Pages

Monday, 4 November 2019

هڪ نظر ٽيڪٽونڪ پليٽن تي

هڪ نظر ٽيڪٽونڪ پليٽن تي
”دريا خان“

اسان زمين جي جنھن حصي تي رهندا آهيون انکي”ڪرسٽ Crust زميني تھ“ چئبو آهي جيڪا ظاهري طور ساڪين ۽ سڌو نظر اچن وارو زميني ڪرسٽ تھ حقيقتن ننڍن ننڍن حصن ۾ ڀاڳا ٿيل آهي، ۽ ان ۾ هر ان حصي کي هڪ وڏي”ٽيڪٽونڪ پليٽ Tectonic Plate“ چئبو آهي، ڪرسٽ تھ اندازن چوويھن ننڍين وڏين پليٽن ۾ ٽٽل آهي، انھن مان ست وڏيون، ڇھ وچوليون جڏهن تہ ٻارهن کن پليٽون ننڍيون آهن، وڏيون پليٽون ڇا آهن، اهو ڄاڻڻ کان پھريان زمين جي بناوت کي سمجھڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اسان زمين کي هڪ وڏو بصر تصور ڪيون تہ. ان بصر جو رداس Radius قطر، يعني نيم قطر 6,411 ڪلوميٽر هوندو. ان بصر جون کلون يعني زمين جي ڪرسٽ تھ جي موٽائي خالي 5 ڪلوميٽر کان 40 ڪلو ميٽر تائين هوندي. کلن جي اندر ڳريل مادو پٿرن تي مشتمل زميني”مينٽل Mantle چادر“ جي موٽائي 2,885 ڪلو ميٽر هوندي. جڏهن تہ بصر جو اندر وارو حصو يعني گھڻو گرم پر ڄميل زميني”ڪور Core اندرين حصي“ جي موٽائي 3,486 ڪلو ميٽر هوندي. پر زميني اندرين حصي جا بہ ٻہ حصا آهن، ٻاهريون حصو 2,270 ڪلو ميٽر جيترو ٿلهو آهي جڏهن تہ اندر وارو حصي جي موٽائي 1,216 ڪلوميٽر آهي.”ڪرسٽ Crust زميني تھ“ ۽ انجي هيٺان موجود مينٽل چادر جو سڀ کان ٻاهر وارو حصو هڪٻئي سان ملي ڪري ڪنھن”پڪي تھ rigid layer“ جيان عمل ڪندا آهن، ۽ انھن کي هر هنڌ تي”ليٿواسفيئر lithosphere“ يعني پٿريلي ڪرھ چيو ويندو آهي. جنھن جي موٽائي 3 ٽي سئو ڪلوميٽر کان 4 چار سئو ڪلوميٽر تائين هوندي آهي. وڏين پليٽون اصل ۾ اهڙي ليٿواسفيئر جا وڏ وڏا ٽڪڙا هوندا آهن، جيڪو ڳريل مادو چادر جي مٿان ترندا ۽ چرپر ڪندا رهندا آهن، پر وڏين پليٽن ۾ حرڪت ڪرڻ يا چرڻ جي رفتار گهڻي سست هوندي آهي. ايتريون سست جو هر پليٽ هڪ سال ۾ تقريبن ڏھ ملي ميٽر کان وٺي ڪري پنجاھ ميٽر تائين ئي پنھنجي جڳھ کان هٽندي آهي. 

No comments:

Post a Comment