ڊائنوسارز جو شڪار ڪرڻ وارو مانگر مڇ جھڙوڪ جانور
دريا خان:
اڄ کان ايڪويهہ ڪروڙ سال اڳ اسانجي زمين تي مانگر مڇ جھڙا خطرناڪ جانور بہ پاتا ويندا هئا جيڪي پنھنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ پاڻ کان ننڍن ڊائنوسارن جو شڪار ڪري انھن جو گوشت کائيندا هئا هي خلاصو آهي ان تحقيق جو جيڪا ڪجھ ڏينھن اڳ جرنل آف ايفريڪن ارٿ سائنسز جي شماري ۾ پڌري ٿي آهي
شڪاري ۽ گوشت خور جانورن جو هي گروپ رائيسوچيان چورائبو آهي جيڪو اڄ کان تقريبن پنجويہ ڪروڙ سال اڳ پيدا ٿيو ۽ ويھ ڪروڙ سال اڳ ختم ٿي ويو جيتوڻيڪ ان گروپ سان واسطو رکڻ وارن جانورن کي گوشت خور ئي سمجھو ويندو آهي پر هي خيال عام هئو تہ شايد هي ٻئي مري ويل جانورن جو گوشت کائي ڪري پنھنجو پيٽ ڀريندو هوندو
پر هاڻي جوهانسبرگ جنوبي آفريڪا جي يونيورسٽي آف وٽواٽرز رينڊز جي فريڊرڪ نولڪارڊ رائيسوچيان جا فوسلز پنڊ پهڻ جو نئي سر معائنو ڪري دريافت ڪيو آهي تہ ماضي جا هي مانگر مڇ جهڙوڪ جانور صرف گوشت خور هئا بلڪ شڪاري بہ هيا
نولڪارڊ ان مقصد جي لاءِ رائيسوچيان جي موجود فوسلز ۾ خاص طور ڏندن ڪياڙي جي ٽڪرن پٺيان جسماني عضوا ۽ انجي جسمن تي مظبوط حفاظتي چادر باڊي آرمر جي باقيات جو جائزو ورتو ۽ ان نتيجي تي پهتا تہ هي باقيات هڪ اهڙي جانور جي طرف اشارو ڪري رهي آهي جيڪو شڪار ڪري گوشت کائڻ وارو رهيو هئو
ان تحقيق جي دوران رائيسوچيان جي ٻن قسمن جي فوسلز جو مطالعو ڪيو ويو جيڪو تقريبن ڏھ ميٽر ڊگھا هئا مانگر مڇ جھڙا هي خطرناڪ جانور گاھ خور ڊائنوسارز جو شڪار ڪندا هئا جڏهن تہ هاڻوڪي ممالين کير پيڪا جو خاندان سمجھو ويندڙ قديم جانور بہ انجي کاڌو بڻبا هئا
ماهرن جو خيال آهي تہ جڏهن تائين زمين تي موجود رهيا تڏهن تائين دنيا ۾ انھن جي ئي حڪومت هئي پر اڄ کان ويھ ڪروڙ سال اڳ مفقو کانپوءِ زمين تي ڊائنوسارز جي حڪمراني جي شروعات ٿئي جيڪا ڇھ ڪروڙ پنجاھ لک سال اڳ تائين جاري رهي ۽ پوءِ ڊائنوسارز جون رهڙيندڙ قسمون تقريبن ختم ٿي ويون پوءِ مماليا کير پياڪ کي عروج مليو جيڪو ارتقا مرحلن کانپوءِ اڄ تائين جاري آهي
No comments:
Post a Comment