جنگ کان وٺي عام ماڻھن جي استعمال تائين
”ترجمو دريا خان“
سوويت يونين 4 آڪٽوبر 1957ع ۾ پھريون سيٽلائيٽ اسپونٽڪ خلا ۾ اماڻيو ٻئي ڏينھن صبحو جو هي اخبارن جي هيڊلائن ۽ جان هاپڪنس يونيورسٽي سان لاڳاپيل فزڪس ليب جي ڪيفي ٽيريا ۾ موضوع بحث هيٺ رهيو
هاڻي ڳالھين جي ڏي وٺ جي دوران اتان ڪنھن سوال ڪيو ”ڇا اسان ان سگنل کي ٻڌي سگھون ٿا؟، وائفن باڪ جيڪو مائيڪرويو جو ماهر هئو جن ڪجھ ڪلاڪن اندر پنھنجي آفيس ۾ هڪ اينٽينا ۽ ايمپليفائر سيٽ ڪري ورتو ۽ ٻڌڻ جي ڪوشش شروع ڪئي سوويت يونين انکي لڪائڻ جي ڪوشش نہ ڪئي هئي ڇوجو انھن پاڻ تي چاهيو تہ جيڪڏهن ڪو پڪ ڪرڻ چاهي تہ ڪري سگھي، ويھ ميگا هرٽز تي انجو اماڻيل سگنل ملي ويو جيڪا بيپ بيپ جي آواز هئي
ماڻھون ان آفيس ۾ گڏ ٿيڻ شروع ٿيا هي خلا مان ايندڙ پھريون سگنل هئو هڪ ماڻھون چيو ڇونہ اسان انکي ريڪارڊ ڪري وٺون ۽ پوءِ پنھنجي ڪمري مان اهو هڪ ريڪارڊر کڻي آيو، ريڪارڊ ڪرڻ سان گڏوگڏ هر آواز جي وقت کي لکندو ويو، پوءِ ڪنھن ٻئي ماڻھون کي خيال آيو تہ انجي ذريعي تہ اسان ڊوپلر ايفيڪٽ استعمال ڪندي انجي رفتار جو بہ پتو لڳائي سگھون ٿا، انجو پتو لڳائڻ کانپوءِ ڪنھن ٻئي رايو ڏنو تہ ڊاپلر ايفيڪٽ گراف جي ذريعي اسان اينٽينا کان فاصلي جي وٿي ڪڍي ڪري انجي مدار جي جانچ ڪري سگھون ٿا، ان تي انھن ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ يونيويڪ ڪمپيوٽر جو استعمال ڪرڻ جي اجازت وٺي ڇڏي ڪجھ ئي هفتن ۾ انھن ان سيٽلائيٽ جي مدار کي بلڪل صحيح نموني جانچي ورتو هي سڀ ڪجھ انھن ماڻھن پنھنجي شوق ۽ جاکوڙ واري جذبي سان ڪيو هئو
ان جي ٻن هفتن کانپوءِ انهن وٽان فرينڪ مڪ ڪلور ان ڪمري ۾ داخل ٿيا ۽ چيو اوهان زمين جي ھڪ جڳھ مان سيٽلائيٽ جو اڻڄاتل پتو صحيح ڄاڻي ورتو هئو ڇا انجي ابتڙ ڪري سگھجي ٿو يعني سيٽلائيٽ جي موجودا جڳھ کان زمين جي ڪنھن اڻڄاتل جڳھ جو صحيح نموني پتو لڳايو وڃي جيڪڏهن ائين ٿي سگھي تہ اهو نيوڪليئر سمنڊي جھاز جي رهنمائي ڪرڻ جي لاءِ وڏو مددگار ثابت ٿيندو، وائفن باڪ ۽ گوئير ڪجھ دير جانچ ڪرڻ کانپوءِ ٻڌايو تہ هي تہ انجي مقابلي ۾ گھڻو سولو مسئلو آهي
خيالن سان خيال ملي ڪري اڳتي وڌندي هي جي پي ايس جي پيدائش ٿي انجي شروعات آمريڪا جي سمنڊي جھاز مان سڀ کان پھريان سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڇھن سيٽلائيٽ جي نظام جي ذريعي 1978ع ۾ پھريون دفعو نيواسٽار جو سسٽم شروع ٿيو ۽ هاڻوڪي ٽيڪنالاجي واري سسٽم جنھن لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 24 سيٽلائيٽون گھربل آهن اهو 1993ع ۾ مڪمل ٿيو آمريڪي صدر بل ڪلنٽن مئي 2000ع ۾ پھريون ڀيرو انجي مڪمل سويلين استعمال جي اجازت ڏني ( پي پي ايس ان ۾ شامل ناهي) انجي مقابلي ۾ روس جي نيوي گيشن سسٽم گلوناس آهي جنھن جي ڪوريج ڏھ سال اڳ مڪمل ٿي آهي چين جو بيڊو نيويگيشن سسٽم آهي جنھن جي آپريشنل ٿيڻ جو ٽارگيٽ 2020ع آهي يورپ جي گليليو پوزيشننگ سسٽم، انڊيا جي نيوڪ ۽ جاپان جي ڪواسي زينٿ سسٽم بہ ان وقت جي چڪاس جا مختلف ڏاڪا ٿي رهيا آهن
آمريڪا پوئين چاليهن ورهين ۾ ان پراجيڪٽ ۾ پنج ارب ڊالر جي خرچ سان 72 سيٽلائيٽون خلا ۾ اماڻي چڪو آهي تازو هڪ ٻئي سيٽلائيٽ پڻ نيواسٽار جي جهرمٽ ۾ 31 هن وقت ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي زمين کان ويھ هزار ڪلوميٽر جي مٿاڇري تي موجود آهن هن وقت دنيا جي وڏي آبادي جو انگ موبائل فون وسيلي انھن سان رابطو ڪري جڳھ جي معلومات وٺي سگھي ٿي سمارٽ فون عام ٿيڻ جي وجھ سان هاڻي دنيا ۾ چار ارب کان وڌيڪ اهڙا اوزار آهن جيڪي ان سسٽم سان رابطا ڪري چڪا آهن
جيڪڏهن اوهان انجي استعمال سان ڪريم ۽ اوبر ڪار سروس جي جڳھ ڏسي رهيا آهيو تہ انجي پويان هي سيٽلائيٽ جو نظام آهي سوويت يونين پنھنجو پھريون سيٽلائيٽ اماڻڻ وقت، ايم آئي ٽي جي سائنسدانن پنھنجي شوقيا تجربن وسيلي يا وري آمريڪي حڪومت انجي غير فوجي استعمال جي اجازت ڏيندي وقت، شايد انجي هاڻوڪي استعمال بابت سوچيو بہ نہ هجي
#SovietSatelliteSputnik
No comments:
Post a Comment