Saturday, 17 November 2018

ورزش نہ ڪرڻ ذھني مونجھ Depression جو سبب ٿي سگهي ٿي


 "دريا خان سنڌي"

ورزش اسانجي ذهني ۔ جسماني ۔ جذباتي ۽ صحت لاء لازم آهي. برطانيا يونيورسٽي جي هڪ تحقيق مطابق ورزش ڇڏي ڏيڻ نہ صرف صحت لاء نقصانڪار آهي پر ذھني مونجھ جون علامتون پيدا ڪرڻ جو سبب ٿي سگهي ٿي. عام حالتن ۾ اسان ورزش کي وزن گهٽ ڪرڻ جو ذريعو سمجهون ٿا جڏهن تہ هي صحتمند زندگي گذارڻ جو بنياد آھي. ذھني مونجھ Depression، ڳڻتي Anxiety، رت جو داٻ Blood pressure، ۽ شڳر Sugar جهڙن مرضن کي ورزش ذريعي گهٽ ڪري سگهجي ٿو.
هڪ خوشگوار صحت مند زندگي گذارڻ لاء پنھنجي روزمره جي معاملن کي سٺي منصوبا بندي جي ضرورت پوي ٿي. اوهان روزانو صبح جو ورزش لاء ڪجھ وقت ڪڍو ۽ هڪ ٽائيم ٽيبل جوڙي مختلف ورزشون ڪندا رهو. يوگا، پلينڪ، ايروبڪ، هلڻ ڦرڻ ۽ ڊوڙڻ کي پنھنجي عادت بڻائي پنھنجو پاڻ کي فٽ فاٽ بنائي سگهوٿا. چيلھ جي سور، هڏين جي تڪليف ۽ ٻين بيمارين کان بچڻ چاهيو ٿا تہ پوء ڏينھن جي شروعات چستي سان ڪريو ڇوجو سستي جو آغاز سڄو ڏينهن سستي ۽ بيزاري جو سبب ٿئي ٿو. ورزش سان گڏوگڏ پنھنجي خوراڪ ڏي بہ ڌيان ڏيو تہ اوهان پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪندا جنھن سان روز معمول جا ڪم ڪار اوهان لاء سولا ٿيندا ۽ سستي ٿڪاوٽ گهٽ محسوس ٿيندي


No comments:

Post a Comment