ڦهلجندڙ ڪائنات
جيڪڏهن رات بلڪل صاف هجي ۽ وري چنڊ بہ نہ هجي، مٿي نهاريندو تہ جيڪي روشن ترين شيون اوهانکي نظر اينديون سي گھڻو ڪري، مريخ جوپيٽر ۽ وينس گرھ ئي هوندا. ان کان سواءِ تارن جو تمام وڏو تعداد ميڙ ڏسڻ ۾ ايندو، جيڪي آهن تہ اسان واري سج جيان پر سج جي ڀيٽ ۾ اسان کان گھڻو ڏور پري آهن، جيئن جيئن ڌرتي سج جي چوڌاري چڪر لڳائي ٿي تہ انھن منجھان ڪجھ هڪ هنڌ کتل تارا اصل ۾ هڪٻئي جي ڀيٽ ۾ پنهنجون بيهڪون تمام ٿورڙي حد تائين بدلائيندي نظر اچن ٿا. حقيقتن اهوئي هڪڙي هنڌ کتل آهن ئي ڪو نہ، اهوئي کتل فقط ان ڪري لڳندا آهن جو اهي گھڻن ڏورانهن تارن جي ڀيٽ ۾ اسان جي وڌيڪ ويجھو آهن. جيئن جيئن ڌرتي سج جي چوڌاري چڪر لڳائي ٿي، اسان انھن کي ڏورانهن تارن جي پس منظر آڏو مختلف بيهڪن کان ڏسون ٿا. اها ڳالھ فائديمندي آهي، ڇو تہ ان سان اسان پاڻ کي پاڻ کان انھن تارن جي وٿي جي ماپ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي، آهي جيترو اسانجي ويجھو آهن اوترو ئي حرڪت ڪندي نظر اچن ٿا، ويجھي ۾ ويجھو تارو، جنھن کي Proxima Centauri چيو ويندو آهي، اسان کان تقريبن چار نوري سال جي پنڌ تي آهي اتان کان اسان تائين روشني پهچڻ ۾ تقريبن چار سال لڳائي ٿي، يعني 1012×23 ميل پري. جن کي عام انساني اک ڏسي سگھي ٿي، تن منجھان گھڻي ڀاڱي تارا اسان کان ڪجھ سئو نوري سالن جي پنڌ تي آهن. انھن جي ڀيٽ ۾ اسان جو سج اسان کان فقط اٺ نوري منٽ پري آهي ۽ چنڊ اڍ سيڪنڊ، نظر ايندڙ تارا رات جو زميني سڄي مٿاڇري تي پکڙيل پئي نظر ايندا آهن، پر گھڻو ڪري هي جٿي ۾ ڳتيل ملن ٿا، جنھن کي اسين آڪاس ڊنڊھ يعني ملڪي وي چئون ٿا. اڄ کان گھڻو اڳ 1750ع ۾ فلڪيات جي ڪجھ ماهرن جو چوڻ هو تہ ملڪي وي جي اندازي وضاحت ڪري سگھجي ٿي، پر شرط اهو آهي تہ گھڻي ڀاڱي نظر ايندڙ تارا هڪ اڪيلي ٿالھي جھڙي شڪل هجن، اهو انجو هڪ مثال آهي جنھن کي اسين اڄڪلھ چڪردار ڪهڪشان ٿا ڪوٺيون يعني تارن پٿرن زمينن جو ميڙ، فقط ڪجھ ڏهاڪا پوءِ هڪ ماهر فلڪيات سر وليم ھرشل تارن جي هڪ گھڻي وڏي ميڙ جي بيهڪن ۾ وٿي جي درجا بندي تي گھڻي محنت ڪري ان خيال جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي، پر ان جي ڪارڻ بہ ان خيال کي مڪمل مڃتا هن صديءَ جي شروعات ۾ ئي ملي هئي،
ڪائنات بابت اسان جي جديد تصوير جا پيچرا 1924ع کان ملن ٿا، جڏهن آمريڪي ماهر فلڪيات ايڊون هبل اهو ڏيکاريو تہ ڪائنات صرف اسان جي ڪهڪشان جو نالو نہ آهي، درحقيقت ڪائنات ۾ تمام گھڻيون ڪهڪشائون هيون جن جي وچ ۾ مڪان جا سڀ خالي ڀاڱا هيا. اهو ثابت ڪرڻ لاءِ کيس انھن ٻين ڪهڪشائن جي وٿين جو اندازو ڪرڻ جي ضرروت هئي جيڪي ايڏيون تہ ڏور آهن جو ويجھن تارن جي ابتڙ اهي واقعي ئي هڪ هنڌ کتل لڳنديون آهن. ان ڪري هبل کي مجبورا انھن وٿين جو اندازو ڪرڻ لاءِ اڻ سڌا طريقا استعمال ڪرڻا پيا. ڪنھن بہ تاري جي ظاهري آب تاب ٻن جزن تي دارومدار رکندي آهي، هڪ اهو تہ اهو ڪيترا نوري ڪرڻا نيڪال ٿو ڪري، ان جي چمڪ ۽ ٻيو اهو تہ اهو اسان کان ڪيترو ڏور پري آهي. ويجھن تارن جي ظاهري آب تاب ۽ انھن جي وٿين جي تہ اسان ماپ ڪري سگھون ٿا، ۽ ان ريت اسان انھن جي چمڪ بہ ڄاڻي سگھون ٿا، ان جي ابتڙ جيڪڏهن اسان کي ٻين ڪهڪشائن جي چمڪ خبر هجي تہ اسان انھن جي ظاهري آب تاب جي ماپ ڪري انھن جا فاصلا لھي سگھون ٿا. هبل ڏٺو تہ ڪجھ مخصوص قسمن جا تارا جڏهن ماپ پيمائش ڪرڻ جي حد تائين اسان جي ويجھو هجن ٿا تہ انھن جي چمڪ هميشہ ساڳي ٿي رهي، ان بنياد تي هن دليل ڏنو تہ جيڪڏهن اسان کي اهڙا تارا ڪنھن ٻي ڪهڪشان ۾ بہ لڀي پون تہ اسان اهو فرض ڪري سگھون ٿا تہ انھن جي بہ چمڪ ساڳي آهي، ۽ ايئن اسان ان ڪهڪشان جو بہ فاصلو لھي سگھون ٿا جيڪڏهن اسان ڪنھن ھڪ ئي ڪهڪشان جي تارن جي چڱي خاصي انگن جي باري ۾ اهو ڪري سگھون تہ، ۽ جيڪڏهن اسان جي ڳڻپ سدائين ساڳيا نتيجا ڏئي تہ، اسان پنھنجي ڪٿ تي گھڻي حد تائين ڀروسو ڪري سگھون ٿا. ان طريقي سان ايڊون هبل نو مختلف ڪهڪشائن جا فاصلا معلوم ڪيا،هيئنر اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي ڪهڪشان انھن کربين ڪهڪشائن منجھان هڪ آهي جن کي جديد دوربينن جي مدد سان اسان مستقبل ۾ ڏسي سگھون ٿا، انھن منجھان هر ڪهڪشان ۾ کربين جسم آهن.
ڪتاب: ڪائنات جي ڳولھا
ليکڪ: سنڌيڪار نديم گل عباسي
ترجمو ڪيل: A Brief History Of Time
تارن جي چمڪ ۽ وٿي
ملڪي وي کان اڳتي
No comments:
Post a Comment