جي لاءِ ٻيو مضمون لکبو، زندگي ان ۾ آڪسيجن جو اضافو ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻ مقدار اڄ جي مقابلي ۾ گھڻي گهٽ هئي پر اها گهڻي قديم زندگي کي ختم ڪرڻ جي قابل هئي، پر آڪسيجن جي اچڻ نيا موقعا پيدا ڪري رهي هئي
زمين ۽ مريخ اڄ کان هڪ ارب سال اڳ گھڻا ملندڙ جلندڙ هيا، مريخ تي بہ ٿوري فضائي چادر، دريا، شاخون، سمنڊ هيا، زندگي جو هجڻ امڪانن نہ هو، پر ٻنھي سيارن وڏا مختلف رستا ورتا، مريخ هڪ مردھ ۽ ڄميل تارو آهي نہ اسانجي زمين جيان زندگي کان ڀريو، ان الڳ رستن جو ڪارڻ انجي نظر ايندڙ دل مان لڳائجي سگھجي ٿو.
هڪ ارب سال اڳ چنڊ بہ اڄ کان مختلف پئي نظر آيو، انجا ڪجھ هلڪا کڏا موجود نہ هيا، هي زمين جي گھڻو ويجھو هو، انجون لھرون گهڻيون اٿيون پئي، ويھن ڏينهن ۾ اهو زمين جي ويجھو چڪر پورو ڪري وٺندو هو، قمري مھينو ٿورو هوندو هو، زمين تي هڪ ڏينھن ارڙهن ڪلاڪن جو هو.
جڏهن روڊينيا بڻبو هو تہ زمين تي زندگي کي ٻہ ارب سال کان وڌيڪ ٿي چڪا هيا، زمين جي مرڪز ۾ هڪ ننڍڙو، پر اهم واقعو ٿيو، آهستي يعني ڏهين هزار سال ۾ انجي عين مرڪز ۾ تبدلي آئي، مينٽل جي هيٺ ڪور پگھريل حالت ۾ هو، پر انجي مرڪز ۾ ايٽم هڪٻئي سان ملي ڪري جڙڻ شروع ٿي ويا، هڪ هڪ ايٽم ملندي ملندي پهريون ڀيرو اتي ڪرسٽل ٺهي ويو، هي اندروني ڪور جي بناوت جو جنم هيو.
انکان هڪ ارب سال کانپوءِ 1933ع سائنس جي تاريخ جو اهم سال هو، ان سال هڪ آمريڪي ريڊيو انجينئر پهريون ڀيرو لوهي ڊش کي زميني مٿاڇري ڏا اشارو ڪري هڪ سگنل ٻڌو هو، ريڊيو اسٽرونومي جي پيدائش ٿي هئي، جنھن جي مدد سان اسان خلا ۾ پهريان کان گھڻو وڌيڪ پري تائين ڏسڻ جي قابل ٿياسين، ڪوانٽم ٿيوري تي شروڊنگر ۽ ڊيرايڪ کي نوبل پرائز مليو هيو، هٽلر جي چانسلر بڻجي وڃڻ کانپوءِ آئنسٽائين آمريڪا اچي ويا، لنڊن ۾ هڪ ٽريفڪ سگنل تي بيهندي سيڪلارڊ کي چين ري ايڪشن جو آئيڊيو آيو هو، جنھن سان ايٽم بم ٺهيو
زمين جي مرڪز ۾ هوا، اها لوھ جي ڪوانٽم فزڪس جي خاصيت جي وجھ سان ٿيو، انکي پڙهڻ جي لاءِ نيوڪلئير تجربن جي وجھ سان اهم اڳڀرائي ٿي، انجا تجربا هٿراڌو زلزلن جو ڪم ڪندا هيا، فلڪيات جي ڊيٽا ان طرف اشارو ڏئي پر 1933ع ۾ هڪ ٻئي سائنسدان اسانکي زمين جي اندروني ڪور جي باري ۾ آگاھ ڪيو، هي ڊنمارڪ جي ڪالوني ۾ زلزلن جي جنون ۾ ورتل ماهر ارضيات انگ لي مين هيا
ڪيترن سالن کان ڊيٽا گڏ ڪري ان جو تجربو ڪندي انھن کي هڪ نمونو نظر اچڻ شروع ٿيو هو، زلزلن جي لهرون اهڙيون نہ هيون جهڙيون هجڻ گھرجن ها، زمين جي هيٺ ڪٿي تسلسل ٽٽي رهيو هو، پنج سال جي تجربن ۽ شاهديون پوريون ٿيڻ کانپوءِ انھن پنھنجو پيپر 1933ع ۾ پڌرو ڪيو، انھن زمين جي هيٺ هڪ نيو علائقو دريافت ڪري ورتو هو، زمين جي اندروني ڪور هئي ڇا اها پڪي هئي، ان لاءِ ٽي ورهين انتظار ڪرڻو پيو
تاريخ ۾ ريڪارڊ ٿيڻ واري ٻيو سڀ کان وڏو زلزلو 27 مارچ 1964ع تي آيو، انجي شدت 9.2 هئي، ان نہ صرف الاسڪا جي ڀيٽن جي شڪل بدلي ڇڏي بلڪي سائنس جي بہ، سڄي دنيا ۾ زلزلي جي پيمائش ماپ جي لاءِ سيسمڪ ميٽر لڳل هيا، انھن تي لهرون ٻڌائي رهيون هيون تہ هر 247 سيڪند کانپوءِ زلزلي جون لهرون زمين کي لوڏي رهي هيون، ڪمپويٽر جي اچڻ کان اڳ هي سڀ گڏ ڪرڻ وڏو وقت لڳندو ھو، ڪنھن بہ ماڊل ۾ جواب 247 سيڪنڊ نہ ايندو هو، خالي ان وقت جڏهن زمين جي مرڪز ۾ پڪي ڪور هجي، انگ لي مين جو خيال صحيح هو، اندروني ڪور جي پيشنگوئي جي سڃاڻپ ٿي وئي، لي مين جي فوتگي 103 سال جي عمر ۾ 1993 ۾ ٿي، انھن جو آخري سائنسي پيپر تڏهن پڌرو ٿيو، ان وقت انجي عمر 99 سال هئي، اندروني ڪور جي اسرار جا پڙدا هڪ هڪ ڪري کلي رهيا هيا، اها خالي ڪا هڪ لوھ جو بال نہ هئي، گھڻو پيچيدھ ماڊل رکندي آهي انجي باري ۾ هاڻوڪي ورهين ۾ ٿيڻ واري ڪوانٽم مڪينڪس جي ماڊلز جي مدد سان ان وقت جيڪي ڄاڻيندا هيا، اهو هي تہ اندروني ڪور لوھ جي ڪرسٽلز جي جنگل جيان آهي
مريخ پنھنجي مقناطيسي فيلڊ ڇو وڃائي ڇڏيو جڏهن تہ زمين جو ڊائنامو هلي رهيو آهي، فضائي ڪرھ هاڻوڪي شڪل ۾ آهي انجو واسطو انجي بڻجڻ جي واقعي سان آهي، زمين جي اندروني ڪور جي گردش جي رفتار ٻاهرين ڪور جي گردش جي رفتار کان مختلف آهي، انجي وجھ سان هڪ ڊائنامو ايفيڪٽ پيدا ٿيندو آهي، هي زمين جي طاقتور مقناطيسي فيلڊ جي وجھ آهي، اها فيلڊ جنھن جي وجھ سان شمسي هوائون فضائي ڪرھ ۽ سمنڊ زمين کان نہ ڇڪجي سگھيون، سائنسدان ڊيوڊ وهائٽ هائوس موجب، اسان صرف سطح، روشني، ڪاربن ۽ توانائي جا ٻچا ئي نہ، زمين جي ڪور جا بہ آهيون.
پهرين تصوير زمين جي اندروني ڪور دريافت ڪرڻ واري سائنسدان انگ لي مين جي، ٻئي تصوير اندروني ڪور ۾ ڪرسٽل جي جنگ جي، هڪ ڪرسٽل جو سائز ڏھ ڪلوميٽر تائين ٿي سگھي ٿو
No comments:
Post a Comment