Wednesday, 2 October 2019

اکين جو رنگ ڏسڻ

اکين جو رنگ ڏسڻ
”دريا خان“

سادي طور تي نظر جي شروعات روشني جي پوت (پوتلي) Cornea ۽ بلور Lens مان گذرڻ سان ٿئي ٿي. اک جي پويان موجود عڪسولي Photo receiptor جي نرعڪسي Retina تي روشني پوڻ سان ئي Retina نرعڪسي جا گهرڙا ڪيمائي اشارا Chemical signals جيڪي هڪ طرح سان برقي اشارا Electric signals ئي هوندا آهن پيدا ڪندا آهن ۽ پوءِ هي اشارا Signals بصري تنت Optic nerve وسيلي دماغ جي ان حصي ۾ ويندا آهن جيڪي آخر ۾ ان منظر جي تصوير کي مرحلاتي عمل ذريعي اسان کي ڏيکاريندا آهن.
سڀ رنگ آرائيون انساني نظام بصارت جي ڪار گذاري آهن. ڪا بہ شي پاڻمرادو پنھنجي اندر ڪو رنگ ناهي رکندي پر سڀ شيون پاڻ سان ٽڪرائيندڙ روشني کي ئي منعڪس ڪنديون آهن. رنگ جو پيدا ٿيڻ سڀ کان پهريان منعڪس ٿيندڙ روشني جي اڳاڻ Frequency ۽ پوءِ روشني جي مختلف اڳاڻن Frequencies جي خاص طريقي سان پاڻ ۾ ملڻ کانپوءِ اک تائين پھچڻ تي دارومدار رکن ٿيون. جڏهن اک جي پٺئين حصي تي موجود خاص نرعڪسي Retina عڪسولن Photo receiptors تائين پھچندي آهي جن کي نباتي گهرڙا Cones سڏيو وڃي ٿو تہ نباتي گهرڙا Cones دماغ تائين پھچائڻ واري عضوي بصري تنت Optic nerve وسيلي انهن اڳاڻن Frequencies کي اشارن Signals ۾ تبديل ڪري موڪلي ڇڏيندو آهي. مٿي جي پويان واري حصي تي موجود دماغ جو خاص حصو ڪوپڙيو (کوپڙي جو پٺيون ڀاڱو) Occipital lobe نمونن کي مرحلا ڏيڻ لاءِ ذميوار حصو ان کي مرحلاتي عمل ذريعي منظر ۾ رنگ ڀرندو آهي

انساني اک ست کان ڏھ ملين رنگن ۽ ان جي پاڇي ۾ فرق ڪرڻ جي قابل هوندي آهي نرعڪسي Retina ۾ ٻئي قسم جا گهرڙا لٺ گهرڙا Rods جيڪي نباتي گهرڙن Cones کان تعداد ۾ گھڻا هوندا آهن اچڻ واري روشني جي ڊگهائي تي رد عمل  ڏيندا آهن. جيڪڏهن نرعڪسي Retina ۾ صرف لٺ گهرڙا Rods ئي هجن تہ دماغ شين کي صرف ڪارو ۽ اڇو ئي ڏسي سگهبو. حقيقتن نباتيا (نبات گهرڙا) Cones ئي منظر ۾ رنگيني وٺي اچڻ جا ذميوار آهن روشني جو نہ هجڻ يا غير موجودگي اوندھ جو سبب ٿيندي آهي



:- سنڌي ترجما سائين اصغر ساگر جي ٿورن سان

گروپ سنڌي ۾ شين جا نالا 
https://www.facebook.com/groups/285222902411181/

#ScienceJeDunya

No comments:

Post a Comment