Pages

Friday, 25 January 2019

نڪوٽين Nicotine

نڪوٽين      Nicotine
”اصغر ساگر“

نڪوٽين ڪيميائي مادو آھي جيڪو نائٽروجن تي مشتمل آھي جيڪو ڪيترن قسمن جي ٻوٽن مان ٺھيل آھي جنھن ۾ تماڪ بہ اچي وڃي ٿو. اھو ترڪيبي عمل ذريعي ٺاھيو وڃي ٿو. نڪوٽين قدرتي طور هڪ بي رنگ پاڻياٺ ٿئي ٿي، جيڪا ٻرڻ سان ناسي ۽ هوا ۾ وائکي ٿيڻ سان تماڪ جي بوءِ پيدا ڪري ٿي. نڪوٽينيا تماڪ Nicotiana tabacum نڪوٽين جو قسم جيڪو تماڪ جي ٻوٽن ۾ پاتو وڃي ٿو اھو نائيٽ شيڊ خاندان Nightshade family مان اچي ٿو. ڳاڙھا مرچ ۔ واڱڻ ۔ ٽماٽا ۽ پٽاٽا نائيٽ شيڊ خاندان جا مثال آھن. ان کان سوا نڪوٽين چانھن ۔ چاڪليٽ ۔ گوبي ۔ ساون مرچن ۽ ڪوڪا پلانٽ ۾ پاتي وڃي ٿي.
نڪوٽين پاڻ ڪينسر جو سبب يا پاڻ نقصانڪار ناھي پر اھو تماڪ جي گهڻي عادت ڏئي ٿو ۽ تماڪ تي ڀاڙيندڙ ماڻهن کي گهڻي نقصان جو شڪار ڪري ٿو. نڪوٽين ۾ اھڙي ڪو مواد ناھي جيڪو بيماري ۔ ڪينسر ۽ دل جي بيمارين جو سبب بنجي پر اھي ڏوھي ڪولتار Tar ۽ زھريليون گئسون Toxic gases آھن جيڪي ٻرندڙ تماڪ مان نڪرن ٿيون جڏھن تماڪ نوشي ڪجي ٿي. نڪوٽين خطرناڪ ناھي پر اھو پنھنجي نشي جي ھير ڏئي ٿو ۽ پنھنجي نشي جو عادي بنائي تماڪ نوشي طرف مائل ۽ راغب ڪري ٿو. نڪوٽين تماڪ جي عادت پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، نڪوٽين دل تي بہ اثر ڪندي آهي. جنھن ڪري دل جي ڌڙڪن وڌي ويندي آهي، نڪوٽين جي ڪري دل جون ناليون سُسَڻ لڳن ٿيون ان سان گڏ تماڪ ۾ ڪولتار Tar هوندو آهي، جيڪو انسان جي ڦڦڙن تي دونھين جو ڪارو تھ چاڙهي ڇڏيندو آهي، ان ڪري ساھ کڻڻ ۾ مشڪل ٿيندي آهي. نڪوٽين، انهن 4 هزارن کان وڌيڪ ڪيميائي مادن منجهان هڪ آهي، جيڪي تماڪ جي دونھين ۾ موجود ٿي سگهن ٿا ۽ اهو ئي دماغ تي اثر ڪندڙ اھم جزو آهي.
تماڪ کي چٻاڙڻ يا ڇڪي پيئڻ اڪثر ڪري تماڪ نوشي کان گهڻي نڪوٽين جسم ۾ آڻين ٿيون. نڪوٽين جا انساني جسم ۽ دماغ تي ڪيترائي گھرا اثر پيدا ٿين ٿا. نڪوٽين جسم ۾ نہ رڳو چمڙي، نَڪَ ۽ وات جي لعابي استر رستي داخل ٿئي ٿي تہ ڦڦرن ذريعي بہ جذب ٿي سگهي ٿي. جڏهن تہ سگريٽ رستي ڇڪجندڙ نڪوٽين کي دماغ تائين پھچڻ ۾ رڳو ڏهن سيڪنڊن جيترو وقت لڳي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ سِگار ۽ پائيپ ڇڪيندڙ جيئن تہ عام طور دونھون نٿا ڳھن، ان سبب جسم ۾ نڪوٽين وات جي لعابي استر رستي وڌيڪ آهستگيءَ سان پهچي ٿي. نڪوٽين کي ھيروئن وانگر ڇڏي نٿو سگهجي. نڪوٽين جا منفي اثر دل ۔ ھارمون ۽ معدي ۽ آنڊي جي سرشتي Gastrointestinal system کي متاثر ڪن ٿا. ڪجھ تحقيقن مطابق نڪوٽين ياداشت ۽ مرڪزي توجھ Concentration کي وڌائي ٿي. ھي اڏورڻن جي گهڻاڻ The rush of adrenaline جسم کي اڀار ڏئي ٿي ۔ تسڪين ڏئي ٿي ۽ جلدي گلوڪاڻ Glucose
 کي ڪڍي ٿي ۽ ساھ Respiration ۔ بي پي Bp ۽ دل جي ڌڙڪي Heart rate کي وڌائي ٿي. نڪوٽين لبلبي جي ٻاھرين انسولين کي دٻائي ٿي ۽ تماڪ نوشين ۾ ڪجھ ڪثير شڪري Hyperglycemic پيدا ڪري ٿي.

نڪوٽين جو جسم تي اثر :-
نڪوٽين مسڪن (سڪون ڏيندڙ) sedative ۽ متحرڪ (تحريڪ ڏيندڙ) stimulant آھي. جڏھن جسم ۾ نڪوٽين اچي ٿي تہ ھڪ جهٽڪو Cick لڳي ٿو. اھو اڏور غدود adrenal glands جي ڪري ٿئي ٿو جنھن جو نتيجو اڏورڻي (اڏور ھارمون) adrenaline جي نيڪال سان نڪري ٿو. اڏورڻي (اڏور ھارمون) adrenaline جي واڌ سان جسم ۾ تحريڪ اچي ٿي جلدي گلوڪاڻ Glucose
 وڌي ٿي ۽ دل جو ڌڙڪو heart rate ۽ بي پي Bp وڌي ٿو. نڪوٽين جي ڪري لبلبي Pancreas ۾ انسولين Insulin گهٽ ٺھي ٿي ۽ رت ۾ شڳر  Blood sugar يا گلوڪاڻ Glucose وڌي وڃي ٿي. اڻ سڌي طرح نڪوٽين دماغ جي خوشي ۽ حوصلاافزائي واري جڳھ مان ڏوپن Dopamine جي نيڪال جو سبب ٿئي ٿو. ساڳو اثر ٿئي ٿو جڏھن ماڻھو ڪوڪين Cocaine يا ھيروئن Heroin پيئندا آھن. نشائي کي نڪوٽين مان ساڳي خوشي واري حس Pleasurable sensation ملندي آھي. نڪوٽين گهڻي پيئڻ سان اڃان وڌيڪ ڊوز جي ضرورت پوي ٿي. ڏوپن Dopamine دماغي ڪيميائي Brain chemical  مادو آھي جيڪو جذبن Emotions ۔ چرپر Movements ۔ خوشي جي حس Sensations of pleasure ۽ ڏک جي حس Sensations of pain تي اثر وجهي ٿو. جيڪڏھن توھان جي ڏوپن Dopamine جي حد وڌي ٿي توھان جو اطمنياني احساس Feeling of contentment وڌي ٿو. نڪوٽين جي ڊوز تي ھوندو آھي فرد ڪيتري نڪوٽين واپرائي ٿو اوترو ان جو تنتي سرشتو اڀار کائي ٿو. نڪوٽين مسڪن (سڪون ڏيندڙ) پڻ Sedative وانگر ڪم ڪري ٿي.

نڪوٽين ۽ چانھن جو تعلق :-
چانھن جو جيتري قدر تعلق آھي ان ۾ تمام گهٽ نڪوٽين ٿئي ٿي جيڪا جسم تي نہ جھڙوڪر اثرانداز ٿئي ٿي 3 ڪلو چانھن ۾ 1 مائڪروگرام نڪوٽين ٿئي ٿي جيڪا گهٽ کان تمام گهٽ آھي پر چانھن کي گهڻي دير ڪاڙهڻ سان ان ۾ نڪوٽين جو ڪجھ مقدار وڌي ويندو آهي ان ڪري چانھن کي گهٽ ڪاڙھڻ کپي ۽ ڪڙڪ ڪري پيئڻ نہ کپي.

نڪوٽين ۽ ڪافي جو تعلق :-
 ڪافي بابت خيال ڪيو ويندو آھي تہ ان ۾ نڪوٽين موجود آھي پر ھن مھل تائين سائنسي تحقيقن مان ثابت ٿيو آھي تہ ڪافي ۾ نڪوٽين جي موجودگي ناھي.
تماڪ کي ڇڏي ڪري ٻين شين ۾ نڪوٽين جي موجودگي قدرتي طور تي بھتر اثر مرتب ڪري ٿي جيڪڏھن انهن قدرتي شين کي محدود بنياد تي کاڌو وڃي. ھي رت کي عضون ڏانهن وڌائي ٿي. قدرتي شين ۾ ھن جي محدود مقدار واپرائڻ سان رت جي گردش بھتر رھي ٿي ۽ دل ۾ فعاليت رھي ٿي.
 نڪوٽينيا تماڪ                Nicotiana tabacum
نائيٽ شيڊ خاندان             Nightshade family
زھريليون گئسون               Toxic gases
معدي ۽ آنڊي جي سرشتي   Gastrointestinal system
مرڪزي توجھ                   Concentration
اڏورڻن جي گهڻاڻ              The rush of adrenaline 
گلوڪاڻ                           Glucose
ساھ                                Respiration
دل جي ڌڙڪي                  Heart rate
نڪوٽين مسڪن (سڪون ڏيندڙ)      Sedative
متحرڪ (تحريڪ ڏيندڙ)       Stimulant
اڏور غدود                       Adrenal glands 
جهٽڪو                           Cick
اڏورڻو (اڏور ھارمون)       Adrenaline
لبلبو                                Pancreas
انسولين                           Insulin
رت ۾ شڳر                       Blood sugar
ڏوپن                               Dopamine
ڪوڪين                        Cocaine
 خوشي واري حس           Pleasurable sensation
خوشي جي حس              Sensations of pleasure
ڏک جي حس                  Sensations
اطمنياني احساس             Feeling of contentment
ڪولتار                           Tar
ڪثير شڪري                 Hyperglycemic

زمین جو هوائي، موسمي وايومنڊل Atmosphere of Earth

زمین جو هوائي، موسمي وايومنڊل
Atmosphere of Earth

اسانجي زمين زندگي جي جيئڻ لاءِ هڪ بھترين جڳھ آهي
ڇوجو انجي ڀرسان بھترين ڌرتي جو گولو، دائرو globe 
هوائي جو نظام موجود آهي، اهو ئي گولو هوائي وايومنڊل موسمن جي بدلجڻ زمين کي گرم رکڻ ۽ ساهہ کڻڻ جي لاءِ اسانجي مدد ڪندا آهن
اسانجي زمين جي گردش وايو منڊل هڪ نارنگي جي کل جيان آهي پر هي هر جڳھ هڪجهڙي ناهي هوندي ان وايو منڊل جا مختلف تهہ Layers آهن ۽ انھن جا ڪم بہ مختلف آهن زمين جي گول دائري ۾ ڇھ مختلف تهہ آهن هي زمين جي سطح کان مٿي خلا تائين پکڙيل آهن. 

پھرين تهہ: 
Troposphere
زمين جي سطح جي ويجهو ٽروپوسفيئر Troposphere جي تهہ آهي هي تهہ مختلف گيسن جو مرڪب آهي ۽ انهيءَ ۾ ئي پکي ۽ ڪڪر آڏامندا آهن هي تهہ زمين جي مختلف جڳھن جي حساب سان 8 کان 15 ڪلوميٽر موٽي هوندي آهي قطب تي انجي موٽائي سڀني جڳھن جي رتبي
گھٽ هوندي آهي ان تهہ جو ماس پوري فضا جي مقابلي ۾ ٽيون چوٿو هوندو آهي ان ۾ 78 سيڪڙو نائٽروجن، 21 سيڪڙو آڪسيجن ۽ 1 سيڪڙو ٻيون گيسون هونديون آهن. 

ٻئي تهہ: 
Stratosphere
ٻئي تهہ سٽراٽو سفئير Stratosphere جنھن کي چئبو آهي
انجي اندر وڌڪ تھون آهن هتي ڪو طوفان ناهين ايندا هتي ٿڌي ۽ گهڻي هوا هيٺ ۽ گرم ۽ هلڪي هوا جي تهہ مٿي هوندي آهي، هي تهہ 35 ڪلوميٽر موٽي آهي ان تهہ ۾ اوزون ليئر Ozone هوندي آهي جيڪا اسانکي سج جي Ultraviolet شعاعن کان بچائي ٿي. 

ٽي تهہ: 
Mesosphere
ان تهہ کي ميزو سفيئر Mesosphere چئبو آهي ميزو سفيئر ۾ بہ مختلف گيسون پاڻ ۾ جوڙيل ھونديون آهن هي 35 ڪلوميٽر موٽي هوندي آهي هتي هوا ايتري گهٽ هوندي آهي جو ساھ نٿو کڻجي سگھجي شھابين ثاقب ان تهہ سان ٽڪرائجي سڙڻ شروع ٿيندا آهن. 

چوٿي تهہ:
Thermosphere
ان تهہ کي ٿهرو سفئير چئبو آهي ان تهہ جو گرمي پڌ 2482 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگھجي ٿو جيڪڏهن اوهانکي هن تهہ ۾ وڃڻ جو موقعو ملي تہ اوهانکي تمام گهڻي ٿڌ لڳندي ڇوجو پڌ کي حرڪت ڪرڻ جي لاءِ هوا جي ماليڪيول تمام گهٽ تعداد ۾ آهن ۽ ماليڪيول گهٽ هجڻ ڪارڻ آواز بہ سفر نٿي ڪري سگهي، هتي هوا جي ماليڪيولز جي ويجھي سراسري فاصلو هڪ ڪلوميٽر هوندو آهي هي تهہ 513 ڪلوميٽر موٽي آهي
ٿهرموسفيئر آئي ايس ايس جي مختلف سيٽلائيٽس جي جڳھ آهي. 

پنجي تهہ: 
Ionosphere
ان تهہ کي آئينو سفيئر چئبو آهي هي تهہ فضا جو هڪ متحرڪ تهہ آهي سج کان توانائي جذب ڪرڻ سان انجي موٽائي گهٽ وڌ ٿيندي رهندي آهي سج جي ريڊي ايشن ان تهہ ۾ موجود گيسن کي متحرڪ ڪري آئنز ۾ تبديل ڪندي آهي جنھن جي مٿان برقي چارج اچي ويندي آهي
ان تهہ تي ارورا Aurora جو منظر ڏسڻ ۾ ملندو آهي ڇوجو
سج سان ايندڙ گهڻي توانائي واريون شعاعون ايٽمز سان گڏ عمل ڪري قطب جي مٿان چمڪندڙ روشني پيدا ڪندي آهي ان تهہ جي وجهہ سان ريڊيو ڪميونيڪيشن قائم ڪري سگھجي ٿي ڇوجو هي تهہ ريڊيو ويوز کي منعڪس ڪندي آهي. 

ڇهين تهہ: 
Exosphere
اڪسو سفئير کان ٻاهرين تهہ آهي هي تهہ اسانجي فضا کي خلا کان ڌار ڪندي آهي هي تقريبن 10,000 ڪلوميٽر موٽي آهي هتي هائيڊروجن، نائيٽروجن، آڪسيجن، ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ ۽ هيليئم گيسن جي گهڻي ئي گهٽ گهٽ ماليڪيول ۽ ايٽم هوندا آهن ايترا گهٽ جو سيڪڙن ڪلوميٽر بغير ٽڪرا هيڏا هوڏا ڦرندا آهن ۽ خلا بُرد ٿي ويندي آهي هتي جو گرمي پڌ گھڻو گھٽ آهي ۽ ان حصي تي بہ سيٽلائيٽ زمين جي گردش ۾ چڪر لڳائي رهيون هونديون آهن

:- دريا خان سنڌي

دوا کي پهچائڻ تي مامور پاڻي جيان هيئٽ تبديل ڪندڙ روبوٽس

دوا کي پهچائڻ تي مامور پاڻي جيان هيئٽ تبديل ڪندڙ روبوٽس 
دريا خان سنڌي 

زیورخ سائنسدانن اهڙي لچڪدار روبوٽ بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جيڪو پاڻي جي طرح پنھنجي هيئٽ تبدیل ڪرڻ جي صلاحيت رکندا آهن ۽ هي انساني رت ۾ ترڻ جي صلاحيت بہ رکندا آهن 
 تحقيقي جريدي سائنس ايڊوانس ۾ پڌرو ٿيندڙ هڪ مقالي موجب سائنسدانن سلمان ساڪر جي قيادت ۾ ٻن انجینئرنگ ڪمپني جي ماهرن اهڙي لچڪدار روبوٽس بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جيڪو مائع جي طرح پنھنجي هيئٽ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا 
ان روبوٽس کي بيڪٽيريا جي شڪل جي طرح بڻايو ويو آهي جيڪو ترڻ جي صلاحيت سان بہ گنڊيل آهي ۽ هي ويجهي واري ماحول جي تحت پنھنجي شڪل بہ تبديل ڪري وٺندا آهن هيستائين جو پنھنجي رفتار گھٽ ڪرڻ کانسواءِ رت جي رڳن ۾ بہ سفر ڪري سگھن ٿا 
انھن روبوٽس ۾ اهڙو انٽيليجنس پروگرام مرتب ڪيو ويو آهي جنھن جي مدد سان هي ربورٽس پاڻي ۽ رت ۾ بہ تري سگھن ٿا ۽ پنھنجي نامزد ڪيل فرضن کي سهي طريقي سان انجام ٻہ ڏئي سگھندا آهن جنھن ڪارڻ طب جي دنيا ۾ انکي انقلاب تصور ڪيو ويو آهي 
سائنسدان ان ايجاد کي جسم ۾ دوا کي پهچائڻ ڦٽن کي ڀرڻ ۾ هٿي وٺرائڻ واري ايجاد پڻ چيو آهي جنھن سان طب جي دنيا ۾ حيرت انگيز ڪم سرانجام ڏئي سگھجن ٿا

ڪارو مادو Dark matter

ڪارو مادو      Dark matter
”اصغر ساگر“

عدم کي ڪجھ بہ نہ چئبو آھي. ائين کڻي چئجي عدم لاموجود آھي. اسان عدم کان آياسين، ھتي موجود آھيون ۽ لاموجود ڏي وينداسين. عدم ۽ لاموجود جو سفر ھر ڪنھن سان ڳانڍاپيل آھي. جنھن کي اسان لاموجود سفر چئون ٿا اھو ڪائنات ۾ موجود آھي ڇوجو اسان لاموجود کان آياسين ۽ موجود اظھار ٿياسين. ڪائنات لاموجود ۽ موجود سفر جي ڳانڍاپي سان پنھنجي اڪاين کي مربوط ڪيون پنھنجو اظھار ڪري ٿي پئي. ڪي شيون موجود آھن جن کي ڏسون ٿا ۽ ڪي شيون لاموجود آھن جن کي ڏسي نٿا سگهون پر احساسن جي ادراڪ سان انهن جي پتي جي ڄاڻ رھي ٿي.
فزڪس جا شاگرد جوڙاپت Pair Production ۽ فنا Annihilation جي تجربي شدھ حقيقت کان ضرور واقف ھوندا. جڏھن ھڪ فوٽان Photon ڪنھن نيوڪلي Neuclei سان ٽڪرائي ٿو تہ 2 ليپٽان Lepton پيدا ٿين ٿا جن ۾ ھڪ اليڪٽران Electron سڏرائي ٿو ۽ ٻيو پازيٽران Positron  سڏائي ٿو. فوٽان مادي جو ذرو ناھي يعني فوٽان مادو ناھي ان جي ٽڪراء سان اليڪٽران پيدا ٿين ٿا جيڪي مادي جا ذرا آھن. مطلب عدم موجود مادو  Matter out of nothing پيدا ٿي ويو. جيڪي ماڻھو ڪوانٽم فليڪچوئيشن Quantum fluctuation کان باخبر آھن اھي ڄاڻن ٿا مادي جي عدم مان پيدا ٿيڻ تي موجودھ دور جي فزڪس کي يقين آھي.
ھاڻي ڪجھ ڪئار Quarks وٺو ۽ ڪجھ ليپٽان Lepton (اليڪٽران) وٺو انهن جي ميلاپ سان نئون ايٽم Atom تخليق ڪري سگهجي ٿو. ڪيڏي عجيب ڳالھ آھي نئون ايٽم تخليق ڪرڻ ڄڻ تہ مادو تخليق ڪرڻ آھي ڄڻ ڪائنات تخليق ڪرڻ آھي.
بھترين اندازا ٻڌائن ٿا ڪائنات ۾ ڪل ايٽمن جي تعداد ھڪ کان پوء ايندڙ انهن ٻڙين جي برابر عددن جيتري آھي. جيڪڏھن ڪائنات جي موجود ستارن ۽ سيارن جو مادو جمع ڪجي تہ ھن ڪائنات ۾ مادي ۽ توانائي جي ڪل مقدار 0.5 بيھي ٿي يعني پورو ھڪ فيصد بہ نہ صرف ھڪ جي اڌ جيترو. جيڪڏھن ھيڊروجن گئس بہ جمع ڪئي وڃي جيڪا ستارن ۽ سيارن جي خلا جي درميان ٿئي ٿي جنھن کي اسان روشني جي موجودگي ۾ ڏسي نٿا سگهون ان کي ملائي ڪائنات ۾ موجود مادو ۽ توانائي 4 فيصد بيھي ٿو.
 باقي 96 فيصد ڪارو مادو ۽ ڪاري توانائي آھي جنھن کي اسان ڏسي نٿا سگهون.
(1) 4 سيڪڙو عام مادو
(2) 23 سيڪڙو ڪارو مادو
(3) 73 سيڪڙو ڪاري تونائي.
(4) ڪاري مادي جي عمر 13.7 ارب سال
1920ع تائين سائنسدانن کي ڪھڪشائن جي خبر نہ ھئي. ھبل دوربين ذريعي سائنسدانن کي اڻ کٽ پکڙندڙ ڪھڪشائن جي خبر پئي نہ تہ پھرين ھڪ ڪھڪشان جو تصور ھيو جنھن ۾ اسان رھون ٿا.ان کان پوء بگ بينگ ۽ بليڪ ھولن جا تصور اڀري آيا.
ھاڻي اسان کي پھرين ڪشش ثقل کي سمجهون ٿا جيئن اسان کي ڪاري مادي جي وڌيڪ اھميت جي خبر پوي تہ ڪيئن ڪارو مادو پاڻ ۾ وڏي ڪشش ثقل رکي ٿي انهي سان گڏ وڏي ڌڪ رکي ٿو ۽ بي انتھا تيزي رکي ٿو جيڪي عمل ڪشش ثقل ۾ موجود ناھن.
ھي ڪائناتون ھڪ ٻئي کان ڀڄنديون پري ٿينديون رھن ٿيون ڇا اتي توانائي سان پوراء ٿئي ٿو يا ڪشش ثقل سان. ايڏي وڏي ڪائنات جي پکڙجڻ لاء ڪشش ثقل تمام گهٽ آھي ان جو گهڻو مقدار کپي. اسان جي ڪائنات جو سمورو مادو بہ ملي ان جو پوراء نٿو ڪري سگهي. تہ پوء اھا ڪھڙي طاقت آھي جيڪا مادي کي ھڪ ٻئي پرتي ڌڪي رھي آھي.
ڪشش ثقل ڪنهن بہ صورت ۾ ڪائنات جو بنيادي فورس نہ آهي پر هڪ هنگامي حقيقت آهي جيئن گرميءَ جو درجو هڪ هنگامي نتيجو آهي جيڪو خوردبيني ذرڙن جي چرپر مان اڀري ٿو. ٻين لفظن ۾ ڪائنات ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي انهيءَ ۾ ڪشش ثقل هڪ سائيڊ افيڪٽ آهي نہ ڪي سبب. ڪاري مادي جو نظريو خلا Space، وقت Time ۽ ڪشش ثقل Gravity واري نطريي کي يڪسر تبديل ڪري رھيو آھي.
ڪاري مادي جي نظريي اڀرڻ سان اسان مشاهدي هيٺ ايندڙ ڪائنات کي ڏسون ٿا تہ ڪارو مادو ڪائنات جي اندر ڪھڪشائن ۾ موجود ڪشش ثقل Gravity، مادي Matter ۽ گيس Gas جي مجموعي قوت کان وڌيڪ آهي.
ڪاري مادي جو نظريو انقلابي نظريو آھي جيڪو خلا Space ۔ وقت Time ۽ ڪشش ثقل Gravity تي ٻيھر سوچڻ جي دعوت ڏئي ٿو ۽ جھڙوڪر آئينسٽائين جي ڪشش ثقل واري نظريي کي رد ڪري ٿو.
ڪنھن بہ مادي يا شي کي ڏسڻ لاء ضروري آھي تہ اھو مادو روشني کي پاڻ ۾ جذب ڪري ٿو يا خارج ڪري ٿو. جيڪڏھن اھو مادو روشني خارج ڪري تہ اھا شي اسان کي رنگين نظر ايندي، اھو مادو جيڪڏھن روشني کي جذب ڪندو تہ اھا شي ڪاري نظر ايندي. پر اھي علامتون ڪاري مادي ۾ موجود ناھن باقي ڪارو مادو ڪشش ثقل جي تمام وڏي مقدار فراھم ڪري ٿو. ھي مادو لڪل آھي. ڪشش ثقل فراھم ڪرڻ جي بنياد تي ڪارو مادو مختلف ڪھڪشائن جي ترتيب رکيون ويٺو آھي. ڪاري مادي جي ڪري تارا ۽ سيارا ڪھڪشان نٿا ڇڏين. ڪائنات وسيع آھي ڏينھون ڏينھن پکڙجي رھي آھي. اسان جا ستارا ۽ سيارا ڪھڪشان کي ڪاري مادي جي ڪري نٿا ڇڏن جيڪو کين سڪ پڪڙيون بيٺو آھي.
اسان ڄاڻون ٿو ڪائناتون لڳاتار وڌيڪ پکڙجي رھيون آھن. انهن جي پکيڙ جي رفتار کي ڪيئن ماپجي؟ حاضر دور جي فلڪياتدانن وٽ رفتار جي پيمائش جو ھڪ طريقو رھيو اھو ھيو سپرنووا جي ڦٽجڻ جو منظر. سپرنووا ڌماڪو ھڪ مرندڙ ستاري جو آخري ڌماڪو ٿئي ٿو جنھن کان پوء ڦاٽي پوي ٿو ۽ تمام وڏو شعلو طاقتور دوربينن ذريعي آسمان تي ڏسي سگهجي ٿو. سپرنووا جو ھي قسم ڪائنات جي پکيڙ جي رفتار جي پيئمائش جو مناسب ترين وسيلو آھي.
ھن ٽيڪنڪ جو طريقو ھن ريت ھيو جيڪڏھن سپرنووا وڌيڪ چمڪ ۽ ڌماڪي سان ڦاٽي ٿو تہ اھو ويجهو آھي جيڪڏھن مدھم چمڪ ۽ ڌماڪي سان ڦاٽي ٿو تہ دور آھي. پيمائش جو ھڪ ٻيو طريقو جڏھن ستارا اسان جي ويجهو اچن ٿا تہ اھي نيرا نظر اچن ٿا جڏھن ستارا اسان کان دور وڃن ٿا تہ اھي ڳاڙھا نظر اچن ٿا جيترو تارو گهڻو ڳاڙھو اھو اسان کان اوترو دور وڃي ٿو. ڪھڪشائون ڳاڙھيون نظر اچن ٿيون مطلب اسان کان دور آھن. جڏھن اسان ھڪ رخ ۾ ٻہ ڪھڪشائون ڏسون ٿا ھڪ گهٽ ڳاڙھي ۽ ٻي گهڻي ڳاڙھي اسان چوندا آھيون گهڻي ڳاڙھي ڪھڪشان گهٽ ڳاڙھي ڪھڪشان کان دور وڃي رھي آھي اسان کان بہ. ھڪ ڪھڪشان ٻي ڪھڪشان کان ٻيڻي يا وڌيڪ رفتار سان دور ٿي رھي آھي. ان ڪري ڪھڪشان جو رنگ ان جي رفتار کي ظاھر ڪري ٿو.
ڪھڪشائن جي پيمائش جي ٻنهي طريقن تي سائنسدانن ۾ ڪوبہ اختلاف ناھي. 1998ع ۾ اھا ئي ٽيڪنڪ استعمال ڪندي ٻہ وڏا تجربا ڪيا ويا جنھن ۾ ڏور کان ڏور سپرنووا جي رفتار جو مطالعو ڪيو ويو. تجربن مان معلوم ٿيو تہ ڪائنات جي پکيڙ وارن نظرين مطابق پيش ڪيل پيشنگوين جي نسبت ڪائنات جي سڀ کان دور سپرنووا قدرن وڌيڪ مدھم ھيو مطلب ستارا فاصلي کان وڌيڪ گهڻو گهڻو دور ھيا. اھڙو نتيجو ڏسي ماھر تجسس ۾ پئجي ويا. ايستائين سمجهيو پئي ويو تہ ڪشش ثقل صرف قوت آھي ۽ ستارا ڏور کان ڏور وڃن ٿا پيا ان ڪري ئي ڪائنات جي پکيڙ جي رفتار سست کان سست ٿيندي پئي وڃي اھو ئي حساب ڪتاب لڳائي 1998ع جا تجربا ڪيا ويا. سائسدانن کي يقين ھيو تہ انهن ڏور کان ڏور موجود سپرنووا جي فاصلي جو اندازو ڪشش ثقل جي عددي شمار سان لڳايو ھو جيڪو بلڪل درست ھيو پر ھاڻي سپرنووا اندازي کان وڌيڪ مدھم نڪتو تہ سائنسدانن کي وڌيڪ حيرت وٺي وئي ڄڻ ڪائنات جا ستارا ڪشش ثقل مطابق لڳايل اندازن تي پورا نہ اتريا. حيرت وارا تجربن مطابق ڪائنات جي پکيڙ جي رفتار گهٽ نٿي رھي آھي پر وڌي رھي آھي.ھن نتيجي سائنسدانن کي چڪرائي ڇڏيو. انهن جي نظريي مطابق ھنن جي حساب سان ڪائنات جي رفتار کي وقت جي حساب سان سست ٿيڻ کپندو ھيو پر 1998ع جو تجربو ڊيٽا حاصل ڪيل پراڻي تجربي جي نفي ڪري رھيو ھو. نتيجو اخذ ڪيو ويو تہ ڪائناتون جنھن حساب سان ھڪ ٻئي کان دور وڃي رھيون آھن ۽ جنھن تيزي سان انهن جي رفتار وڌي رھي آھي ان مان انهن کي معلوم ٿيو تہ ڪھڪشائن کي ھڪ ٻئي کان ڌڪي پري ڪرڻ واري ھڪ ٻئي قسم جي ڪشش ثقل آھي جيڪا شين کي ھڪ ٻئي کان ڌڪي دور ڪري ٿي.
 ان کي اسان ڌڪ ڪشش ثقل (قوت دفع واري ڪشش ثقل) Repulsive Gravity چئي سگهون ٿا. نھايت حيرت جي ڳالھ آھي جڏھن آئنسٽائن نظريو اضافيت General thery of relativity پيش ڪيو تہ ھن پنھنجي مساوات ۾ ستارن کي ھڪ ٻئي کان پري رکڻ لاء Cosmological Constant ڏنو ھو يعني آئنسٽائن بہ  ڌڪ ڪشش ثقل فرض ڪئي ھئي. ھن کي فرضي ڪشش ثقل جي ان ڪري ضرورت پيش آئي جو خلا مادي جي قربت ۾ ڏوڙ کائي ٿي ۽ ڪشش ثقل کي قوتي ڪشش بنائي ٿي. ھن ڄاتو پئي تہ ڪشش ثقل جي ڪشش ڪنھن ڌڪ ڪشش ثقل جي غيرموجودگي ۾ ڪائنات کي واپس پوئين پير ڇڪي سڪيڙي ڇڏيندي. پر بعد ۾ ھبل ٻڌايو تہ ڪائنات تيزي سان ٻاھر پکڙجي رھي آھي تہ آئنسٽائن پنھنجي ڪاسمولوجيڪل ڪانسيپٽ کي مساواتن مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ان کي پنھنجو عظيم غلطان  Biggest Blunder سڏيو پر ھاڻي جي تجربن مان پتو پيو آھي تہ اسان جي مشاھدن جي تسڪين ان وقت تائين ممڪن ناھي جيستائين اسان اسان ڌڪ ڪشش ثقل Repulsive Kind of Gravity جھڙي ڪشش کي تصور ۾ نہ آڻيون ڄڻ تہ آئنسٽائن جو پھريون خيال ڌڪ ڪشش ثقل طرف مبذول ھيو. 1998ع جي تجربن بعد نين ڳالهين جو پتو پيو تہ ڪائنات جي ھر ڪھڪشان ٻاھر طرف پکڙجي رھي آھي ۽ ان جي رفتار ۾ ھر گذرندڙ وقت سان گڏ واڌ ٿي رھي آھي ايتري بي پناھ توانائي جيڪا سيارن ۽ ستارن کي بي پناھ قوت سان ٻاھر ڌڪي رھي آھي ڇا اھا ڪشش ثقل جو وسيلو ٿي سگهي ٿي؟
سائنسدان ان نتيجي تي پھتا تہ ڪائنات ۾ ھڪ خاص قسم جي توانائي موجود آھي جيڪا طاقت ۾ بيحد آھي اھا ئي توانائي جيڪا فلڪي جسمن کي ٻاھر ڌڪي رھي آھي ۽ ان ئي رفتار سان تيزي پيدا ڪري رھي آھي يعني ان جي رفتار لڳاتار وڌي رھي آھي سائنسدانن موزونيت سان ان کي ڪاري مادي جو نالو ڏنو.
ڪاري مادي جو پتو ان وقت پيو جڏھن پروفيسر فرٽز وڪي قوما ڪلسٽر ڪھڪشان جو مشاھدو ڪري رھيو ھو. مشاھدي دوران ھن پاتو ڪھڪشائن جي حرڪت تمام تيز آھي يعني ڪھڪشائون ايتري تيز حرڪت ڪري رھيون آھن جو ايتري حرڪت انهن جي وس ۾ ناھي مطلب اھڙو ڪو مادو موجود آھي جو انهن ڪھڪشائن کي حرڪت ڏيڻ ۾ مدد ڪري رھيو آھي پر ڏسڻ ۾ نٿو اچي. سائنسدانن ان مادي جو نالو ڪارو مادو تجويز ڪيو. اھڙي ريت ڪاري مادي جو نظريو وجود ۾ آيو.
جڏھن اسان ڪنھن تاري کي ڏسندا آھيون تہ ستاري مان اچڻ واري روشني سڌو اسان طرف اچي ٿي. پر پنھنجي ۽ ستاري جي درميان ڪا ڳري شي رکو تہ سڌي اچڻ واري روشني سڌو اوھان طرف نہ ايندي پر اھا ڪھڪشان جي ڪري ڏوڙي ٿي ويندي جيڪو ان وڏي ڪھڪشان جي ڪاري مادي جي ڪشش ثقل جي ڪري ٿيندو. ھي بلڪل ائين آھي جيئن ھڪ اپٽيل بلور Convex lens روشني کي موڙي ٿو ان عمل کي اسان ڪشش ثقلي بلور Gravitational lensing جو عمل چئون ٿا. ھن ڪشش ثقلي بلوريت Gravitational lensing جي مدد سان اسان ڪنھن بہ ڪھڪشان جي جسامت ۽ روشني تي ڪشش ثقلي ڇڪ Gravitational pull جو اندازو لڳائي سگهون ٿا. اھڙي طرح 1998ع ۾ چوڪور  Causar کان اچڻ واري روشني مڙي رھي ھئي سائنسدانن جي مشاھدي ڪرڻ تي معلوم ٿيو تہ روشني ٻن چوڪور causar کان اچي رھي آھي حقيقت ۾ اھا ھڪ آھي جيڪا روشني کي موڙي رھي آھي ائين ڪاري مادي جي موجودگي يقيني ٿي وئي.
اسان ڄاڻون ٿا ڪارو مادو موجود آھي ۽ ان ۾ ڪشش بہ موجود آھي. ڪشش ان وقت ممڪن آھي جڏھن ڪنھن آبجيڪٽ جو مايو Mass يقيني ھجي تہ بغير مايي جي ڪنھن شي جي ڪشش ثقل نٿي ٿئي. ڪارو مادو ڪائنات جي رازن مان ھڪ راز آھي جنھن کي ڏسي نٿو سگهجي پر ڪاري مادي جي ڪشش ثقل جي جاچ ڪري سگهجي ٿي ڇوجو ان ڪشش ثقل جي ڪري ڪھڪشائن جي رفتار بہ متاثر ٿئي ٿي. ڪارو مادو اھو واحد مادو آھي جيڪو ھڪ ٻئي وٽان گذري ٿو پر ٽڪرائي نٿو ۽ ڪارو مادو سڄي ڪائنات ۾ موجود آھي ۽ اسان جي آسپاس بہ.
    ڪارو مادو نظر نٿو اچي ۽ ھر ھنڌ موجود آھي پر ڳولجي سوال ذھن ۾ اچي ٿو ۽ اتي جواب اڀري ٿو. روشني جا شعاع مادي جي قريب گذرن ٿا تہ اتي موڙ کائن ٿا جنھن کي ڪائناتي موڙ Universal curvature سڏيو وڃي ٿو يعني روشني جا شعاع جڏھن ڪنھن گرھ جي قريب گذرن ٿا تہ اتي موڙ کائن ٿا. سائنسدانن ڪائنات ۾ روشني جي پيدا ٿيندڙ موڙن Curves جو مطالعو ڪيو انهن کي پتو پيو تہ دور پولارن مان سيارن جي حصن کي لڳي روشني جا شعاع موڙ کائن ٿا جڏھن تہ اتي ڪابہ شي موجود ناھي. اتي اھا روشني موڙ ڇو ٿي کائي؟. روشني گرھن جي حصي سان لڳي موڙ کائي ٿي لڳي ٿو اتي جسم موجود آھي پر اسان ڏسي نٿا سگهون. انهن موڙن جي بنياد تي ڪاري مادي جا نقشا ٺاھيا ويا.
 انهي مان ثابت ٿيو تہ ڪارو مادو موجود آھي ۽ ڪارو مادو ۽ ڪاري توانائي ھر جڳھ موجود آھن. انهن جا ڪروڙين ذرڙا اسان جي جسم مان آرپار گذرن ٿا پر اسان ڏسي ۽ محسوس نٿا ڪري سگهون.
ڪارو مادو پنھنجي ماھيت ۾ عام مادي کان ڪافي مختلف آھي. ھن جا ذرا اسان جي مادي جي ذرن کان ڳرا ٿين ٿا. انهن تي برقي مقناطيسي چارج بہ ٿئي ٿي. پر تجسس واري ڳالھ تہ اسان جي روشني جي شعاع سان انهن جو گڏيل اثر (تعامل) Interaction بلڪل نٿو ٿئي جيئن عام مادي جي ذرن ۾ ٿئي ٿو سواء ان جي تہ روشني شعاع ڪاري مادي جي ڪشش ثقل Gravity ۾ موڙ کائن ٿا. اھڙو ڪو ٻيو تعلق روشني جي شعاعن ۽ ڪاري مادي يا ڪاري توانائي جي درميان نٿو پاتو وڃي.
ڪھڪشائن ۾ اھڙو مادو ٿئي ٿو جيڪو نہ روشني منعڪس ڪري ٿو نڪي ڪنھن قسم جي توانائي ڪڍي ٿو پر ھي ڪھڪشائن ۾ موجود آھي ان ڪري ڪھڪشائون پنھنجي موجود شڪل ۾ موجود آھن. سائنسدانن مطابق ڪارو مادو ڪائنات ۾ ڍانچي طور ڪم ڪري ٿو. هن کي ڪارو مادو ان ڪري چيو وڃي ٿو جو عام مادي جي مقابلي ۾ هي ڪنهن بہ مادي سان عمل ڪونہ ڪندو آهي.
ڪارو مادو نہ تہ روشني جذب ڪندو آهي نہ ئي روشني خارج ڪندو آهي پر ان جي ڪشش ثقل جو اثر عام مادي تي پوندو آهي.
ڪائنات جي ابتدا ۾ ڪاري مادي ٻج وانگر ڪم ڪيو جنھن سان جڙي عام مادي کي ڪھڪشائن ۽ ٻين وڏن جسمن ٺاھڻ جو موقعو مليو. 
ان جي باري ۾ ڄاڻ صرف ان جي ڪشش ثقل Gravity جي   ڪري حاصل ٿي سگهيو.  اهو ڪشش ثقل Gravity پري تائين موجود ڪهڪشانن جي  طرفان ايندڙ روشني کي موڙي ڇڏي ٿي ان عمل کي ثقلي بلوريت يا ثقلي عدسو Gravitational lensing چيو ويندو آهي.ان عمل جي مدد سان فلڪياتي ماهرن ڪاري مادي جي  پوشيده رازن کي ظاهر ڪيو.
سائنسدان سمجهن ٿا ڪارو مادو ڪو ھڪ ڪوانٽم ذرو آھي جو عام مادي تي بلڪل اثر نٿو ڪري پر ان جو شاھديون ڪائنات ۾ موجود روشني جي ثقلي بلوريت Gravitatioal lensing جي عمل مان گذرڻ جي ڪري ملن ٿيون ڇوجو تمام مادن وانگر ھي ثقالت پيدا ڪري ٿو ۽ ھي ثقالت وڏين وڏين ڪھڪشائن جي جهنڊن ۾ روشني کي موڙڻ جو ڪم ڪري ٿي ڄڻ تہ ڪاري مادي جي بنيادي ذريعي کي دريافت ڪرڻ اڃان باقي آھي پر پڪي ثبوت  سان چئي سگهجي ٿو تہ ڪارو مادو وجود رکي ٿو.
سائنسدانن مطابق مادي جا ذرا اليڪٽران ۔ پروٽان ۽ نيوٽران نظر اچن ٿا تيئن ڪاري مادي جا ذرا ٿين ٿا اھي تمام ڳرا ٿين ٿا ۽ بيحد باريڪ بہ ۽ ھر جڳھ موجود ٿين ٿا..
پوري ڪائنات تاريڪ مادي سان ڀريل آھي اھي ھر شي مان آرپار ٿي وڃن ٿا اسان جي جسمن مان بہ. ھر وقت اسان جي جسمن مان ڪاري مادي جا ڪروڙين تاريڪ ذرڙا گذرندا رھن ٿا. اسان جي جسمن جي ڇا حيثيت آھي ڪاري مادي جا اھي ذرڙا زمين يا ٻين گرھن مان ائين گذرن ٿا جيئن ڇاڻي مان اٽو. ڪاري مادي جا ذرا عام فوٽانن Photons ۽ نيوٽرانن Neutrons وانگر .... عام ايٽم جا Nuclei ھن سان ٽڪرائي پنھنجي موجودگي جو عام طور تي اظھار نٿا ڪن. سائنسدانن ايتري عرصي ۾ ڪنھن بہ ھڪ ذري جي ٽڪراء کي نوٽ ناھي ڪيو ڇوجو ڪاري مادي جا ذرا زمين يا گرھن مان ھيٺ تائين ائين گذرن ٿا جيئن زمين جي مٿان ٻيا ذرا يعني مادي جي عام ذرن يا نيوٽرونن جي موجودگي ائين نٿي ٿئي جھڙي طرح انهن جي زمين مٿان ٿئي ٿي. سائنسدانن غارن ۾ اھڙيون ليباريٽريون نصب ڪيون آھن ۽ انهن ۾ اھڙا جاچڻا Detecter لڳل آھن جيڪي زيرو گرمي پد تي بہ ھروقت اھڙي ذرڙي کي پڪڙڻ لاء بي تاب رھن ٿا جيڪو ڪاري مادي جو ذرو ٿي سگهي ٿو.
سائنسدان ڪاري مادي جي مفروضي سان ڪافي مطمئن آھن پر ھن مھل تائين تجربن جي مدنظر ڪاري مادي جي حقيقت ھجڻ جون حقيقي گواھيون ملن ٿيون.
نوٽ :-
ڄاڻڻ کپي تہ ڪارو مادو Dark matter ۽ ضد مادو Anti matter الڳ شي آھي. جڏھن مادو ۽ ضد مادو ھڪ ٻئي جي ويجهو اچن تہ ڌماڪو ٿيندو ۽ تمام گهڻي مقدار ۾ توانائي پيدا ٿيندي. سائنسدانن حساب لڳايو آھي ھڪ گرام ضد مادي مان حاصل ٿيڻ واري توانائي جي مدد سان ھڪ پوري خلائي راڪيٽ کي ٻاھر موڪلي سگهجي ٿو ۽ ھڪ ڪار کي سڄي زمين جو چڪر لڳرائي سگهجي ٿو.

ڪرسٽيشيس دور جي ننڍڙي شارڪ

ڪرسٽيشيس دور جي ننڍڙي شارڪ

تحقيق : ٽيري گيٽس ۽ ساٿي 
ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو  

تحقيق  ڪندڙ ڊائنوسار جي دور جي ھڪ عجيب ۽ نئين 
فريش واٽر شارڪ لڌي آهي جنهن جا ڏند ڌارين جي ٻيڙن جھڙا لڳن ٿا جيڪي 1980 واري مشهور وڊيو گيم گالاگا  سان مشابهت رکن ٿا ـ ھيء ننڍڙي شارڪ جيڪا مشڪل سان 12 يا 18 انچ مس ٿيندي سا پنهنجي ھم نسل شارڪ کان تمام  گهڻي ننڍي آهي جيڪا اڄ جي دور جي ڪارپيٽ شارڪ سان تعلق رکي ٿي جھڙيء طرح ٻليء جون مڇون وابيگانگ ـ گالاگيڊان ھڪ دفعي ڪريٽيشيس (79 ملين سال) نديء ۾ تري جيڪو ھاڻي ڏکڻ ڊڪوٽا آهي ۽ انهيء ننڍڙيء شارڪ جا آثار سيوء جي ڀرسان لڌا آهن ھي علائقو دنيا ۾ ٽي ـ ريڪس فوسل(پنڊ پھڻ) جي حوالي سان تمام  گهڻو مشهور آهي ـ
 نارٿ ڪيرولينا يونيورسٽيء ۾ تحقيق ڪندڙ ليڪچر ر ٽيري گيٽس جو ھن شارڪ جي لڀڻ جي حوالي سان ٻڌايو ته اسان جيئن ڪريٽيشيس پيرڊ ۾ گهڻي کوجنا ڪنداسين  ته اسان کي نان -برڊ ڊائنوسار (ڊائنوسار جيڪي پکي نه ٿيا ھيا) ملندا جيڪي نابود ٿي چڪا ھيا اھي تمام  شاندار  ھيا جيئن دنيا ٿي پئي ـ 
گيٽس وڌيڪ ٻڌايو ته ھيء حيرت جي ڳالهه آهي جو 67 ملين سال اڳي ڏکڻ ڊڪوٽا ٻيلن , ڌٻڻ ۽ ور وڪڙ ندين سان ڍڪيل ھيو ـ گالاگيڊان ٽي ـ ريڪس , ٽرائسيراٽاپس يا ڪنهن ٻئي ڊائنوسار جي شڪار لاء لامارا نه ڏيندي ھئي جيڪي واھين ۾ ٿيندا ھياـ ھن شارڪ کي ننڍڙا ڏند ھيا جن سان ھوء ننڍين مڇين کي پڪڙيندي ھئي يا وري گھوگھيتن کي ٽوڙي کائيندي ھئي ـ
گالاگيڊان شارڪ جا ننڍڙا ڏند وڌ ۾ وڌ ملي ميٽر کان به گهٽ ماپ جا ٿيندا ---- پيلنٽالاجسٽن ڳولي لڌاسيوء واري لٽ مان تازو ئي جتان ٽي ـ ريڪس  ڊائنوسار  جا فوسل مليا آهن ـ گيٽس سيوء منجهان تقريبن ٻه ٽن مٽي ھڪ رضاڪاڪار  ڪيرن ناردڪ کان کڻائي ورتي آهي ۽ ھن شارڪ جو نالو ناردڪ ھن رضاڪاڪار کص داد ڏيڻ جي لاء رکيو ويو آهي ـ

ڇا ٽائم ٽريول ممڪن آهي.

ڇا ٽائم ٽريول ممڪن آهي.

”دريا خان سنڌي“

فرض ڪريو تہ اوھان وٽ هڪ اهڙي گاڏي آهي جيڪا اوهان کي ماضي يا مستقبل ۾ سفر ڪرائي ٿي. هڪ ڏينھن اوهان جي دماغ ۾ خواهش پيدا ٿئي ٿي تہ اوھان 1920ع ۾ پھچي وڃو ۽ پنھنجي ڏاڏي کي ماري ڇڏيو. اوهان ان گهڙي جا ڪجھ بٽڻ لڳايو ٿا ۽ اچانڪ پنھنجو پاڻ کي پنهنجي ڏاڏي سان گڏ پايو ٿا جيڪو ڪنوارپ ۾ پنھنجي نوجواني جي دور ۾ ڪنھن جبل تي بيٺي قدرت جي نظارن جو لطف وٺي رهيو آهي، اوهان کي پنھنجو ڏاڏو ڪڏهن بہ پسند نہ رھيو آھي. اوهان پنھنجي ڏاڏي کي جبل تان ڌڪو ڏئي ڇڏيو ٿا ۽ اهو هزارين ميٽر وڏي غار ۾ وڃي ڪري ٿو.
پر صبر ڪريو! جيڪڏهن اوهان پنھنجي ڏاڏي کي پنھنجي پيءُ جي پيدائش کان پھريان ماري ڇڏيو آهي تہ ان جو مطلب هي آهي تہ اوهان جي پيدا ٿيڻ جو ڪو امڪان ناهي. جيڪڏهن اوهان پيدا ناهيو ٿيا تہ ظاهر آهي تہ اوهان جي ماضي ۾ وڃڻ جو ڪو امڪان ناهي. جڏهن تہ اوھان کي پنھنجي ڏاڏي کي مارڻ جو ائين ڪو بہ امڪان ناهي ڇوجو اوهان تہ پيدا ٿيا ئي ناهيو. جيڪڏهن اوهان پنھنجي ڏاڏي کي ماريو ناهي تہ ان جو مطلب هي ٿيو تہ ان جي ويجھو اوهان جو والد پيدا ٿيندو ۽ اوهان جي والد مان اوهان پيدا ٿيندا. جڏهن تہ ان ڳالھ جو امڪان آهي تہ اوھان ماضي ۾ وڃي سگهو ٿا ۽ پنھنجي ڏاڏي کي ماري سگھو ٿا. هي تضاد گرینڊ فادر چورائبو آهي ۽ ان قسم جا تضاد ماضي ۾ سفر ڪرڻ کي ناممڪن بنائي ڇڏيندا آهن.

گرینڊ فادر پیراڊاڪس ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي مشتمل ماضي ۾ وڃڻ هوندو آهي. هاڻ اسان هڪ اهڙي مثال وٺون ٿا جنھن ۾ وقت جو هي فرق گهٽ آهي. فرض ڪجي اوهان ۽ مان هڪ جھڙيون گهڙيون پاتيون آهن ۽ اسان ٻئي انھن گھڙين جو وقت ملائي ڪري هي يقين ڪيون تہ ٻئي گهڙيون هڪ ئي وقت ڏيکاري رهيون آهن. ان کان پوءِ مان اسپيس شٽل ۾ خلا ۾ وڃان ٿو جتي مان 28000 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪيان ٿو. زمين جي گردش ۾ ڪجھ چڪر لڳائڻ کانپوءِ مان وري زمين تي لھان ٿو ۽ ٻنهي گھڙين ۾ وقت ڏسندو آهيان تہ معلوم ٿيندو آهي تہ منھنجي گھڙي ڪجھ پوئتي ٿي وئي آهي جڏهن تہ هي فرق گهڻو ئي گهٽ آهي پر هي فرق موجود ضرور آهي 
 ان منظر کي Time dilation چئبو آهي.
آئنسٽائين جي نظريي موجب جڏهن شيون يا تہ گهڻي تيزي رفتار سان سفر ڪنديون آهن ۽ گھڻي ڪشش ثقل جي اثر ۾
هونديون آهن تہ وقت جي رفتار سست ٿي ويندي آهي. ان Time dilation جو هڪ مثال هي آهي تہ جڏھن خلاباز اسپيس اسٽيشن تي ڇھ مھينن جو عرصو گذارڻ کان پوءِ زمين تي واپس ايندا آهن تہ انھن جي عمر ۾ اضافو زمين تي رهڻ واري ماڻھن جي عمر ۾ اضافي کان تقريبن پنج ملي سيڪنڊ گهٽ هوندو آهي. 
 جڏھن تہ هي فرق ايترو معمولي آهي ان کي نظر انداز ڪري سگھجي ٿو پر اهوئي ئي خلا باز ڪنهن اهڙي خلائي جھاز ۾ ڇھ مھينا گذاري جنھن جي رفتار روشني جي رفتار جو 99 سيڪڙو هجي تہ هي فرق تمام گھڻو ٿي ويندو.
دلچسپ ڳالھ هي آهي تہ جيڪڏهن ڪنھن شي جي رفتار روشني جي رفتار جو 70 سيڪڙو هجي تڏهن بہ هي فرق معمولي ئي رهندو پر جيئن جيئن ان شي جي رفتار روشني جي رفتار جي ويجهي ٿيندي ويندي هي فرق وڌندو ويندو. 

ان کان وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالھ هي آهي تہ نظريي اضافت جي رويي سان تمام گهڻي تيز رفتار حرڪت جي صورت ۾ حرڪت ڪندڙ شي جي ڊگهائي گهٽ ٿي ويندي آهي ۽ حرڪت جي سمعت ۾ فاصلو بہ سڪڙجي ويندو آهي. جيڪڏھن اوهان جي رفتار روشني جي رفتار جو 90 سيڪڙو هجي ۽ اوهان اهڙي مقام تي وڃڻ چاهيندا هجو جيڪو ڏھ نوري سال پري آهي تہ اوھان شايد هي توقع رکندا تہ اوھان جو ھي سفر يارهن سالن ۾ مڪمل ٿيندو. هي درست آهي تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو زمين کان اوهان جي خلائي جھاز جو مشاهدو ڪري رهيو آهي تہ اهو ئي مشاهدو ڪندو تہ اوھان کي ان سفر ۾ يارهن سال لڳا، پر ان خلائي جھاز ۾ موجود ماڻھن جو مشاهدو هي هوندو تہ هي سفر صرف 4.4  سالن ۾ ئي ڪٽجي ويندو.

پر ڇا هي حقيقت ۾ ٽائيم ٽريول آهي؟
جڏهن تہ ٽائيم ٽريول جي عمومي تصور جي موجب شايد ان کي ٽائيم ٽريول نہ چيو وڃي پر جڏهن اوهان اسپيس ۽ ٽائيم کي سمجھندا آهيو تہ پوءِ انکي ٽائيم ٽريول ئي چيو ويندو. جڏهن اوهان روشني جي رفتار جي 90 سيڪڙو جي رفتار سان واپس زمين تي ايندئو تہ اوهان جي عمر ۾ تقريبن نو سال جو وڌاءُ ٿيو هوندو پر اوهان جو اهو ئي ساٿي جيڪو زمين تي ئي رھي ٿو ان جي عمر ۾ پوري 22 سال جو وڌاءُ ٿي چڪو هوندو. ائين هڪ طرح سان هي چئجي سگهجي ٿو تہ اوھان 13 سال مستقبل ۾ سفر ڪيو آهي. 

اچو ان کي هڪ ٻئي مثال سان سمجهون ٿا، فلم Interstellar جو مرڪزي ڪردار ڪوپر ۽ انجو عملو هڪ اهڙي سياري تي لھندا آهن جنھن تي پاڻي موجود آهي جنھن جي ڪشش ثقل زمين جي ڪشش ثقل کان 30 سيڪڙو گهڻي آهي. هي سيارو هڪ سپر ميسووا بليڪ هول Super massive black hole جي گھڻو ويجهو آهي جنھن جو نالو Gargantua آهي جنھن جي چوڦير ان سياري جي گردش جي رفتار روشني جي رفتار جي 55 فيصد جي برابر آهي، انھن ٻنھي سببن جو مجموعي نتيجو هي هوندو آهي تہ ان سياري تي وقت جي رفتار پوئتي رهي ويل خلا بازن جي ريفرنس فريم جي وقت جي مقابلي ۾ 61000 ڀيرا گهٽ آهي. ائين ان سياري تي هڪ ڪلاڪ باقي خلا بازن جي ست سال جي برابر آهي جڏهن ڪوپر پنھنجي ریفرنس فریم ۾ ان سياري تي 3 ڪلاڪ گذاري ڪري پنھنجي خلائي جھاز ۾ واپس ويندو آهي تہ خلائي جھاز جي خلا بازن جي عمر ۾ 23 سال جو اضافو ٿي چڪو هوندو آهي، جيتوڻيڪ هي فلم سائنس فڪشن آهي پر نظري اضافت جي رويي سان هي درست آهي تہ خلا بازن جي ریفرنس فریم ۾ 23 سال گذري چڪا هوندا ائين هي چئجي سگھجي ٿو تہ ڪوپر ۽ انجي عملي 23 سال مستقبل ۾ سفر ڪيو. 

هاڻي تائين اسان نہ صرف مستقبل ۾ سفر ڪرڻ تي بحث ڪئي آهي پر ڇا ماضي ۾ سفر ڪرڻ بہ ممڪن آهي؟
ڪجھ سائنسدانن جو خيال آهي تہ اسپيس ۾ ڪجھ  خصوصي طور تي سفر ڪرڻ سان ماضي ۽ مستقبل ٻنهي ۾ وڃڻ ممڪن ٿي سگھي ٿو پر ائين ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهڙي حرڪت گھربل هوندي جنھن کي (CTC) closed -time-like curve چئبو آهي. CTC اسپيس ٽائيم ۾ هڪ قسم جو دائرو آهي جيڪو اصولي طور تي ڪنھن کي پنھنجي ماضي ۾ وڃڻ جو رستو فراھم ڪري سگهي ٿو.
ماضي ۾ سفر ڪرڻ بابت سائنس گهڻي پيچيدھ ۽ گھڻين قياسن تي مبني آهي. گهڻن سائنسدانن جو خيال آهي تہ ماضي ۾ سفر منطقي طور تي ممڪن ناهي ڇوجو ان سان علت causality جي قانونن ۾ نفي ٿئي ٿي. ان جي سٺي مثال Grandfather paradox يا ڏاڏي جو تضاد آهي جيڪو پھريان مٿي واضح ڪري چڪا آهيون. جيڪڏهن انھن سائنسدانن جون دعوائون درست آهن تہ ماضي ۾ سفر ڪرڻ سان گهڻا تضاد پيدا ٿي سگھن ٿا. ان جو منطقي نتيجو اهو ئي نڪري ٿو تہ ماضي ۾ سفر ممڪن ناهي. ان جي برعڪس نوواڪوف جو self-consistency جو اصول درست آهي جنھن ۾ ماضي ۾ وڃڻ جو امڪان موجود آهي. نوواڪوف جو اصول هي آهي تہ جيڪڏهن ڪو اهڙو واقعو ممڪن آهي جنهن سان تضاد پيدا هجڻ جو انديشو هجي يا جنھن سان ماضي ۾ تبديل ٿي وڃڻ جو امڪان هجي تہ اهڙي واقعن جو امڪان زيرو آهي ائين ماضي ۾ سفر سان تضادن جو پيدا ٿيڻ ممڪن ناهي پر گهڻو ڪري سائنسدان نوواڪوف جي اصول کي تسليم ناهين ڪندا.

هڪ ٻيو امڪان هي آهي تہ ماضي ۾ سفر جي لاءِ ورم هولن جو استعمال ڪيو وڃي. اصولي طور تي نظريو اضافت جي رياضي سان ورم هولن جي فزڪس جڳھ وٺي سگهي ٿي.
ماضي ۾ سفر ڪرڻ جي لاءِ اسان کي Transversable ورم ھول جي ضرورت پوندي. ان جي لاءِ اوهان کي گهڻي پيچيدھ ۽ غير مانوس فزڪس جي ضروت پوندي. Transversable ورم ھول سان ماضي ۾ وڃڻ جي لاءِ ھنن ٻنهي طريقن سان يقيني بڻائي سگهجي ٿو.
پھريون طريقو تہ ورم ھول جي هڪ سري ۾ اسراع پيدا ڪري ان کي قريب روشني جيتري رفتار ڏني وڃي ۽ ان کان پوءِ ان کي واپس ٻئي سري ڏي آندو وڃي ۔ Time dilation جي ڪري ڪنھن ٻئي ريفرنس فريم ۾ موجود مشاھدن جي لاءِ ورم ھول جي ان سري ۾ وقت رفتار سست ٿيندي جنھن روشني جي رفتار جي ويجهي رفتار سان سفر ڪيو.
ٻيو طريقو هي آهي تہ ورم ھول جو هڪ سرو ڪنهن بليڪ هول جي ويجهي وٺي وڃجي جيئن ان جي هڪ سري تي ڪشش ثقل ٻئي سري جي نسبت تمام گهڻي هجي ان کان پوءِ ٻنهي سرن جي ڦيري سان هڪ ٻئي جي ويجهو وٺي وڃجي.
ورم ھول جي ڪانسيپٽ کي سمجهڻ گهڻو مشڪل ڪم آهي. ان کي هڪ مثال سان سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. فرض ڪريو تہ 2000ع ۾ اسان ٻئي پنھنجي گھڙين کي ملايون ٿا. ان کان پوءِ مان پنھنجي خلائي جھاز ۾ ان ورم ھول جي هڪ سري تي پهچان ٿو ۽ ان سري کي پڪڙي ڪري روشني جي رفتار سان سفر ڪيان ٿو. چار سال سفر ڪرڻ کان پوءِ مان ان ورم ھول جي سري کي واپس وٺي اچان ٿو هاڻي منھنجي گهڙي 2004ع ڏيکاري رهي آهي پر اوهان جي گهڙي 2012ع ڏيکاري رهي هوندي. هاڻ جيڪڏهن ڪو شخص 2012ع ۾ ورم ھول جي ان سري ۾ داخل ٿي وڃي جنھن کي پڪڙي ڪري اسان تيز رفتار سان سفر ڪيو هيو ۽ ٻئي سري کان ٻاهر نڪري اچي تہ اهو پنھنجو پاڻ کي 2004ع ۾ پائيندو. اهو ٿي ويو اسپيس جي ان مقام تي جتي اهو پھريون هيو پر هاڻي 8 سال ماضي ۾ هوندو. 

ان مفروضي کي ڪاغذ جي هڪ ورق سان آساني سان سمجھي سگھجي ٿو. ان ڪاغذ کي اسپيس ٽائيم تصور ڪريو. ورم ھول بالا اسپيس ٽائيم آهي جنھن ۾ هڪ داخل ٿيڻ جو رستو آهي ۽ هڪ خارج ٿيڻ جو. ان کي ائين سمجھجي تہ اوھان ڪاغذ جي موڙ کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ٻنھي پرتن ۾ هڪ سوراخ ڪري ڇڏيو آهي. اوهان انهن ٻنهي سوراخن جي وچ ۾ موجود ڪاغذ يعني اسپيس ٽائيم کي گذاري ڪري هڪ نقطي کان ٻئي نقطي تي پهچڻ بجاء انهن سوراخن کان گذر ڪري هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ پھچي رهيا آهيو.

ان قسم جي ورم هول ۾ هڪ مسئلو هي آهي تہ اوھان ماضي ۾ سفر تہ ڪري سگهو ٿا پر ورم ھول جي پيدائش کان پھريان جي دور ۾ نٿا وڃي سگهو. ائين هي ماضي ۾ وڃڻ جو ذريعو نٿو بڻجي سگهجي جيڪڏھن ان جي ذريعي وقت کي شارٽ ڪٽ ڪري سگهجي ٿو. ان سان اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو تہ مستقبل جي مخلوق ان جي ذريعي پنھنجي ماضي ۾ ان وقت تائين پھچي وڃي جڏهن هي ورم ھول تخليق ڪيو ويو هيو پر جي هي ورم ھول اڄ تخليق ڪيو وڃي تہ اسان ان کي استعمال ڪري ڊائنوسورن جي عھد ۾ نٿا وڃي سگهون. 
وقت ۾ سفر ڪرڻ جو هڪ ٻيو ممڪن طريقو هي آهي جنھن ۾ انسان جي جسم کي وڏي عرصي جي لاءِ محفوظ ڪري ڇڏجي جنھن کي Cryopreservation چئبو آهي. سائنس جو اهو شعبو جنھن ۾ انسانن کي وڏي عرصي جي لاءِ محفوظ ڪرڻ تي ريسرچ ڪئي ويندي آهي جيڪو Cryonics چورائجي ٿو ان تي 1960ع جي ڏهاڪي کان ريسرچ جاري آهي. ان کي گھڻي کان گھڻو قياسي سائنس چئي سگهجي ٿو. ان جي حامين جو چوڻ آهي تہ موت هڪ خاص وقت تي ناهي ايندي پر موت هڪ پيچيدھ عمل آهي پر ان عمل جي شروع ٿيڻ کان پھريان ئي انسان کي محفوظ ڪري ڇڏبو تہ انسان کي گھڻي مدت جي لاءِ محفوظ ڪري سگھجي ٿو پر مسئلو هي آهي تہ انسانن کي مرڻ کان پھريان منجمند ڪري ڇڏڻ غير قانوني آهي. ائين جيڪڏهن ڪو ماڻھو پنھنجو جسم محفوظ ڪرائڻ چاهي تہ ان کي ان جي ڪلينڪل موت جي فورن بعد منجمد ڪري ڇڏبو آهي. جسم جي گرمي پد کي منفي 130 ڊگري سينٽي گريڊ تي رکڻ سان ان ڳالھ جو امڪان آهي تہ دماغ جون تعميرون سالن تائين محفوظ رهنديون جيئن مستقبل جا ڊاڪٽر ۽ سائنسدان سٺي ٽيڪنالوجي سان ان ماڻهو کي ٻيهر زندھ ڪري سگھن.

ان قدر گهٽ گرمي پد سان انساني جسم جو نقصان بہ ھوندو آھي ڀلي ان کي محفوظ ڪرڻ ۾ ڪيتري ئي احتياط ڇو نہ ورتي وڃي. ائين اڄ جا ڊاڪٽر صرف هي اميد ئي ڪري سگهن ٿا تہ مستقبل ۾ ٽيڪنالوجي ايتري ترقي يافتہ ٿي ويندي تہ محفوظ ڪيل دماغ جي ماليڪيولي ليول کي ٻيھر سرگرم ڪيو وڃي تہ جيئن دماغ جي مرحلاڻ ٻيھر شروع ٿي سگھي ۽ دماغ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. جي مستقبل ۾ ٽيڪنالوجي ايتري ترقي ڪري تہ ان طرح سان محفوظ ڪيل انسانن کي ٻيھر زندھ ڪيو وڃي تہ هي انسان مستقبل ۾ سفر ڪري چڪا هوندا. هي ايترو سولو ناهي جيترو سائنس فڪشن جي ڪھاڻين ۾ ڏيکاريو ويندو آهي پر اصولن ائين ڪرڻ ممڪن ناهي.

ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ کي بجلي ۽ هائيڊروجن ايندهن ۾ بدلڻ وارو نظام

ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ کي بجلي ۽ هائيڊروجن ايندهن ۾ بدلڻ وارو نظام

جارجیا آمريڪي ماهرن پاران زمين جي گرمي پڌ ۾ اضافي جي سڀ کان وڏي وجهہ بڻجڻ واري ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ گيس جذب ڪري انکي بجلي ۽ هائيڊروجن ايندهن ۾ بدلڻ وارو هڪ موثر نظام تيار ڪيو آهي 
ماهرن جو اسرار آهي تہ هن صدي جي آخر تائين زمين جي سراسري پڌ حرارت ۾ اضافي کي 1.5 پڌ سينٽي گريڊ تائين محدود رکڻ جي لاءِ صرف ڪاربن ڊائي آڪسيجن جي اخراج کي گهٽ ڪرڻ ئي ڪافي ناهي بلڪي فضا ۾ موجود اضافي ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ کي بہ جذب ڪرڻ جي ضروري آهي 
جارجیا ٽیڪ ۽ السن انسٽي ٽیوٽ آف سائنس اینڊ
ٽيڪنالوجي جي ماهرن ملي ڪري هڪ مائع بيٽري نما نظام بنايو آهي جيڪو ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪري ان مان بجلي بڻائي ٿو ۽ انکي استعمال قابل هائيڊروجن ايندهن بہ تيار ڪري سگھجي ٿو
ان نئي آلي کي هائبرڊ اين اي سي او ٽو سسٽم جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو بنيادي طور تي هڪ وڏي مائع بيٽري جي طرح آهي ان ۾ سوڊيم دهاتو جي اينوڊ لڳائي وئي آهي جيڪي نامياتي برقير آرگينگ اليڪٽرولائٽ جو ڪم ڪندي آهي جڏهن تہ ڪيٿهوڊ ۾ هڪ مائع گھڻائي آهي ان طرح ٻين قسمن جي مائعات کي هڪ خاص جھلي کان الڳ الڳ 
رکيو ويندو آهي جنھن سان سوٽيم سپر آيونڪ ڪنڊڪٽر جو نالو ڏنو ويو آهي 
جيئن ئي مائعو اليڪٽرولائٽ ۾ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ گيس داخل ڪئي ويندي آهي جيڪا ڪيٿهوڊ کان عمل کائي ڪري گھڻائي کي وڌيڪ تيزابي بڻائيندي آهي ان سان بجلي ۽ هائيڊروجن پيدا ٿيندي آهي شروعاتي تجربن ۾ ماهرن 50 فيصد ڪفايت ايفي شنسي سان گڏ توانائي بنائي ۽ پورو سسٽم ڪنھن نقصان جي بغير هڪ هزار ڪلاڪ هلندو رهيو
ان طرح جا نظام هلندي ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ بہ خارج ڪندا آهن ڪاربن پڪڙئڻ استعمال ڪرڻ يا انکي تبديل ڪرڻ جي ٽيڪنالوجين تي ڪم ٿي رهيو آهي ان ٽيڪنالوجي ۾ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ کي ڪاميابي سان ٻين مٽيريل ۾ با آساني سان تبديل ڪري سگھجي ٿو 
هائبرڊ اين اي سي ٽو سسٽم جيتوڻيڪ هڪ سٺو تاليف آهي پر انجي ڪارڪردگي وڌائڻ جي گھڻي ضرورت آهي 
جڏھن تہ ڪلائم ورڪس نامي هڪ نظام سال ۾ 150 ٽن ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪندو آهي جنھن کي هاڻي تائين گھڻو موثر قرار ڏنو ويو آهي پر ياد رهي جيئن تہ پوري دنيا ۾ سالانو 40 ارب ٽن ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ گيس فضا مان جاري آهي 
جڏھن تہ سائنسدانن جو چوڻ آهي تہ ان نظام کي بھتر بنائڻ جي اڃان گنجائش موجود آهي ۽ ان تي ڪم جاري آهي
:- دريا خان سنڌي 

ڪن ماڻھن جو مري وڃڻ کان پوء ڪافي عرصي گذرڻ باوجود انهن جو لاش ڇونہ ڳرندو آھي؟

سوال :- ڪن ماڻھن جو مري وڃڻ کان پوء ڪافي عرصي گذرڻ باوجود انهن جو لاش ڇونہ ڳرندو آھي؟

سوال :-
گهڻو ڪري ٻڌڻ ۾ ايندو آهي تہ فلاڻي ماڻهو يا بزرگ جي مرڻ کان پوءِ گهڻي عرصي کانپوءِ ڪنهن سبب ڪري قبر کولي وئي تہ لاش ايترو عرصو گذرڻ باوجود بہ تازي پاتي ويو. ڳرڻ سڙڻ ڇو ناهي ٿيندي ڪجھ ڪيسن ۾؟
جواب :-
لاش جا ٽشو تڏهن ڳرندا سڙندا آهن جڏهن بيڪٽيريا لاش تي حملو آور ٿيندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري لاش اهڙي جڳھ تي دفن آهي جتي يا تہ نمي نہ هجي
جيئن ريگستان ۾ ٿيندو آهي يا آڪسيجن نہ هجي ڪجھ زميني جوڙجڪون اھڙيون هونديون آهن جتي آڪسيجن آزاد حالت ۾ ناهي رهي سگھندي تہ لاش عرصي تائين محفوظ رهي سگهي ٿو. ان کان علاوه تمام گهڻي ٿڌ ۾ بہ بيڪٽيريا مري ويندا آهن جيئن تہ برفاني علائقن ۾ دفن ٿيل لاش هزارن سالن تائين محفوظ رهندا آهن. دنيا ۾ هزارين اھڙيون جڳھون هونديون آهن هي ڪا غير معمولي ڳالھ نہ آهي.  لاشن کي ڳرڻ سڙڻ جي لاءِ جراثيم درڪار ٿين ٿا. جراثيم جسم جي اندر بہ اھم حصن ۾ موجود هوندا آهن ۽ ٻاهر کان بہ اچي ڪري حملو ڪري سگھن ٿا. جراثيم اسان جيان زندھ جاندار آهن جن کي زندھ رهڻ لاءِ خوراڪ آڪسيجن ۽ نمي وغيره جي ضرورت هوندي آهي.
خوراڪ تہ انهن کي لاش جي جسم مان ملي ويندي آهي پر ان جڳھ تي جيڪڏھن آڪسيجن جي ڪمي هجي يا نمي نہ هجي يا درجہ حرارت گهڻو گهٽ هجي تہ جراثيم زندھ ناهن رهي سگھندا. ان لاءِ اهڙي صورتحال ۾ لاش دير تائين تازو رهندا آهن.
1991ع ۾ اٽلي جي سرحد جي ويجهي برفاني پھاڙن ۾ هڪ لاش ملي جيڪا 3300 ق م پھريان يعني پنج هزار سال کان پراڻي هئي، هي ڇوجو برف ۾ دفن هئي ان لاءِ ايتري سٺي حالت ۾ هئي جو ان جي چمڙي تي نقش نگار ٽيٽو هئا. جڏهن تہ ان جي معدي جي آخري خوراڪ جو بہ تجزيو ڪيو ويو. ان کي اوهان Otzi نالو لکي سرچ بہ ڪري سگھو ٿا. 

سوال:-
 جيڪڏهن خلا ۾  ڪو ماڻھو مري وڃي تہ اتي ڳرڻ سڙڻ decomposition ناهي ٿيندو تہ ان جسم جو ڇا ٿيندو ۽ ڪيڏانهن ويندو؟ 

جواب :-
جيڪڏهن لاش مرڻ کانپوءِ خلا ۾ ڇڏيو وڃي تہ لاش ڦاٽي پوندو ڇوجو لاش جي اندر بہ هوا موجود هوندي آهي
جيڪا وزن رکندي آهي. خلا ۾ ٻاهريون دٻاء ناهي هوندو ان لاءِ اندروني هوا جي داٻ جي ڪري لاش ڦاٽي پوندو، پر جيڪڏهن اسپيس سوٽ ۾ لاش کي رکيو وڃي ۽ اسپيس سوٽ مان آڪسيجن ڪڍي ڪري نائٽروجن گيس ڀري ڇڏجي تہ پوءِ آڪسيجن نہ هجڻ ڪري ڳرڻ سڙڻ decomposition نہ ٿيندي ۽ فرض ڪري ان لاش کي اسپيس اسٽيشن کان ڇڏيو وڃي تہ زمين جي ويجهي گھمندي ۽ ھميشہ لاءِ زمين جي ويجهي لاش گھمندو رهندو جيئن سيٽلائيٽ گھمندو آهي زميني مدار ۾. 

سوال:-
 فرعون جي ممي بہ اڄ تائين موجود آهي جيڪا ڳري سڙي ڇو نٿي؟ 
جواب:-
سڄي دنيا ۾ فرعونون جي ڪافي مميون موجود آهن
ان مان ڪجھ مصر جي عجائب گھرن ۾ محفوظ آهن.
مصرين جو عقيدو هو تہ فرعون بادشاھ مرڻ کان پوءِ خدا بڻجي ويندا آهن پر انهن کي جسماني جسم جي ضرورت پوندي آهي. ائين سڀني بادشاهن جي لاشن کي محفوظ ڪيو ويندو ھو. انڪري هي لاشون هاڻي تائين محفوظ آهن
بادشاهن جي ويجھا وزير ۽ امير بہ پنهنجن لاشن کي محفوظ ڪرائيندا ھئا. ائين مصر جي لاشن کي محفوظ ڪرڻ واري فن ايتري تہ ترقي ڪئي جو هي سڀ لاشون اڄ تائين محفوظ آهن. انهن لاشن کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ ڪيميائي مرڪب جوڙيا ويا، جن کي لاش تي لڳايو ويندو هو جن جي لڳڻ ڪري لاش محفوظ ٿي ويندا ھئا ۽ خراب نہ ٿيندا ھئا.

:- دريا خان سنڌي

هبل دوربین جي بدولت هزارين نيون ڪهڪشائون دریافت

هبل دوربین جي بدولت هزارين نيون ڪهڪشائون دریافت

هبل دوربين کي خلا ۾ ڪم ڪندي 28 سال ٿي ويا آهن
۽ هي پنھنجي تجویز ڪيل ريٽائرمينٽ جي عمر کان
گھڻي ڀاڱي عمر گذاري چڪي آهي پر انجي باوجود انجي نئين دريافتن ۾ گهٽتائي ناهي اچي رهي بلڪي ان ۾ روزانو اضافو ٿي رهيو آهي حال ئي ۾ انکي نيو مشن ڏنو ويو جنھن ۾ ان ڪهڪشان جي عظيم جهرمٽن جي ڪشش ثقل کي gravitational lense جي طور تي استعمال ڪري انھن جي پويان اربن نوري سال پري ڪهڪشان جون تصويرون ورتيون آهن 
آئنسٽائين جي نظريہ اضافيت سان اسان کي هي معلوم ٿيو آهي تہ وڏي اجزاءَ جي ڪشش ثقل اسپيس ٽائيم ۾ جھڪ پيدا ڪندي آهي جنھن ۾ گذرندي روشني بہ جھڪ کائي ويندي آهي اوهان کي ياد هوندو تہ عدسا بہ ان اصول تي ڪم ڪندا آهن تہ اهوئي روشني کي جھڪ ڏيندا آهن جنھن سان روشني هڪ نقطي تي مرڪوز ٿي ويندي آهي ان ڏيک کي استعمال ڪري اسان عدسا استعمال ڪري دوبين ٺاهيندا آهيون جنھن سان پري واري اجزاءَ کي ڏسي سگھجي ٿو
ڪشش واري gravitational lensing کي بہ ان طرح پري واري اجزاءَ کي ڏسڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي يعني ڪهڪشان جي ڪلسٽرز جي ڪشش ثقل جي وجہ سان انجي پويان اربن نوري سال پري ڪهڪشائن جي روشني بہ جھڪ کائي ويندي آهي ۽ اسان تائين پھچڻ لڳندي آهي 
 هاڻي کان پهريان ان ڏيک جي وجہ سان اسان اتفاقي طور تي پري وارين ڪهڪشان جي اجزاءَ جي تصوير ٺاهي چڪي آهي پر هاڻ هبل کي هي باقاعده مشن ڏنو ويو آهي تہ ديو هبڪل گيلڪسي ڪلسٽرز کي عدسي جي طور استعمال ڪري انجي پويان موجود پري وارين ڪهڪشان جون تصويرون ٺاهيون وڃن ان مشن سان اسانکي اهڙيون تصويرون وصول ٿيون آهن جن کي ڏسي سائنسدان حيران آهن مثال جي طور تي اسان کان چار ارب نوري سال جي فاصلي تي ڪيتريون ڪهڪشائن جو هڪ ڪلسٽر آهي جنھن کي Abll 370 جو نالو ڏنو ويو آهي ايتريون ئي گھڻيون ڪهڪشائون هڪ ٻئي جي ويجهي هجڻ ڪارڻ ۽ ان ڪلسٽر ۾ گهڻي مقدار ۾ ڊارڪ ميٽر جي موجودگي جي وجهہ سان ان ڪلسٽر جي ڪل ڪشش ثقل انتھا آهي جنھن سان ڪيتريون طاقتور gravitational lensing effect پيدا ٿيندي آهي ائين انجي نتيجي ۾ هبل تيرهن ارب نوري سال پري ڪهڪشان جي شبيهہ بہ بنائي چڪي آهي 
هبل دوربين جي بنايل هڪ تصوير جي مرڪز ۾ Abell 370 جي ڪهڪشان صاف ڏسي سگھجي ٿي پر انکي ويجھي وڏي قوس جي شڪل ۾ شبيهہ دراصل تيرهن ارب نوري سال پري موجود هڪ ئي ڪهڪشان جي پنج مختلف شبيهين آهن ڇوجو ڪهڪشان جا ڪلسٽر بہ هنگام هوندا آهن ان لاءِ ان لينزنگ سان شبيہ هڪ ئي وقت هڪ کان گھڻين جڳهن تي ٺھندي آهي ان شبيہ جي بدولت سائنسدانن نہ صرف ڪائنات جي آغاز ۾ ٺھڻ وارين ڪهڪشائن کي اسٽڊي ڪري چڪا آهن بلڪي نسبتن ويجهي ڪلسٽرز ۾ موجود ڊارڪ ميٽر جي ڪفايت ۽ ورڇ distribution جي باري ۾ بہ بھتر معلومات حاصل ڪري وٺندا 
 هبل دوربين پاران بڻايل پري وارين ڪهڪشان جون تصويرون ڏسڻ لاءِ هيٺين لنڪ تان

:- دريا خان سنڌي
https://lm.facebook.com/l.php?u=https%3A%2F%2Fwww.sciencealert.com%2Fabell-370-galaxy-cluster-gravitational-lensing-hubble-buffalo-survey-thousands-galaxies&h=AT2dqsm_gvNU-EkdBNh-rJKr8c0h-pb4s0dDdpFe26qq-BUG6AwbLClvdDphahF5SdsCRYKJ-2IzjCgyq5BAGgJws_lIZxIOJgbOy5lGx6ilQEb8Na3f80YvlktgRaw6NQM&s=1

هبل دوربين کان ملندڙ ڊيٽا کانپوءِ سائنسدانن جو اندازو آهي تہ اسانجي ڪائنات ۾ ٻہ کرب ڪهڪشائون موجود آهن

هبل دوربين کان ملندڙ ڊيٽا کانپوءِ سائنسدانن جو اندازو آهي تہ اسانجي ڪائنات ۾ ٻہ کرب ڪهڪشائون موجود آهن

جڏهن تہ اسانجي ڪهڪشان ملڪي وي چار سئو ارب ستارن سان هڪ وچ واري ڪهڪشان جو درجو حاصل ڪندي آهي جيڪا نہ تہ وڏي آ نہ ئي ننڊي هيٺ
موجود سڀ تصويرون اسانجي ڪهڪشان ملڪي وي جي هڪ حصي برج Sagittarius Arm جي آهي اسانجي ڪهڪشان ان طرح جي گھڻن وڏن وڏن Arms سان ملي ڪري ٺهي آهي ۽ هي Arms اسانجي ڪهڪشان جي ۾ موجود بليڪ هول جي گردش ۾ چڪر لڳائي رهي آهي 
اسان جنھن حصي ۾ رهندا آهيو انکي ستن روشن ستارن جو مجموعو، جبار ٻانهن Orion Arm چئبو آهي اوهانکي انکي ريل گاڏي جي ڊٻن جي مثال سان سمجھي سگھو ٿا تہ اسان مجموعو Orion نالي ڊٻي ۾ ويٺل آهيون جڏهن تہ اسانجي پاڙيسري ڊٻي جو نالو برج، قوس، راس Sagittarius آهي جيڪو اسانکي زمين کان عام اک سان ڏيکاربو آهي اسانجي ڪهڪشان کي ملڪي وي ان ڪري چئبو آهي تہ رات جو انجو هڪ حصو برج Sagittarius Arm زمين تھ تي ڏنڌلي رنگ جو ڏيکاربو آهي گرمين ۾ اوهان اڌ رات جي وقت زميني تھ تي ان حصي کي ڏسي سگھو ٿا پر ڇو تہ شھرن ۾ گھڻي روشني هوندي آهي جنھن وجہ سان جديد سروي موجب دنيا ۾ 33 سيڪڙو آبادي لائيٽي خرابي Light Pollution جي ڪارڻ عام اک سان ملڪي وي جي ان حصي کي ناهي ڏسي سگھندي جيڪڏھن اوھان برج Saggitarius Arm کي عام اک سان ڏسڻ چاهيو ٿا تہ ان لاءِ اوهانکي شھر جي روشني کان پري گرمي جي موسم ۾ اڌ رات جو ويران جڳھ تي وڃڻون پوندو جتي اوهان ان منظر کي ڏسي سگھو ٿا اسان مٿي پڙهيو تہ سج مجموعو Orion Arm ملڪي وي جي مرڪز ۾ موجود بليڪ هول جي گردش چڪر لڳائي رهيو آهي هي هڪ چڪر 23 ڪروڙ سال ۾ مڪمل ٿيندو آهي جڏهن تہ اسانجي سج جو ملڪي وي جي مرڪز کان فاصلو تقريبن 25 هزار نوري سال آهي اسانجي سج ۽ برج Sagittarius Arm جي درميان گھري گردش جا ڪڪر موجود آهن جن جو وزن ماس اسانجي سج کان ڪروڙين گنا وڌيڪ آهي اهيا ئي وجہ آهي تہ لاتعداد ستارا هجڻ باوجود برج Sagittarius Arm روشن ڏيکاربو ناهي ڇوجو گردش جي ان ڪڪڙن جي ڪارڻ ان ستارن جي روشني اسان تائين ناهي پهچي سگھندي ان گردش ۾ ڪڪرن جي لمبائي ٽي سئو نوري سال تائين آهي ان ڪڪرن کي great rift يا dark rift جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي 
اهڙا ئي گردش جا ڪڪر اسانجي ڪهڪشان جي مرڪز جي ويجهي بہ موجود آهن جنھن سان اسانکي ملڪي وي جو مرڪز عام اک سان ڏيکاربو ناهي سائنسدانن جو اندازو آهي اسان عام اک سان زميني تھ تي نو هزار ستارا ڏسي سگھندا آهيون هي سڀ جا سڀ اسانجي ويجهي هڪ هزار نوري سال جي احاطي ۾ ايندا آهن جڏهن تہ اسانجي ڪهڪشان هڪ کان ٻہ لک نوري سال تائين وسي آهي انجو مطلب هي آهي تہ ڪائنات ڇڏي اسان پنھنجي ڪهڪشان جو صرف هڪ سيڪڙو حصو عام اک سان ڏسي سگھندا آهيون 

:- دريا خان سنڌي

Friday, 18 January 2019

Scientists Have Connected The Brains of 3 People, Enabling Them to Share Thoughts

Scientists Have Connected The Brains of 3 People, Enabling Them to Share Thoughts
ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو  

ڇا جيڪو توهان سوچي رھيا  آهيو ڇا اھو ئي مان سوچي رھيو  آهيان ـ
نيورو سائنسدانن آپريشن  ڪري ٽن دماغن کي ملائي ڪري پنهنجين سوچن کي شيئر ڪرڻ جي لائق بڻايو آهي ـ
نيورو سائسندانن ھڪ تجربو ڪري ٽن ماڻهن جي دماغن کي ڪاميابيء سان ملائڻ جو رابطو  ڪرايو ته جيئن اھي پنهنجون سوچون شيئر ڪري سگهن ـــ ٽنھي ماڻهن جي دماغن کي ملائڻ کان پوء انهن کي ھڪ ٽيٽرس ( اليگزي پاجتنوفجي ايجاد ڪيل پزل گيم جنهن ۾ جاميٽريڪل صورتون يا ٽڪرا ڪري ڪري خال ڀريندا آهن ) انداز واري راند کيڏائي وئي ـ 
سائسدانن جي ٽيم سوچيو ته ھن اصلي تجربي کي ايتري حد تائين کڻي ويندو جو سڀني ماڻهن جي جي نيٽ ورڪ کي ڳنڍي ڇڏيندو, ۽ ھا , اھو  اھڙو  اسرار ٿي پوندو جيئن اھو  ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ـ اھو ھڪ اليڪٽرو سيفلو گرامس (دماغ جي سرگرميء کي رڪارڊ  ڪرڻ جو اوزار ) جي جوڙجڪ جي ذريعي ڪم ڪري ٿو جنهن جو اھم مقصد ھي آهي سائنسدان بجليء جي  وھڪري کي رڪارڊ ڪري سگهن جيڪو دماغ جي سرگرميء ڏانهن اشارو ڪري ٿو, ۽ ٽرانس ڪرينيل ميگنيٽڪ (کوپڙيء جي آرپار پار چقمقي تنتون) , جتي نيوران (تنتي جيو گهرڙا) اڀار رکن ٿا ميگنيٽڪ فيلڊ (چقمقي  ميدان) کي استعمال ڪندي ـ
تحقيق ڪندڙن جيڪي ھن نئين نظام جي پويان آهن اھي انهيء کي دماغ جو ڄار چون ٿا, ۽ چون ٿا ته انهي طريقي سان آخرڪار ڪيترن ئي دماغن کي تنتن جي ڄار جي ذريعي ملائي سگهندا ـ پر ھڪ عجيب نئين طريقو کي ميدان تي آڻڻ کان اڳ ۾ برين نيٽ حقيقت ۾ اسان کي گهڻو سيکاري سگهندي ته انساني دماغ گهرائيء واري سطح تي ڪيئن ٿو ڪم ڪري ـ
 تحقيق ڪندڙن مان ھڪ ٻڌايو ته اسان برين نيٽ پيش ڪيون ٿا جيڪا اسان جي ڄاڻ ۾ پھريون دفعو گهڻن ماڻهن جو بغير ڪنهن چڙھائيء جي دماغ جو دماغ سان سڌيء طرح تعلق قائم ڪرائي ٿي ته جيئن مسئلا حل ڪري سگهجن ـ ھن مداخلت  جي ذريعي اسان ٽن انسانن جي دماغن کي ملائي ھڪ مسئلي حل ڪرڻ جي لاء ئي دماغ جو دماغ سان سڌيء طرح رابطو  ڪرايو آهي ـ
تحقيق ڪندڙن ھن تجربي ۾ ٻن سينڊرس (موڪليندڙ ) کي اليڪٽرو سيفلوگرامس ۾ بجليء  جي ڇيڙن سان ڳنڍيو ويو ۽ انهن کي ھڪ ٽيٽرس راند کيڏڻ لاء چيو ويو جنهن ۾ بلاڪن جا ٽڪرا ڪرندا آهن ـ ھاڻي  انهن کي فيصلو ڪرڻو هيو ته انهن مان ھر ھڪ بلاڪ کي گول ڦيرائڻو آهي يا نه ـ ائين ڪرڻ سان انهن کي چيو ويو ايل اي ڊيء جي اسڪرين جي ٻئي پاسي فليش کي چتائي ڏسو --ھڪ جي فليش 15 ھرٽز ۽ ٻئي جي  17 ھرٽز ھئي جنهن دماغ ۾ مختلف سگنل پيدا ڪيا جيڪي اليڪٽرو سيفلوگرامس چونڊي سگهي ـ 
ھي پسند پوء ھلائي وئي ھڪ اڪيلي رسيور (حاصل ڪندڙ) ڏانهن ٽي ايم ايس ڪيپ جي ذريعي جيڪا حاصل ڪندڙ جي دماغ ۾ ھڪ خيال پيدا ڪري سگهندي روشنيء جي فليشز سان جنهن کي فاسفينس (اک جي تاري تي ھڪ حسي ڇلو) ٿو سڏجي ـ حاصل ڪندڙ ڏسي نه سگهندو سڄي راند جي ايريا کي پر ھن کي ڦيرائڻو ھيو ڪرندڙ بلاڪن کي جيڪڏهن روشنيء جي ھڪ فليش  واري سگنل موڪليو  وڃي ھاـ 
تحقيق ڪندڙن پنج مختلف گروھن جي ٽن ماڻهنن منجھان
راسري ,درستگيء جي سطح 25ـ81 بيٺي جيڪا پھرين ڪوشش جي وقت تمام  بھتر ھئي  ـ 
راند جي پيچيدگيء ۾ وڌيڪ تھه جي واڌ ڪرڻ , موڪليندڙ جوڙ ڪري سگهندو ٻيو دفعو ردعمل ته حاصل ڪندڙ صحيح ڪال ڪئي ھئي يا نه ـ
حاصل ڪندڙ پتو لڳائڻ جي قابل ٿي ويا ڪھڙو موڪليندڙ گهڻو اعتبار وارو آهي اڪيلي سر دماغ جي رابطي جي بنياد تي جنهن جي لاء تحقيق  ڪندڙ چون ٿا ته ترقي يافته سسٽم  جيڪو حقيقي دنياوي نظارن سان گهڻو تعلق رکي ٿو جتي انسان نه چاهيندي به ھڪ جزو آهي ـ 
۽ جڏهن ته موجوده سسٽم فقط ھڪ ٽڪڙو ( يا فليش)  ڊيٽا جو ھڪ وقت تي, واشنگٽن ۽ ڪارنيگي ميلن يونيورسٽين جي ٽيم سوچي ٿي ته مستقبل ۾ ھن سيٽ اپ  کي وڌائي سگهجي ٿو ـ تحقيق ڪندڙن جي ساڳي ئي گروپ اڳ ۾ ٻن دماغن کي ڪاميابيء سان گنڍڻ جي لائق ٿي ويا ۽ انهن کي ھڪ ويھن سوالن واري راندکيڏائي وئي جيڪي ھنن ھڪ ٻئي کان پڇيا ـ وري فينٽم فاسفين فليشز استعمال ڪيون ويون ته جيئن اطلاع منتقل ڪري سگهجن , ھن حالت ۾ ھا يا نه ـ
ھن وقت اھو تمام آھستي آهي ۽ مڪمل طور تي اعتماد  جي لائق نه آهي ۽ ھن ڪم کي نيورو سائسندانن جي لاء ٻيھر تجربي لاء پيش ڪبو پر ھي ھڪ سراسري نظر آهي وھمي طريقن تي ته اسان مستقبل ۾ پنهنجون سوچون ھڪ ٻئي کان حاصل ڪري سگهون ٿا --- شايد ذهني ذريعن کي ھڪ ھنڌ گڏي اھم مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش پڻ آهي ـ

چنڊ تي پيدا ٿيندڙ پھريون ٻوٽو مري ويو

چنڊ تي پيدا ٿيندڙ پھريون ٻوٽو مري ويو
دريا خان سنڌي 

ٻہ ڏينھن اڳ چيني سائنسدانن اهيو اعلان ڪيو هيو تہ چنڊ تي زندگي جا ڪرڻا روشن ٿيا آهن جڏهن چين جي چينگ فور نالي خلائي مشن گاڏي ۾ رکيل ڪنٽينر ۾ ڪپھ، سرهن ۽ ٻٽالن جا ٻوٽا پيدا ٿيا. هي بائيولاجيڪل تجربو دراصل چينگ فور مشن جو حصو هيو جنھن ۾ چين جي 28 يونيورسٽيز جي مدد سان 20.5 ڪروڙ روپين جو ڪنٽينر ٺاهيو ويو تہ جيئن چنڊ تہ ٻوٽا پيدا ڪري ڏسجن تہ گهٽ ڪشش ثقل گهڻي ريڊيشنز ۽ پڌ حرارت ۾ تيز تبديلي 
 سبب ٻوٽا ڪيئن behave عمل ڪن ٿا، پر هاڻي چنڊ کان ملندڙ خبر موجب تہ ڪپھ جو ٻوٽو شديد ٿڌ ڪارڻ ڪومائجي ويو آهي يعني مري ويو آهي، ۽ اندازو آهي بقايا 2 ٻيا بہ مري ويا آهن جنھن کانپوءِ چنڊ اڳ جيان وري زندگي کان خالي هڪ جڳھ بڻجي چڪو آهي، ڇوجو چنڊ تي ڏينھن ۽ رات چوڏھن چوڏهن ڏينهن تائين هوندا آهن جنھن ڪارڻ اتي ڏينھن جو پڌ 127 ڊگري تائين هوندو آهي جڏهن تہ رات جو پڌ منفي 173 ڊگري تائين ڪري ويندو آهي، هي مشن چنڊ جي پويان واري ڪاري حصي تي لٿو هيو ۽ جڏهن تہ چنڊ جو اڳيون حصو جيڪو اسان ڏا هوندو آهي روشن آهي جنھن وجہ سان ٻن ڏينهن پھريون چنڊ جي پويان واري حصي تي رات ٿي چڪي هوندي آهي، ائين ڪنٽينر جي اندر پڌ منفي 52 تائين ڪري چڪو هيو جيتوڻيڪ چيني سائنسدانن پاران ڪنٽينر جي اندر هيٽنگ جو نظام بہ رکيو ويو هيو پر اهو نظام وقت سر سهي نموني پنهنجو ڪم سرانجام نہ ڏئي سگھيو ۽ ٿڌ جي شدت کي گهٽ نہ ڪري سگهيو جنھن کانپوءِ ڪپھ جو ٻوٽو حيات نہ رهي سگھيو. ائين ئي چنڊ جي سطح تي جاري رهڻ وارو تاريخي انساني بائيوليوجيڪل تجربو جنھن کي 3 مينھان جاري رهڻو هيو 9 ڏينهن ۾ آخر تائين پهچي ويو.
جنھن کانپوءِ ماهرن کي چنڊ بابت نئي معلومات حاصل ٿي جيڪا مستقبل ۾ ڪارآمد ثابت ٿيندي

بي ترتيب خواب منظم دماغ جا ضامن آهن.

بي ترتيب خواب منظم دماغ جا ضامن آهن.

دريا خان سنڌي 

اوهان کي يقين اهڙا خواب ياد رھندا جن جو نہ ڪو مٿو نہ پير اهڙا خواب هر هڪ کي ايندا آهن.
سائنسدانن موجب اُھو ان ڪري ٿيندو آهي تہ ننڊ جي دوران دماغ سڄو ڏينھن تجربن جو مقابلو پراڻي يادن سان ڪندو آهي جيئن اُهو فيصلو ٿي سگهي تہ ڪھڙيون يادون اهم آهن جن کي مستقل يادن جي سرشتي ۾ منتقل ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙيون يادون معمولي آهن جن کي ياد رکڻ جي ضرورت ناهي. ائين ڪرڻ لاءِ دماغ نين يادن سان تعلق پيدا ڪرڻ لاءِ گھڻيون پراڻيون يادون ڏسندو آهي ۽ انهن کي نئين يادن سان ملائيندو آهي جيئن نين يادن ۽ پراڻين يادن کي جاچي تعلقاتن جو جائزو وٺي سگهي. هي ڪم جاڳڻ ۾ ناهي ٿي سگهندو ڇوجو جاڳڻ وقت اسان کي پنھنجي ماحول تي توجھ ڏيڻ هوندي آهي ۽ شعوري ذهن هڪ وقت ۾ صرف هڪ ڪم تي ئي مرڪوز ڪري سگهجي ٿو.
ھي اسان جو انفرادي تجربو بہ آهي ۽ گھڻن سائنسي تجربن سان بہ ثابت ٿيل آهي تہ خوابن ۾ حال ئي ۾ گذرندڙ واقعن جي  وڌائي هجي ٿي پر ان سان گڏ گڏ گهڻيون پراڻيون يادون بہ بي ترتيب طور خواب ۾ شامل ٿينديون آهن. 
تجربن مان ثابت ٿيو آهي تہ حال ئي ۾ گذريل واقعن مان بہ اسان اهي واقعا گهڻو ياد رکندا آهيون جن جي باري ۾ اسان خواب ڏسي چڪا هجون، خوابن جي دوارن دماغ جا اهي حصا گهڻو فعال هوندا آهن جيڪي اسان جي جذباتن ۽ نظرثاني جي پراسيسنگ ڪندا آهن ان جي ابتڙ خوابن جي دوارن دماغ جا اهي حصا گهڻو گهٽ فعال هوندا آهن جيڪي پلاننگ ۾ ڪم ايندا آهن ۔ منطقي سوچ ۾ حصو وٺندا آهن ۽ جيڪي واقعات جو تسلسل بڻجندا آهن ان ڪري خواب ۾ غير منطقي شيون گهڻو ڪري موجود هونديون آهي ۽ خوابن ۾ تسلسل ناهي هوندو يعني اسان هڪ لمحي پنهنجو پاڻ کي موجوده گھر ۾ ڏسندا آهيون ۽ اڳئين لمحي وري پنهنجو پاڻ کي ننڍپڻ جي گھر ۾ ڳوليون ٿا.
ان حقيقت سان سائنسدانن هي نتيجا پڌرا ڪيا آهن تہ ننڊ جي دوران دماغ حال ئي ۾ ٿيندڙ تجربن کي پراڻين يادن سان گڏ integrate ڇنڊ ڇيد ڪرڻ جو ڪم ڪندو آهي، خوابن جي ترتيب ان عمل جو نتيجو ھوندي آهي.

ماهرن پاران سپر ميسوو supermassive بليڪ هول جي ٺھڻ جو راز دريافت ڪري ورتو

ماهرن پاران سپر ميسوو supermassive بليڪ هول جي ٺھڻ جو راز دريافت ڪري ورتو

دريا خان سنڌي 

اسان ڄاڻون ٿا تہ تقريبن هر ڪهڪشان جي مرڪز ۾ هڪ 
وڏو بليڪ هول موجود آهي جنھن جو ماس سج جي ماس کان ڪروڙين اربن ڀاڱي گھڻو هوندو آهي، جڏهن تہ اسانکي اڃان تائين هي معلوم نہ هو تہ سپر ميسوو supermassive بليڪ هول ڪيئن ٺھندو آهي، سائنسدانن جو خيال هو تہ هي بليڪ هول ويجھي وارن ستارن کي آهستي آهستي پاڻ ڏا ڇڪي ۽ انھن مان گيسون خصي ڪري پنھنجو ماس وڌائيندا رهندا آهن. جڏھن تہ نئي مشاهدن سان اهيو دريافت ٿيو آهي تہ هي بليڪ هول اک ڇمڀندي ڪيترن ئي ستارن کي هضم ڪرڻ جي صلاحيت بہ رکندا آهن. 
2017ع ۾ تل ابيب يونيورسٽي جي سائنسدانن پاران مختلف ڪهڪشان جي سروي ۾ ڏٺو تہ هڪ پري واري
ڪهڪشا جي مرڪز جي ويجھي گهڻا شديد ڌماڪا
ٿي رهيا هيا، پھريان سائنسدانن جو خيال هيو تہ ڪو رولو ستارو بليڪ هول جي ويجهي هليو ويو آهي جنھن مان مادو بليڪ هول ۾ ڪرڻ جي ڌماڪن مان گهڻي ڀاڱي طاقتور هيو، انکان علاوہ هي ڌماڪا مسلسل 14 مينھن کان ڏٺا ويندا هيا، ڪنهن ستاري جي بليڪ هول ۾ ضم ٿيڻ جو عمل بہ ڪجھ هفتن ۾ مڪمل ٿي ويندو آهي. ائين سائنسدانن جو خيال آهي تہ بليڪ هول جي ڪشش سان گيسن جا عظيم ڪڪر جيڪي گهڻي ڀاڱي ستارن جي ماس جي برابر آهن بليڪ هول ۾ ڪري رهيا آهن، ائين هاڻ سپر ميسوو supermassive بليڪ هول جي ٺھڻ جو نيو ماڊل ٺھڻ ڏنو ويو آهي، جنھن جي روعي سان هي بليڪ هول گيسن جي عظيم ڪڪرن کي مسلسل پنھنجي اندر ضم ڪندا رهندا آهن جنھن ڪارڻ انھن جو ماس تيزي سان وڌندو آهي

چين پاران پھريون ڀيرو چنڊ تي ڪپھ کي پوکڻ جو ڪامياب تجربو

چين پاران پھريون ڀيرو چنڊ تي ڪپھ کي پوکڻ جو ڪامياب تجربو

ياد رهي چين پارن اُماڻيل چينگ فور مشن گاڏيون جن چنڊ جي ڪاري حصي تي ڪاميابي سان لينڊ ڪري ورتو هيو لینڊر تي ٽين ڪلو گرام جو هڪ ڪنٽينر جنھن ۾ حياتياتي تجرن لاءِ بند ڪنٽينر ۾ ڪپھ، ٻٽالن، سرهن جا ٻج ۽ ڪجھ ڪيڙن جا آنا پڻ ان اندر موجود هيا، جن مان ڪپھ جي ٻجن مان ٻوٽا پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن
چیني اسپیس آرگنائزیشن موجب چنڊ تہ ٻٽالون خوارڪ جو هڪ سٺو ذريعو ٿي سگھجن ٿا، سرهن مان تيل ۽ ڪپھ مان ڪپڙا بڻائي پڻ سگھجن ٿا

چھري تي داڻا

Pimples on face
چھري تي داڻا
Or            يا

White acne spots on face
White heads
چھري تي چرٻ داڻ

اصغر ساگر

نوجواني ڦوھ جيون رکي ٿي ۔ جنسي اڀار رکي ٿي ۔ موھ طرف مائل رھي ٿي ۔ چاھيندي نہ چاھيندي جنسي رجحان جي ڇڪ رھي ٿي نتيجي طور داڻا نڪرن ٿا. داڻا ان وقت نڪرن ٿا جڏھن غدود سيبيم کي خارج ڪن ٿا سيبم Sebum تيلي مادو پيدا ڪن ٿا ۽ ضرورت کان وڌيڪ فعال ٿي وڃن ٿا ۽ وقت کان وڌيڪ سرگرمي ڏيکارين ٿا ان جو سبب ھارمونن جي تبديلي ھوندي آھي. سيبم جو ھڪ ڪم گهرڙن کي چمڙي تائين وٺي وڃڻ آھي پر وڌيڪ ھارمون خارج ٿيڻ جي ڪري سيبم غدودن جو رستو روڪي ٿو اھڙي طرح سيبم ۽ گهرڙا ٻئي اٽڪ جو شڪار ٿين ٿا ۽ چرٻ داڻن Comedo کي تشڪيل ڪن ٿا. چرٻ داڻا چمڙي جي ھيٺين سطح ۾ اڀرن ٿا اھي اڇي داڻ White heads جي شڪل وٺن ٿا جنھن جي ڪري اڳتي ھلي منھن جو رنگ ڪارسرو ٿيڻ لڳي ٿو ۽ ھي سلسلو جاري رھي ٿو جيسين چمڙي تي داڻا نڪرڻ ٿا.
ڇوڪريون جيڪي 12 سالن جي عمر کان مٿي ۽ ڇوڪرا 13 سالن جي عمر کان مٿي پھچن ٿا تہ داڻا نڪرن ٿا. سائنسدانن مطابق نرزو ھارمون Androgen داڻن جو سبب بنجي ٿو. نرزو انهن غدودن کي فعال ڪري ٿو جيڪي سيبم Sebum کي تشڪيل ڪن ٿا. بلوغت کان پوء ڇوڪرن جي جسم ۾ ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ ڏھوڻ وڌيڪ نرزا ھارمون Androgen پيدا ٿين ٿا. ڪافي ڇوڪريون جن کي ڪپڙن دوران داڻا نڪرن ٿا يا خاص ڪري ڪپڙن اچڻ کان اڳ ھفتو پھرين داڻن ۾ شدت اچڻ جا امڪان رھن ٿا. سڻڀي چمڙي يا سڻڀا وار داڻن جو سبب ناھن پر چھري جي داڻن جي شدت ۽ تيل جي ان مقدار درميان تعلق ضرور رھي ٿو پر ڪافي اھڙا ماڻھو ٿين ٿا جن کي سڻڀي چمڙي رھي ٿي پر داڻا نٿا نڪرن ۽ ڪافي خشڪ چھرن وارن داڻا نڪرن ٿا.
دوائن کائن سان ڇڙھ جو ڪم ٿئي ٿو چھري تي خارش جھڙي ڪيفيت ۽ خشڪي پيدا ٿئي ٿي ۽ مئل گهرڙا چمڙي کان الڳ ٿي وڃن ٿا. دوائون بيڪيٽيريائن جي جڙت کي روڪن ٿيون جنھن سان چرٻي وارن تيزابن جي بنجڻ ۾ گهٽتائي اچي وڃي ٿي جيڪي داڻن جو سبب بنجن ٿا.
داڻن کي پٽڻ يا رڳڙڻ نہ کپي اڃان چمڙي منجهندي چمڙي جا اوڄا متاثر ٿيندا. ھي داڻن جو اھم سبب آھي پر داڻن جا ٻيا سبب بہ ٿي سگهن ٿا.
داڻ جي ڪري چمڙي جي رنگ ۾ فرق اچي ٿو منھن تي ڪٿئي يا ڪارا داغ بنجي وڃن ٿا داغن جي سطح وڌندي گهٽجندي رھي ٿي. داڻ جي ڪري چھري تي ڪو فرق نٿو پوي. چھري تي داڻ وٽامن بي ۔ ڪيلشم ۽ فولاد جي گهٽتائي جي ڪري ٿئي ٿي. اسان کي ھي ڳالھ نوٽ ڪرڻ کپي تہ جيڪڏھن ڳل تي داڻا نڪرن ٿا انهي کي ڦڦڙن جي ڪمزوري بہ سمجهي سگهجي ٿي. ان ڪري صبح جو تازي ھوا وٺڻ لاء  صبح جو گهمجي. ھي داڻن جا اھم سبب آھي پر داڻن جا ٻيا سبب بہ ٿي سگهن ٿا جن تي روشني وجهجي ٿي.

سبب :-
چمڙي جي نرزن غدودن ۾ بي قائدگي اچڻ.
جنسي ھارمونن ۾ بگيڙ.
ڪئلشم جي کوٽ.
پوٽيشم جي کوٽ.
جيري جي خرابي.
پيٽ.
مينوپاز.
ايميباسس.
دل جي بيماري.
رت جي کوٽ.
ليڪوريا.
قبضي.
وڏي بيماري.
پيٽ جا ڪيڙا.
جسم ۾ وٽامن اي جي کوٽ.
چڙچڙوپن
ذھني مونجھ.
پريشاني.
شراب
تماڪ بوشي
وڏي عرصي تائين دوائن جو استعمال ڪرڻ.
ننڊ جون گوريون کائڻ.
گھرو ميڪپ ڪرڻ.
بار بار بليچ ڪرائڻ.
اس ۾ گهمڻ.
سستي ۽ ڪيميائي جزن واري ڪاسميٽڪ استعمال ڪرڻ.
روج.
فائونڊيشن.
ھيئر ڊاير استعمال ڪرڻ.

احتياط :-
اس ۾ نہ نڪرجي.
ذھني مونجھ کان آزاد رھجي.
رات جو دير تائين نہ جاڳجي.
رات جو سمھڻ وقت ميڪپ لاھجي ۽ منھن ڌوئجي.
ھيئر ڊاير کان پرھيز ڪجي.
رت پيدا ڪندڙ شيون کائجن.
پاڻي وقفي وقفي گلاس پيئندو رھجي.
چھري جي بليچ نہ ڪرائجي.
ڪاسميٽڪس جو استعمال نہ ڪجي ڇوجو چھري تي ڇوت جو خطرو رھي ٿو.

 علاج :-
ھيٺ سولن نسخن سان علاج بيان ڪجي ٿو جيڪي چھري تان مئل گهرڙن کي ھٽائيندا ۔ چمڙي کي صاف ڪندا ۽ مسامن کي کوليندا. ڪوبہ ھڪ نسخو استعمال ڪجي سڀ نسخا ھڪ وقت استعمال نہ ڪجن.

(1) نسخو
ماکي     ننڍو چمچو
عرق گلاب ننڍو چمچو
پنج بوندون    انگوري سرڪو
ملائي منھن کي لائجي.

(2) نسخو
 صندل پائوڊر      اڌ چمچو
ھيڊ                    چپٽي
کير                     4 چمچا
پاڻ ۾ ملائي منھن کي لائجي.

(3) نسخو
کيري جو رس        چمچو
گجر جو رس         چمچو
ٽماٽي جو رس       چمچو
ملائي منھن کي لائجي.

(4) نسخو
 پپيتي جي ٽڪر کي منھن تي ڦيرجي.

(5) نسخو
موري جو رس     چمچو
ماکي                  اڌ چمچو
ملائي منھن تي لائجي.

(5) نسخو
موري جو رس     چمچو
ماکي                  اڌ چمچو
ملائي منھن تي لائجي.

(6) نسخو
بيسڻ         چمچو
کير            چمچو
ملائي منھن کي لائجي.
لڳائڻ سان داڻا ختم ٿيندا ويندا.

(7) نسخو
3 بادام کير ۾ گهوٽي منھن کي لائجي.

(8) نسخو
ڏاڙھون جو شربت دتو ڪمپني 2 ٻجيون گلاس پاڻي ۾ ملائي صبح جو پيئجي.
ڪاسني جو شربت دتو ڪمپني 2 ٻجيون مني گلاس پاڻي ۾ ملائي شام جو پيئجي.

(9) نسخو
ماکي     چمچو
ڏھي      چمچو
ملائي منھن تي رات جو ھڻجي ۽ صبح جو منھن ڌوئجي.

(10) نسخو
کيري جو رس ھفتي ۾ 2 ڀيرا منھن کي لائجي.

(11) نسخو
پٽاٽي جو رس منھن کي ھڻجي نشان ختم ٿي ويندا.

(12) نسخو
پڪل ڪيلي جي اندرين کل منھن تي ڦيرجي.
چھرو صاف ٿيندو ۔ چمڙي تان مئل گهرڙا لھندا ۽ جڳ مڳ جرڪاڻ پيدا ٿيندي.

(13) نسخو
جيڪڏھن فولاد ۽ ڪيلشم جي کوٽ ھجي
جيرو                                          تولو
پالڪ جو ٻج پسارڪي دڪان وارو تولو
ڌاڻا سڄا سڪل                            تولو
مصري                                         3 تولا
سڀ وکر ملائي ڪٽي پائوڊر ڪجن.
چپٽي روز پاڻي سان شام جو.

نوٽ :-
ڪوبہ ھڪ نسخو استعمال ڪجي ھڪ وقت سڀ نسخا استعمال ڪجن.
ھلندڙ

يارهن 11 ارب سال پراڻي ڪهڪشان جي تصوير

يارهن 11 ارب سال پراڻي ڪهڪشان جي تصوير
دريا خان سنڌي 

هبل دوربین پاران پنھنجو الٽروائيٽ ڪيمئرو استعمال ڪندي مٿاڇري جي هڪ حصي جي پنورامڪ   panoramic تصوير ٺاهي آهي جنھن ۾ اسان کان 11 ارب نوري سال پري موجود ڪهڪشان کي ڏٺو ويو آهي، ناسا جي سائنسدانن اهو ڏسي حيران ٿي ويا تہ ان تصوير ۾ ڪجھ درجن يا ڪجھ سئو نہ بلڪي لڳ ڀڳ 15 ھزار ڪهڪشائون آهن ۽ انھن مان گھڻو ڪري ڪهڪشان ۾ گهڻي ڀاڱي نيا ستارا جنم وٺي رهيا آهن، هي تصوير هبل دوربين پاران ورتي وئي آهي تصويرن ۾ سڀ کان وڏي يعني پنورامڪ panoramic آهي ۽ ڪائنات جي ان وقت جي آهي جڏهن گهڻو ڪري ڪهڪشان ۾ تمام گھڻا نيا ستارا جنم وٺي رهيا هيا جيتوڻيڪ ان کان پھريان هبل دوربین انھن کان گهڻو ڪري گھڻين پراڻين ڪهڪشان جون تصويرون ٺاهي چڪي آهي پر انھن گھڻين پراڻين ڪهڪشان ۾ نيا ستارا ان وڌاءُ سان پيدا نہ ٿي رهيا هيا ان موجوده تصوير سان ڪاسمالوجسٽس کي ڪهڪشان ۾ ستارن جي ٺھڻ جي عمل کي سهي نموني سمجھڻ ۾ مدد ملي سگھندي

Friday, 11 January 2019

ننڊ ۾ عارضي فالج

ننڊ ۾ عارضي فالج
دريا خان سنڌي

جڏھن بہ اوهان ستل هوندا آهيو تہ اوھان جو دماغ جسم جي گهڻي عضون کي ناڪارو ڪري ڇڏي ٿو. ان ڪري جو تيز ننڊ REM يعني Rapid Eye Movement ننڊ جي دوران اکين جي بند پنبڻين جي هيٺ اکيون حرڪت ڪنديون رهنديون آهن، خواب ۾ اوهان جيڪو ڪجھ ڏسندا آهيو ان جسم کي هروڀرو حرڪت نہ ڏجي. هڪ تہ اوهان جي اک کلي ويندي ۽ ٻيو اوهان اوچتو حرڪت سان پنھنجو پاڻ کي زخمي ڪري سگهو ٿا، ڇوجو اوهان ننڊ ۾ هوندا آهيو ان لاءِ عام طور تي اوهان کي ان ڳالھ جو شعور ناهي هوندو تہ اوھان جو جسم هڪ قسم جي عارضي ننڊ جو شڪار آهي. 
گهڻو ڪري اهڙا ماڻهو ننڊ جي ان حالت ۾ هوندا آهن جنهن ۾ هو شعوري طور تي جاڳي رهيا هوندا آهن پر پر جسم ان عارضي فالج جو شڪار رهندو آهي، ان حالت ۾ گهڻو ڪري هي ماڻهو خواب بہ ڏسي رهيا هوندا آهن. ان حالت ۾ جيڪڏهن هي ماڻهو ڪا حرڪت ڪرڻ چاهيندا آهن تہ ان عارضي فالج جي ڪري حرڪت ناهن ڪري سگهندا.
ان صورت ۾ اهڙن ماڻھن کي هي شعور هوندو آهي تہ انهن جو جسم حرڪت نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن خواب ۾ اُهي ڪو خطرو ڏسندا آهن ۽ ان کان ڀڄڻ چاهيندا آهن پر انهن کي هي احساس هوندو آهي تہ انهن جو جسم حرڪت نٿو ڪري سگهي جڏھن تہ هي حالت انهن تي گهڻو خوف پيدا ڪندي آهي.

اسپیس سوٽ جا حصا Parts of a Spacesuit

اسپیس سوٽ جا حصا Parts of a Spacesuit

حصو ٽيون ۽ آخري 
دريا خان سنڌي 

هيلمٽ 
Helmet
تصویر نمبر 1

خلا باز جي مٿي کي ڊڪڻ کان سواءِ ان ۾ آڪسيجن ڏيڻ جي لاءِ بہ جڳھ هوندي آهي هيلمٽ آڪسيجن کي هڪ مناسب پريشر تي رکندو آهي، هيلمٽ جو گھڻو حصو نج پلاسٽڪ سان ٺھيل هڪ بلبلا جيان هوندو آهي ان بلبلي کي وڌيڪ هڪ هيلمٽ واري ششي visor سان ڊڪجي سگھجي ٿو سج جي خطرناڪ شعاعن کان بچڻ لاءِ انتي سون جي چادر چاڙهي ويندي آهي، ان هيلمٽ تي ٽي وي ڪيمرا ۽ بتيون بہ لڳائي سگھجن ٿيون. 

رابطو جوڙيندڙ نظام
Communication Carrier Assembly
تصویر نمبر 2

انکي snoppy cap بہ چئبو آهي ان ۾ ائير فون ۽ مائيڪرو فون هوندا آهن جيڪي هيلمٽ جي اندر پاتا ويندا آهن، هي حصو خلائي لباس ۾ موجود ريڊيو سان جڙيل هوندو آهي. 

جسم کي ٿڌو ۽ ھوا دار رکڻ وارو ڪپڙو 
Liquid Cooling and Ventilation Garment

تصویر نمبر 3

عام طور تہ ڪپڙا جسم کي گرم رکڻ لاءِ هوندا آهن پر هي گارمنٽ جسم کي ٿڌو رکڻ لاءِ هوندو آهي، ان اسپيس سوٽ جي اندر 300 فٽ وڏيون سوڙيون ناليون هونديون آهن جن مان پاڻي گردش ڪندو آهي جنھن سان خلا باز جي جسم کان گهڻي گرمي پڌ جذب ڪري ڇڏيندي آھي، ڪپڙي ۾ سوارخ vents خلا باز جي پگھر کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندي آهي، ۽ پگھر کي واپس ڪارآمد بڻائي پاڻي ۾ شامل ڪري ڇڏيندي آهي. 


گهڻي کان گهڻو جذب ڪرڻ وارو ڪپڙو
 Maximum Absorption Garment
تصویر نمبر 4

خلائي چيهل قدمي ڪنهن وقفي کان سواءِ 6 ڪلاڪ تائين جاري رهي سگھجي ٿي، خلا باز خلائي لباس جي اندر  diaper بہ پائيندا آهن. 

گم ٿيڻ جي صورت ۾ اسٽيشن تي واپس اچڻ لاءِ جيٽ پيڪ سيفر 
Simplified Aid for EVA Rescue(SAFER)

تصویر نمبر 5

سيفر هڪ لائف جيڪٽ جيان آهي خلا باز عام طور تي اسپيس اسٽيشن سان گڏ لڳام tether جي ذريعي جڙيل هوندا آهن، ۽ ڪنهن وجهہ سان اها لگام ٽوٽي وڃي تہ خلا باز خلا ۾ گم ٿي ويندو، تہ سيفر ان مقصد جي لاءِ بنائي ويندي آهي، تہ خلا باز ٻيهر آڏامي ڪري اسٽيٽن تي واپس اچي وڃي، سيفر پويان پاتو ويندو آهي ۽ ان ۾ نائيٽروجن جا جيٽ jets thruster لڳل هوندا آهن، جنھن ڪارڻ خلا ۾ هيڏا هوڏا گھمي سگھجي ٿو، سيفر کي joystick سان ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي. 

ڪلائي جو آئینو 
Wrist Mirror
تصویر نمبر 6

سوٽ کي پھريل خلا باز ڇاتي تہ لڳل ڪنٽرول موجول Control module کي ناهين ڏسي سگھندا انھن کي ڏسڻ لاءِ هڪ آئينو حصي تہ لڳل هوندو آهي، ڪنٽرول تي لکائي اُبتي لکيل هوندي آهي جيئن آئيني ۾ هو سڌي نظر اچي، جيئن هڪ ايمبولينس ۾ لکيل هوندي آهي. 

ڪف چیڪ لسٽ
Cuff Checklist
تصویر نمبر 7

هٿ جي ڪلائين تي هڪ ننڊڙي چيڪ لسٽ بہ پھريل هوندي آهي ان لسٽ تي جيڪي ڪم ڪرڻا هوندا آهن لکيل هوندا آهن. 

حفاظتي لڳامون
Safety Tethers
تصویر نمبر 8

اسپیس اسٽیشن سان گڏ جوڙيل رهڻ لاءِ لڳامون هونديون آهن جيئن خلا باز خلا ۾ چوڌاري گردش نہ ڪري. 

هڪ پوري اسپيس سوٽ جي ڪل رقم  12,000,000$  ڊالر آهي.

ڇا اسپيس سوٽ کان بغير انسان زندھ رهي سگھجي ٿو؟

بلڪل بہ نہ
زمين کان علاوه نظام شمسي ۾ ڪو اهڙو سيارو اڃان تائين دريافت ناهي ٿيو جتي انسان بنا اسپيس سوٽ جي رهي سگھجي، نظام شمسي بابت اڃان اسانجي معلوماتي صفا گھٽ آهي، انڪري اسپيس سوٽ کان بغير انسان جي جسم اندر مختلف گيسون ڀرجڻ سبب ڦاٽي پوندو ۽ ذرا ذرا ٿي ويندو.