زمان ۽ مڪان سڪڙن ۽ پکڙجن ٿا.
دريا خان سنڌي
پھرين وجھ:-
جڏهن ڪا شي صفا گهڻي رفتار اختيار ڪندي آهي ۽ رفتار گهڻي هجي ۽ ان جي پيمائش روشني جي رفتار جي سطح تي هجي تہ زمان ۽ مڪان جي گهڻائي ظاهر ٿيندي آهي. انکي نظريہ اضافت عمومي چئبو آهي.
ٻي وجھ:
جتي ڪشش گهڻي هجي تہ اتي وقت جي رفتار گهٽجي ويندي آهي ۽ فاصلو سڪڙجي ويندو آهي ان کي نظريہ اضافت چئبو آهي.
زمان ۽ مڪان جا ڦھلجڻ جا هي ٻہ بنيادي سبب آهن پر عام طور تي اسان جو ذهن انهن سببن تي مطمئن ناهي ٿيندو. اسان کي ائين لڳندو آهي تہ اصل سبب هي ناهي ڪجھ ٻيو آهي. ان جواب سان ذهن کي سمجھ ناهي ايندو ۽ بيچيني رهندي آهي. ان جو سبب آهي تہ اسان ننڍپڻ کان ئي زمان ۽ مڪان سان جنھن قسم جو معاملو رکندا آهيون ان ۾ وقت ۽ پولار ڊليٽ ناهن ٿيندا. اسان جي شعور جي ٻاھر جو ڪجھ تجربو ٿئي ٿو اھو ٻڌائي ٿو تہ زمان ۽ مڪان حقيقي تقسيم ۽ غير اضافي شيون آهن. زمان مڪان ٻين شين ۾ متغير يا غير متغير هجڻ لاءِ تہ حوالو آهي پر ان جي تغير لاءِ ڪو حوالو نہ آهي. پر هاڻ سائنس هي ٻڌائي ٿي زمان ۽ مڪان اضافي آھن تہ اسان جو ذهن ان ڳالھ کي قبول ناهي ڪندو. ان لاءِ جڏهن زمان ۽ مڪان جي اضافي هجڻ جا سب ٻڌائي بہ ڇڏجن تہ بہ اسانجو ذهن ڇو ڇو ڪندو آهي. انجي وجھ هي آهي تہ جديد فزڪس مخالف وجدان Counter Intuitive آهي
اسانجو ذهن هي ڳالھ آساني سان قبول ڪري ڇڏيندو آهي تہ اسان پاڻي تي ترڪندا آهيون، جڏهن تہ خالص سائنسي سطح تي اسان کي انجي وجھ بہ معلوم ناهي هوندي، جڏهن تہ حقيقت اها آهي تہ سائنسي سطح تي هي سوال ائين ئي آهن. وجھ هي آهي تہ اسان ننڍپڻ کان ڀت ۽ پاڻي سان گڏ اهي تجربا ڪيا آهن ان لاءِ هي تقسيم وجداني لڳندي آهي تہ اسان ڀت تان گذر نٿا ڪري سگهون يا پاڻي تي ترڪي پوندا آهيون. ڀت تان نہ گذر ڪرڻ يا پاڻي تي ترڪي وڃڻ وجداني Intuitive لڳندي آهي ۽ ان تي اسانجو ذهن ڇو ڇو نٿو ڪري تہ جيڪي سموريون شيون اسان کي معقول لڳنديون آهن انجي اصل وجھ اسان جي پراڻن تجربن جو حاصل جمع آهي. پڇاڙي صدين ۾ انسانن اهيئي تجربا ڪيا آهن جن سان اسان جي معقوليت جون نيون راهون کلي ويون.
No comments:
Post a Comment