زڪام Coryza
تحرير:
”اصغر ساگر“
”فھد رند“
”سنڌي انسائيڪلو پيڊيا“
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2276745302607548/
جڏھن موسم پاسو بدلائي ٿو تہ نزلي ۔ زڪام ۽ فلو جي تڪليف شروع ٿي وڃي ٿي. نڇون شروع ٿي وڃن ٿيون ۔ نڪ وھڻ لڳي ٿو ۔ ڳلي ۾ کچ کچ رھي ٿي ۔ ڳلو سڄي وڃي ٿو ۔ مٿي ۾ سور جي شڪايت رھي ٿي ۔ جسم بخار ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. دنيا ۾ رھڻ وارو ھر ٻيو انسان نزلي ۽ زڪام جو شڪار رھي ٿو. زڪام هڪ عام مرض آهي، جيڪو هر عمر جي ماڻهوءَ کي ٿي سگهي ٿو پر ڪمزور ۽ نازڪ طبيعت وارن ماڻهن تي اوچتو، سدائين ۽ گهڻي ڀاڱي حملو ڪندو آهي. هي هر موسم ۾ ٿيندڙ بيماري آهي، ڏٺو ويو آهي ته هن بيماريءَ جو حملو اڪثر وچ اونهاري ۽ سياري دوران ٿيندو آهي. هونئن تہ عام زڪام Acute Coryza طوفان وانگر ايندو آهي ۽ تڪڙو (هفتي اندر جلدي) ڇڏي ويندو آهي پر جيترو بہ عرصو هوندو آهي اوترو عرصو ماڻهو کي بيزار ڪري ڇڏيندو آهي. مريض جي آرام، بک ۽ صحت جي نظام کي ڊانواڊول ڪري ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن هي مرض ماڻهو ۾ ڪُھنو Chronic Coryza ٿي پوي تہ زندگيءَ جو هر پل بيقرار ڪري ڇڏيندو آهي ڇو تہ زڪام کڻي عام Acute هجي يا پراڻو ڪھهنو Chronic هجي، اڪيلو ناهي ٿيندو پاڻ ساڻ گڏ گهڻيون ٻيون بہ تڪليفون آڻيندو آهي. زڪام جڏهن وبائي بيماري اختيار ڪندو آهي تہ ان کي انفلوئزا چئبو آھي. زڪام جي مدت 3 ڏينھن کان 2 ھفتن کان ٿئي ٿي. سڄيل اکيون ۔ ڳاڙھيون اکيون ۔ ڳاڙھو نڪ ۔ نڪ ۾ سون سون جي آواز زڪام جي سڃاڻپ آھي. ٻارن کي سال ۾ 6 کان 10 بار ۽ وڏن کي 3 ڏينھن کان زڪام جي شڪايت رھي ٿي. زڪام جي مدت 3 ڏينھن کان 2 ھفتن کان ٿئي ٿي.
زڪام ۾ حيات روڪ Antibiotic دوائن جو استعمال مؤثر نٿو ٿئي ڇوجو اھي دوائون بيڪٽيريا ختم ڪن ٿيون پر زڪام جي سبب وائرس کي ختم نٿيون ڪن. ڪڏھن ڪڏھن زڪام بگڙجڻ جي ڪري بخار ۔ کنگھ ۔ بلغم ۔ نڪ مان بدبو ۽ مٿي جو سور پيدا ٿين ٿا ۔ اھڙي صورت ۾ حيات روڪ Antibiotic دوائن جي ضرورت پوي ٿي ۽ پوڙھن ماڻهن جا زڪام جي ڪري ڦڦڙ وٺجن ٿا ۽ انهن کي نمونيا ٿيڻ جي خطري جا امڪان رھن ٿا. صرف سردي زڪام جو سبب ناھي پر ھوا ۾ نمي جي ڪمي ۔ اونهاري جي گرمي ۽ سردين ۾ ٿڌي ھوا زڪام ۽ نزلي جي وائرس کي پکڙجڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
زڪام ۽ نزلي ۾ فرق :-
زڪام نزلي کان بہ خطرناڪ ٿئي ٿو. زڪام جي ڪري ماڻھو تيز بخار ۾ وٺجي وڃي ٿو جنھن جي ڪري سڄي جسم ۾ درد ۽ مٿي ۾ سور ٿئي ٿو. زڪام کان متاثر شخص جو نڪ وھي ٿو جنھن ڪري بلغم ريشي جي صورت ۾ نڪ ۾ جمع ٿئي ٿو ۽ ساھ کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. نزلي ۾ مريض کي ھلڪو ٿڪ ٿئي ٿو جڏھن تہ زڪام ۾ ٿڪ جو گهڻو احساس ٿئي ٿو. زڪام ۾ بلغمي کنگھ ٿئي ٿي ۽ بلغم نڪ توڙي وات مان نڪري ٿو جڏھن تہ نزلي جي صورت ۾ خشڪ کنگھ ٿئي ٿي. زڪام جا وائرس ھڪ شخص کان ٻئي شخص تائين پکڙجن ٿا جڏھن تہ نزلو پکڙجي ٿو ۽ خطرناڪ بيمارين جو سبب بنجي ٿو. نزلي جو وائرس خاص ڪري سياري ۾ متاثر ڪري ٿو ۽ ڪمزور مدافعت واري انسان کي جلدي وٺ ڪري ٿو. نزلي دوران ڳلي ۾ ڳاڙ ڪرندو رھي ٿو. نزلي ۾ اڪثر نڪ وھي ٿو ۽ ڳلي ۾ خارش ٿئي ٿي. نزلي جو ھم سبب وائرسي ڇوت آھي جنھن جي ڪري جيڪو شخص متاثر ٿئي ٿو ان کي ھلڪو بخار رھي ٿو ۔ جلد ٿڪ ٿئي ٿو ۔ ڳلي جي کچ کچ جي ڪري کنگھ ٿئي ٿي ۔ نزلي جي ڪري خشڪ کنگھ ۽ بلغمي ٿئي ٿي ۔ نڇون اچن ٿيون جنھن جي ڪري ھڪ شخص کان ٻئي شخص تائين پکڙجي ٿو.
زڪام ٿيڻ جا سبب Aetiology :-
ساھ جي سرشتي Respiratory Tract جي مٿئين حصي نڪ ۽ وات Naso-pharnx جي رستي، رينو وائرس Rhino Virus پھچي زڪام جو سبب بڻجندو آهي. رينو وائرس جي ڪري نڪ ۽ وات جي ساھ واري سرشتي سان لاڳاپيل اوڄن Tissues ۾ رڄيت Histamine وڌي وڃي ٿو جنھن جي ڪري ساھ واري سرشتي جي اُن هنڌ واريون رت جون ناڙيون (Blood Vessels) وڌيڪ پکڙجي (ڦنڊجي) ڪشاديون ٿي وڃن ٿيون جنھن جي نتيجي ۾ پاڻيٺي جهلين Mucus-membrane ۾ قدرت طرح پاڻي وڌي ويندو آهي جيڪو زڪام جي صورت ۾ نڪ مان وهندو آهي. ھن وائرس سان عام نزلو ۽ زڪام ٿيندو آهي. هي آر-اين-اي کان ٿورو وڏو ٿيندو آهي. هن تي پروٽين يا وٽامن جو تھ چڙهيل هوندو آهي، جيڪو ان کي محفوظ رکندو آهي. ھنن وائرسن ۾ ايتري صلاحيت نہ هوندي آهي جو اهي زندگي جو ڪم ڪار پاڻ سرانجام ڏئي سگهن جنھن لاءِ کين هڪ ٻانھن ٻيلي گهرڙي جي ضرورت پوندي اهي، جيڪو ان لاءِ پيدائشي ڪم ڪري سگهي. رينو وائرس ساھ جي مٿئين حصي بلغمي جهلي جي سطح تي واقع گهرڙن جي مرڪز تي حملو ڪندا آهن. ان وائرس تي جيڪو پروٽين جو تھ هوندو آهي، اهو هڪ قسم جي سڃاڻپ جو نشان هوندو آهي، جيڪو انهن کي مرڪز جي پھچڻ ۽ ڪڏهن تہ مرڪز تائين نہ پهچائيندو آهي. وائرس هڪ ڀيرو اندر پھچڻ کان پوءِ پنھنجا پروٽين يا وٽامن جا تھ لاهي ڇڏيندا آهن ۽ هن جا آر اين اي ان گهرڙي جي مرڪز تي حملو ڪندا آهن، جتي ميزبان گهرڙي جي پاڻ کي پيدا ڪرڻ واري مشين هوندي آهي. ان کان پوءِ ميزبان گهرڙي کي مجبور ڪندا آهن ته اهي وائرس جي آر اين اي ۽ پروٽين جا تھ ٺاهن. ٻن ٽن ڏينھن ۾ ميزبان گهرڙا لکين آر اين اي ۽ پروٽين ٺاهڻ جي لاءِ ضرورت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ڪري ڪمزور ٿي ويندا آهن، جيئن اهي ٻين ميزبانن تي حملو ڪري سگهن. بھرحال ميزبان گهرڙا مڪمل تباھ ٿيڻ کان پھريان پروٽين جي شڪل ۾ جنهن کي منجهڻو Interferon چئبو آهي موڪليندا آهن، جيڪو پاسن اوسن جي گهرڙين کي وائرس جي موجودگي جو ٻڌائيندو آهي ۽ کين خبردار ڪندو آهي تہ بچاءَ لاءِ سندن مدد پڻ ڪندو آهي، پر وائرس تيز ڪم ڪرڻ وارا هوندا آهن، وائرس ايترو تہ تيزي سان شروعات ڪندا آهن جو هو حاوي ٿي منجهڻي جي مڪمل حفاظتي ڪوشش کي ناڪام ڪري ڇڏيندا آهن. هن حد تائين نزلي جو مريض شايد غير معمولي ڳالھ محسوس ڪندو هجي پر وائرس جون فوجون نڪ ۽ ڳلي ۾ جمع ٿينديون رهنديون آهن. بھرحال جيئن ئي وبا ڦھلبي آهي، تيئن جسم حفاظتي قدمن سان گڏ رد عمل بہ ظاهر ڪندو آهي. نزلي جون پريشان ڪندڙ نشانيون وائرس نہ پر هي حفاظت طور ٿيل قدم پيدا ڪندا آهن. هنن جو هڪ حفاظتي قدم سوڄ بہ آهي. متاثر جڳھ تي رت جو وهڪرو وڌي ويندو آهي جنھن جي ڪري اها جڳھ سڄي ويندي آهي. سوڄ وارا گهرڙا پنھنجي ڪجھ پاڻيٺ ڪڍندا آهن، جيڪا بلغم سان ملي نڪ مان نڪرندي آهي، جنهن کي نڪ وهڻ چئبو آهي، نڪ جي اندرئين تھ جي سوڄ اچڻ جي ڪري نڪ ۾ رڪاوٽ بہ پيدا ٿيندي آهي، جيڪا نڪ جي اندر هوا وڃڻ جو رستو بند ڪري ڇڏيندي آهي جنھن جي ڪري مٿي جو سور پيدا ٿيندو آهي. نڪ ۾ هن ڊڪ ڊوڙ جي ڪري ڇڪون اچڻ شروع ٿينديون آهن، جيڪا نڪ کي صاف ڪرڻ ۽ ڪجھ وائرس ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش هوندي آهي. جيڪڏهن هي سرگرميون ڳلي تائين پھچي وڃن تہ دماغ جو مرڪز پنھنجا ننڍا ننڍا ڌماڪا ڪندو رهندو آهي، جيئن وائرس سان ڀريل پاڻي کي ڦڦڙن تائين وڃڻ کان روڪي سگهجي. هن دوران جسم جي گرمي جو درجو بہ وڌي ويندو آهي. نوجوانن ۾ 103 ف بخار ڪا غير معمولي ڳالھ نہ آهي. وڏي عمر جي ماڻهن ۾ بخار گهٽ هوندو آهي. 100 کان وڌيڪ بخار گهٽ ئي ايندو آهي. هن وقت تائين وبا جي شڪار ماڻهن پنهنجي بيماري جو بخوبي اندازو ٿي ويندو آهي. جسم جي مداخلتي نظام جا اڇا گهرڙا وائرس جي حملي واري جڳھ تي گڏ ٿي ۽ پنهنجو تعداد وڌائي وڙهندا آهن. وڏن اڇن گهرڙن جو گروپ جنھن کي ميڪروفيڪس چيو ويندو آهي. وائرس کي تباھ ڪندا ويندا آهن. ھي حفاظت ڪندڙ گهرڙا متاثر گهرڙن کي تباھ ڪندا ويندا آهن. هن سڄي جهيڙي جي آخر ۾ حالتن کي معمول تي آڻڻ واريون اجسما Antibodies پھچي وينديون آهن. هنن جو ڪم هي هوندو آهي تہ اهي پروگرام مطابق وائرس سان چھٽجي وڃن ۽ گهرڙن کي ميزبان ٺاهڻ کان روڪن. انهن مخصوص اجسمن Antibodies کي ٺاهڻ ۾ جسم کي ڪجھ وقت لڳندو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ اهي جيوڙن جي پھرئين حملي ۾ ڪوبہ ڪردار ادا ڪري نہ سگهندا آهن. هنن جي اهيمت هي آهي تہ جيڪڏهن هي هڪ ڀيرو پيدا ٿيڻ کانپوءِ جيوڙن جي خاتمي تائين سرگرم عمل رهنديون آهن. ٻئي ڀيري جيڪڏهن ڪو وائرس ظاهر ٿيندو آهي تہ اجسما Antibodies انهن جي حملي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ تيار رهنديون آهن.بدنصيبي سان نزلو پيدا ڪرڻ وارا رينو وائرس جا سئو کان وڌيڪ قسم هوندا آهن. اجسما Antibodies جيڪي صرف هڪڙي قسم کان بچائيندا آهن، ٻيو تہ رينو وائرس صرف نزلي جو 40 سيڪڙو پيدا ڪرڻ جا ذميوار آهن، نزلو پيدا ڪرڻ وارو ڪودونو وائرس آهي
ڦهلاءَ جا سبب Accessory Causes
زڪام جي ٿيڻ يا وائرس جي پکڙجڻ جا ڪيترا اضافي سبب پڻ آهن، جيئن هي وائرس هڪ مريض کان ٻئي صحتمند ماڻهو تائين آمھون سامھون ساھ ڇڏڻ ۽ کڻڻ دوران، مريض جي نڇ (ڇڪ) Sneeze ڏيڻ سان، مريض سان گڏ کاڌو کائڻ، مريض جو اوبر کاڌو کائڻ يا پاڻي پيئڻ، مريض جي ٿانون ۾ کاڌو کائڻ يا گلاس ۾ پاڻي پيئڻ يا مريض جو رومال ۽ ٽوال استعمال ڪرڻ سان آسانيءَ سان پھچي زڪام ڪري وجهي ٿو. ان کان سواءِ موسمي ماحول، اوچتو سردي لڳڻ، بدلجندڙ موسم، گرميءَ کان ٿڌ ۽ ٿڌ کان گرمي ۾ تبديلي، تمام گهڻي سردي ۽ گرمي، ٿڌ لڳڻ يا لڪ لڳڻ، گهم، طوفاني (مٽيءَ واريون) هوائون، دز، مٽي، ڌوڙ، گند ڪچري کي لڳايل باھ جو دونھون، گاڏين جو دونھون، سوڙها گهر، برف جو يخ ٿڌو پاڻي پيئڻ، ٿڌ ۾ ٿڌيون شيون (مشروب) پيئڻ، آئسڪريم ۽ گهڻا ڪيميڪل، ڪيميائي مادا، خوشبو (تيز) ۽ ڪاسميٽڪ جو سامان جيڪو ايلرڄي (Allergy) ڪري. هن وائرس جي اثر ٿيڻ ۽ پکڙجڻ جو مکيہ سبب بڻجن ٿا.
زڪام جا قسم Types of Coryza
(1) عام زڪام ۔ وقتي زڪام Acute Coryza
(2) ڪُھنو يا دائمي زڪام Chronic Coryza
(1) عام زڪام ۔ وقتي زڪام Acute Coryza
هن قسم جو زڪام اوچتو ٿيندو آهي ڪجھ ڏينھن رهندو آهي پوءِ جلدي گهاٽو ٿي سنگھ ۾ بدلجي پوءِ پاڻي ڇڏي ويندو آهي. هن قسم جو زڪام علاج کانسواءِ پاڻي ڇڏي ويندو آهي. ڏٺو ويو آهي تہ ڪيترا ماڻهو هن قسم جي زڪام جو علاج نہ ڪرائڻ باوجود ٺيڪ ٿي ويندا آهن. عام ماڻهن جو اهو خيال هوندو آهي ته هن قسم زڪام کي ٽن ڏينهن تائين ڇڏي ڏجي، وهي وهي پاڻي خشڪ ٿي ڇڏي ويندو ۽ ائين ئي ٿيندو آهي.
(2) ڪُھنو زڪام ۔ دائمي زڪام Chronic Coryza
هن قسم جو زڪام گهڻي وقت تائين هلندو آهي جنھن جو سبب ساھ جي سرشتي جي پاڻيٺ وارين جهلين ۾ دائمي سوزش Inflamation جي ڪري هر وقت پاڻيٺي جهلين Mucus Membrane مان پاڻي رسندو رهندو آهي. هن پاڻيءَ ۾ واڌان وقت ٿيندي آهي جڏهن مريض اهڙيون شيون واپرائيندو آهي، جنھن جي ڪري کيس الرجي ٿيندي آهي ۽ الرجيءَ جي ڪري ساھ جي سرشتي سان لاڳاپيل اوڄن ۾ Histamine مادو وڌي ويندو آهي جنھن جي ڪري ساھ جي سرشتي جي رت جي نتيجي ۾ پاڻيٺي جهلين ۾ اڳي کان بہ وڌيڪ پاڻي (زڪام جو پاڻي) وهندو آهي. الرجي Allergy پيدا ڪرڻ وارين شين (مادن) Substances ۾ خاص ڪري ڌُوڙِ، دزِ، مٽي، ڀتين جو ڄارو، وڻن جا سُڪل پن، ٻج، ٻُورو، گهر جي قالين جي مٽي، گند ڪچري کي لڳايل باھ جو دونھون، تيز خوشبو واريون هار سينگار جون شيون، عطر، يوڊي ڪلون، يوڊي ٽوائليٽ، صابڻ، پائوڊر، باڊي لوشن، ماسڪ ۽ فيشول جنهن ۾ 80 سيڪڙو اسٽرائيل الَڪَوحل Steryle Alcohol ۽ کٽي تيز خوشبو وارو سٽرونيلا تيل (Citronella Oil) مليل هوندو آهي. کان سواءِ کوڙ ڪيميائي مادا ۽ ڪيميائي گئسون جيئن سلور ڊاءِ آڪسائيڊ، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خاص ڪري نائيٽروجن آڪسائيڊ (جيڪو گاڏين جي دونھي ۾ خارج ٿيندو آهي) سڀني قسم جون اهڙيون ڪولڊ ڊرنڪس (ٿڌيون بوتلون Cold Drinks) جن ۾ سٽريٽ (Citrate) ۽ ڪاربان گئس هوندي آهي، ۽ ڪجھ کاڌن کان حساسيت اهي اهڙا عنصر آهن جيڪي الرجي ڪري وجهن ٿا. انهيءَ کانسواءِ هوا، ڌوڙ، دز ۽ مٽي وغيره ۾ موجود رائنو وائرس جڏهن ٻيھر ساھ جي سرشتي ۾ داخل ٿيندو آهي تہ مريض ۾ اڳي ئي موجود زڪام جو مرض ويتر وڌي ويندو آهي.
علامتون Clinical Symptoms :-
وقتي- عام زڪام ۾ زائنو وائرس جڏهن ساھ جي سرشتي (نڪ ۽ وات) ۾ پھچندو آهي تہ پھريائين نڪ ۾ خارش ۽ سُرڪو ٿيندو آهي ۽ ان سان گڏ نڇون (ڇڪون Sneezing) شروع ٿي وينديون آهن، نڙي خشڪ ٿي ويندي آهي، آهستي آهستي مرض وڌڻ ساڻ نڙيءَ ۾ سور، سُرڪو ۽ تپش Inflammation ٿيندي آهي، مٿي ۾ ٻُٽَ ۽ بارُ ٿيندو آهي. انهيءَ وچ ۾ اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن ۽ انهن ۾ سرڪو ۽ خارش ٿي پوندي آهي. انهن سڀني علامتن جي ظاهر ٿيڻ کانپوءِ نڪ مان پاڻي وهڻ شروع ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن وائرس جو حملو ڀرپور هوندو تہ اکين مان بہ ڪورائيندڙ يا سادو پاڻي وهڻ شروع ٿي ويندو آهي ۽ نڙيءَ ۾ سور ٿيندو آهي ۽ ڪن مريضن کي پگهر ايندا آهن، پوءِ
بخار ٿي پوندو آهي، اهڙي ڪيفيت ٽن چئن ڏينھن تائين رهندي آهي. ان کان پوءِ نڪ جو پاڻي آهستي آهستي ڄمي گهاٽو ۽ بلغمي ٿيندو ويندو آهي جڏهن زڪام موٽ کائيندو آهي تہ ڏينھن ٻہ هڪ ناس يا ٻئي ناسون بند ٿي وينديون آهن هن عرصي ۾ مريض وات مان ساھ کڻندو آهي ۽ کيس ڪافي پريشاني ٿيندي آهي.
زڪام دوران عام تڪليفون Common Ailments :-
(1) نڇون اچڻ ۔ ڇڪون اچڻ Sneezing:
زڪام دوران نڇن جو اچڻ هڪ عام ڳالھ آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن هي ايتريون تہ گهڻيون اينديون آهن جو مريض کي بي حال ڪري ڇڏينديون آهن. جيتوڻيڪ نڇون اچڻ مريض لاءِ فائديمند پڻ آهي ڇو تہ جيڪي زڪام جا وائرس نڪ ۽ ساھ جي سرشتي ۾ گڏ ٿي ويندا آهن، اهي نڇون ڏيڻ سان نڪ ۽ ساھ جي سرشتي مان ٻاهر نڪرندا آهن. اهڙي طرح نڪ ۽ ساھ جو سرشتو زڪام جي وائرس کان آجا ٿي ويندا آهن. اهو ڏٺو ويو آهي تہ جيتري گهڻي مقدار ۾ زائنو وائرس نڪ ۽ ساھ جي سرشتي ۾ گڏ ٿيل هوندا آهن اوترو گهڻي مقدار ۾ مريض کي نڇون اينديون آهن ۽ جيتريون گهڻيون نڇون اينديون آهن اوترو جلدي نڪ ۽ ساھ جي رستي مان رائنو وائرس نڪري ويندو آهي.
(2) ساھ کڻڻ ۾ ڏکيائي Dyspnoea :-
زڪام سبب مريض جو نڪ بند ٿي ويندو آهي تنھن ڪري کيس ساھ کڻڻ Inspiration ۽ ڪڍڻ Expiration ۾ تمام گهڻي ڏکيائي ٿيندي آهي. زڪام جو سڄو عرصو مريض جو ساھ گهٽبو آهي.
(3) کنگھ Cough :-
مريض جون ناسون زڪام جي ڪري بند ٿي وينديون آهن. تنهن ڪري زڪام جو ڳاڙو نڙيءَ رستي ڦڦڙن تي ڪرندو آهي. زڪام جي جنهن ڪيفيت کي Posterior Nares Dribbling چئبو آهي. جنھن جي ڪري مريض کي نڙيءَ ۾ سُرڪو ٿيندو آهي. جيڪڏهن زڪام جوپاڻي تيزابي هجي تہ مريض جي نڙي ڪنڊا ڪنڊا لڳندي آهي ۽ نڙيءَ ۾ سور ۽ سوزش Inflamation ٿي پوندي آهي. نڙيءَ ۾ سُرڪي جي ڪري مريض کي کنگھ ٿي پوندي آهي. جيڪڏهن زڪام جي تڪليف ڪن حالتن ۾ اڃان بہ وڌي وڃي ۽ نڙيءَ وارو ڳاڙو گهاٽو ٿي وڃي ۽ ڦڦڙن، ساھ وارين نلين ۽ ٿيلهين ۾ ڄمي پوي تہ مريض کي کنگھ سان گڏ سيني ۾ سور ۽ دم بہ ٿي پوندو آهي.
(4) مٿي ۾ سور Headache
جيترو بہ عرصو مريض کي زڪام هوندو آهي تہ مريض کي گهڻو نہ تہ بہ ٿورو گهڻو مٿي ۾ سور ضرور هوندو آهي ۽ جي مٿي ۾ سور نہ بہ هجي تہ بہ دماغ (مٿي) تي وزن ۽ دماغ سڄو ٻُٽيو پيو هوندو آهي. اکيون ڳاڙهيون هونديون آهن. جنھن جو سبب زڪام جي ڪري دماغ جي رڳن تي سيٽ ۽ سوڙھ Contraction هوندي آهي.
(5) بُخار Fever :-
زڪام کي بخار ڄڻ ڏاج ۾ مليل هوندو آهي. زڪام دوران بخار لازم ملزوم هوندو آهي جيڪڏهن مريض کي تيز بخار نہ هوندو آهي ۽ نڇون شروع ٿي وينديون آهن تہ بخار بہ اچي پنھنجا پير ڄمائيندو آهي. شروع ۾ تہ مريض کي جهيڻو تپ (ڪڻس) هوندو آهي پر جيئن زڪام زور ڀريندو آهي تيئن بخار زور ڀريندو آهي. شروع جا ٽي چار ڏينهن جسم ۾ بخار هوندو آهي پر جيئن زڪام جو زور ٽٽي پوندو آهي تہ بخار بہ پويان پير ڪندو آهي.
(6) ڪنن جي تڪليف Ear Ailments :-
نڪ ۽ ڪنن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ڳلي کان نڪرندڙ هڪ هوا جي نالي جنهن کي Eustachintube چئبو آهي جي وسيلي ٿئي ٿو. زڪام جو پاڻي جڏهن بہ وڌي ويندو آهي تہ نڪ جي بند هجڻ جي صورت ۾ اهو يا تہ اکين ۾ هليو ويندو آهي ۽ اتان پوءِ ڳوڙهن جي صورت ۾ وهندو آهي يا وري انهيءَ هوا جي نالي (ٽيوب) جي وسيلي ڪنن ۾ هليو ويندو آهي (جو ان هوا جي نالي (ٽيوب) جو هڪڙو ڇيڙو ڳلي ۾ آهي ۽ ٻيو ڇيڙو ڪنن ۾ آهي). زڪام جو پاڻي ڪنن ۾ گڏ ٿيندو ويندو آهي، جنھن جي ڪري ڪنن ۾ سُرڪاٽ، سُور ۽ سوڄ ٿيو پون. جيڪڏهن هتي زڪام جو پاڻي گهڻي عرصي تائين موجود رهي تہ اهو پاڻي گهاٽو ٿي ويندو آهي جيڪو ڪجھ ڏينهن کان پوءِ گند جي صورت وٺي بيھي ٿو. آخر ۾ اهو گند ڪنن مان وهندو رهي ٿو. هيءَ گند وهڻ جي تڪليف وڏن ماڻهن جي مقابلي ۾ ٻارن کي وڌيڪ ٿيندي آهي. جيڪڏهن هي گند ڪنن مان نہ وهي تہ ان صورت ۾ گند ڪنن ۾ اندر پکڙجي ويندو آهي ۽ جڏهن اهو ڪنن جي دُهلڙي (ڪنن جي ٻڌڻ وارو مرڪزي عُضوو) تائين پھچندو آهي تہ مريض ٻڌڻ کان لاچار ٿي ويندو آهي، يعني ٻوڙو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اسين ننڍن ٻارن توڙي وڏن ماڻهن جي ٻوڙائپ جا سبب ڳولينداسين تہ ان جو سبب اڪثر زڪام جو بار بار ٿيڻ Reccurent ٻيو اهڙي دائمي زڪام Chronic Coryza ۾ اهڙو علاج ڪرائڻ (ڪرڻ) جنھن ۾ زڪام جي پاڻيءَ کي زبردستي خشڪ ڪيو ويو هجي يا روڪيو ويو هجي. جنھن جي ڪري گند جلدي گهاٽو ٿي ڪنن جي ٻڌڻ واري مرڪز (دُهلڙيءَ) تي ڄمي ڪنن جي سمعي Acoustic قوت کي گهٽ ڪري يا ختم ڪري ڇڏيندو آهي، اهڙيءَ طرح ماڻهو ٻوڙو ٿي ويندو آهي. اهو بہ ٻڌائجي ٿو تہ جيڪڏهن زڪام جو گند تيزابيت وارو هجي ۽ ڪنن ۾ گهڻي وقت تائين گڏ ٿيل هجي تہ ان تيزابي گند جي اثر ڪري ڪنن جي ٻڌڻ واري پردي کي (ڪنن جي دهلڙي) يا خود ڪنن جي هڏين کي (جيڪي ڪچين ۽ نازڪ هڏين مان جڙيل هونديون آهن) جنکي ڪُرٽڻو هڏو Cartilage چئبو آهي اهو تيزابي پاڻي جيڪو بعد ۾ تيزابي گند بڻجي ويندو آهي انهن کي ڳاري وجهندو آهي، جنهن جي ڪري ڪنن جو ناسور Carries Of Ear ٿي پوندو آهي، جنھن جي نتيجي ۾ هر وقت ڪنن مان گند وهندو رهندو آهي.
(7) عام جسماني تڪليفون Physical Ailments :
زڪام جيترو بہ عرصو مريض ۾ هوندو آهي، اهو سڄو عرصو مريض کي جسم ۾ سور، بيقراري، جسم نِستو، ڪاهلي، جسم ڳورو، وات جو ذائقو مري (خراب ٿي ) ويندو آهي. اُن ساڻ گڏ بُک بہ مري ويندي آهي جسم جي هڏن ۾ سخت پيڙا وارو سور هوندو آهي، جنھن ۾ واڌارو رات جو خاص ڪري ٿڌ ۾ ٿيندو آهي. عام جسماني تڪليفن جو سبب پاڻيٺ وارن پردن Mucus Membrane مان گهڻي ڀاڱي (زڪام جي ڪري) پاڻي خشڪ ٿي (وهي وڃڻ) جي ڪري هوندو آهي. انڪري زڪام جي مريض کي وڌ ۾ وڌ پاڻيپيئڻ ۽ آرام ڪرڻ گهرجي. ظاهر ۾ تہ زڪام ننڍي بيماري ڏسڻ ۾ ايندي آهي پر هيءَ مرض جيترو بہ عرصو جسم ۾ موجود هوندو آهي اوترو عرصو بدن ۾ گهاڻي واري پيڙا هوندي آهي.
پرھيز :-
کٽاڻ ۽ کٽيون شيون :-
کٽاڻ ۽ کٽيون شيون لوڻ ۽ سرڪي مان تيار ٿينديون آهن، جنھن سان ڳلي جي سوڄ ۾ اضافو ٿيندو آهي تنھنڪري نزلي، زڪام ۽ فلو ۾ انهن شين کان پرهيز ڪرڻ کپي.
سخت ۽ ڪڙڪ شيون :-
فلو ۾ سخت يا ڪڙڪ کاڌو کائڻ سان ڳلي ۾ خشڪي پيدا ٿيندي آهي، جنھن سان کنگھ ۽ ڳلي جي خراش ۾ اضافو ٿيندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ خشڪ ميوا کائڻ کان بہ پرهيز ڪرڻ گهرجي.
ڪيفين وارا شربت :-
هيلٿ لائين جي هڪ رپورٽ موجب ڪافي، چانھن ۽ سافٽ ڊرنڪس جھڙا شربت جسم ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ڪندا آهن ۽ شڳر ۾ واڌ جو سبب بڻجندا آهن جنھن سان ڇوت Infection جي خاتمي ۾ سخت مشڪل پيش ايندي آهي.
شڳر فري مٺايون :-
شڳر فري مٺايون سوربيٽول مان ٺاهيون وينديون آهن. مطلب ميون جي نقلي مٺاڻ جنهن سان بدهضمي، ڊائريا ۽ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيندي آهي. سن کان سواءِ نقلي مٺاڻ سان مٿي ۾ سور ۽ ڳلي ۾ خراش جي شڪايت بہ پيدا ٿي سگھي ٿي.
چيڙھ واريون شيون :-
نزلو، زڪام ۽ فلو جي دوران چيڙھ وارين شين جھڙوڪ فاسٽ فوڊ، پنير ۔ ٿڌو پاڻي ۽ تيل ۾ تريل شين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو ڳلي جي سوڄ ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي ۽ هاضمي جو نظام بہ بگڙجي سگھي ٿو.
مرچن واريون شيون :-
صحت لاءِ مرچن واريون شيون نقصانڪار هونديون آهن. ان جي زيادتي سان هاضمي جو نظام، معدو ۽ جگر پڻ متاثر ٿيندو آهي ۽ گڏ گڏزڪام ۽ فلو جي تڪليف ۾ پڻ واڌ ٿيندي آهي.
مٺايون
مٺائن سان رت جا خليا ڪمزور پئجي ويندا آهن جنھن سان ڳلي جي سوڄ ۾ واڌ ٿيندي آهي. گھڻي مٺاڻ سٺي صحت لاءِ نقصانڪار هوندي آهي.تنھن ڪري ڪوشش ڪرڻ گھرجي تہ مٺاڻ حد ۾ رهجي واپرائجي.
اپاء :-
زڪام جي مريض کان گهٽ ۾ گهٽ پنجن گزن جي فاصلي تي رھڻ کپي.
برف واري پاڻي پيئڻ کان پاسو ڪجي.
چانورن يا ديڳ جو ڀت نہ کائجي.
زڪام فورن بند ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجي ۽دماغ مان رطوبت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪجي.
هلڪيون جلد هضم ٿيندڙ شيون واپرائجن.
کٽين ۽ سڻڀين شين کان پرهيز ڪجي.
زڪام جي شروعات ۾ هڪ ڏينھن بک تي رهجي تہ بھتر آهي.
غذا تازي هجي، پاروٿي غذا ۽ ٿڌو پاڻي بلڪل استعمال نہ ڪجي.
نڪ کي صاف رکجي، هڪ رومال هر هر استعمال نہ ڪجي پر ٽشو پيپر استعمال ڪري اڇلي ڇڏجي.
سموسن ۔ پڪوڙن ۔ تريل شين ۽ کير پيئڻ کان پرھيز ڪجي.
نزلي ۽ زڪام ۾ گوريون نہ کائڻ کپن ڇوجو دل جي دوري جي خطري کي 7 ڀيرا وڌيڪ وڌائن ٿيون. تائيوان ۾ طب جي ماهرن ۱۰ هزار کان وڌيڪ ماڻھن تي اسٽڊي ڪرڻ کان پوءِ انڪشاف ڪيو آهي تہ سيءَ ۽ زڪام جي دوائن جي استعمال سان دل جي دوري جو خطرو 3 ڀيرا وڌي وڃي ٿو. جرنل آف انفيڪشن ڊزيزز ۾ ڇپيل انهي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ سيءَ ۽ زڪام جي دوائن ۾ عام طور تي اينسيڊ قسم جون شين سان تعلق رکندڙ هڪ دوا آئبوپروفن بہ لازمي شامل هوندي آهي جيڪا جسم جي تڪليف ۾ وقتي طور گهٽجي ٿي پر ڪيترن ئي ڏينھن تائين استعمال واري حالت ۾ انهي سان دل جي دوري جو خطرو وڌي وڃي ٿو. ماهرين انهي ڳالھ جي تصديق ڪئي آهي تہ اهو خطرو انهي صورت ۾ ڏٺو ويو، جڏهن سيءَ ۽ زڪام جي دوائن ۽ گورين جي شڪل ۾ استعمال ڪيون ويون. جڏهن تہ انهي ساڳي دوا کي ٿيلهي ذريعي جسم ۾ هڻڻ سان 7 ڀيرا خطرو وڌي وڃي ٿو.
تدبيرون :-
(1) تدبير
جيرو تولو
ڌاڻا تولو
سونف تولو
پست ڪڻ تولو
ھرٻو تولو
گل بنفشہ تولو
کنڊ 6 تولا
ملائي ڪٽي پائوڊر ڪجي.
چپٽي پاڻي سان صبح شام
(2) تدبير
عناب 8 داڻا
کنڊ حسب ضرورت
رات جو عناب گلاس پاڻي ۾ پسائجي صبح جو اٻارجي اڌ بچي تہ کنڊ ملائجي ۽ جلد لاھجي. ڇاڻي پيئجي.
شديد زڪام ۽ نزلي لاء مجرب آھي.
(3) تدبير
بادام 7 عدد
ڪشمش 7 عدد
رات جو پاڻي ۾ پسائجي. صبح جو بادام ڇلي کائجن ۽ مٿان ڪشمش کائجي.
پراڻي زڪام ۽ نزلي جو بھترين علاج آھي. جن جا وار نوجواني ۾ اڇا ٿي وڃن ٿا انهن لاء بھترين آھي. 2 کان 3 مھينا استعمال ڪجي.
(4) تدبير
ھرٻي جا 9 داڻا پسيل صبح شام کائجن. ھرٻو رات جو پسائي صبح جو کائجي ۽ صبح جو پسائي رات جو کائجي.
(5) تدبير
نازبو جا 2 پن ڌوئي صبح شام کائجن.
(6) تدبير
ماکي چمچو
ھڪ ليمي پاڻي
ملائي پيئجي. ڪجھ ڏينھن استعمال ڪجي. زڪام ۽ نزلو دور ٿيندو.
(7) تدبير
ڪُٽيل ڪڻڪ 6 گرام
ڪارا مرچ 5 داڻا
وڏو ڦوٽو ھڪ عدد
پاڻي گلاس
ملائي ڪاڙھجي اڌ بچي تہ ڇاڻي پيئجي. سياري ۾ وڏو ڦوٽو ۽ اونهاري ۾ ننڍو ڦوٽو استعمال ڪجي.
نوٽ :- ڪوبہ ھڪ نسخو استعمال ڪجي.
No comments:
Post a Comment