"دريا خان سنڌي"
اڌ زندگي يعني 25 سال ننڊ ڪرڻ ۾ گذري ويندا آهن
آرام صحت لاءِ مفيد هوندو آهي. سٺي ننڊ ڪرڻ سان دماغ تازو سٺي نموني ڪم ڪندو آهي جنهن سان پورو ڏينهن سٺو گذرندو آهي سٺي طرح ننڊ ڪرڻ سان جسماني صحت Physical Health ۽ دماغي صحت Mental Health
سھي رهندا آھن.
ماهرن جو چوڻ آهي سٺي ننڊ ڪرڻ سان عمر وڌندي آهي بنسبت خراب ننڊ جي، جيڪڏهن 12 ڪلاڪ آرام ڪرڻ کان پوء بہ صبح جو اوهانکي سستي محسوس ٿئي تہ اوهانجو سمهڻ جو طريقو خراب آهي. جڏهن رات جو اوهان کاڌو کائي سمهي ٿا رهو ۽ اوهانکي صحيح ننڊ ڪرڻ جو طريقو نٿو اچي تہ اوهانجي صحت خراب رهندي.
ننڊ ڪرڻ جا چار طريقا آهن
سڌو پاسو Front Side
اونڌو پاسو Back Side
کاٻو Left side
ساڄو Right side
سڌو ۽ اونڌو سمهڻ بلڪل غلط ۽ صحت لاء نقصانڪار آهي.
سڀ کان سٺو ۽ صحت لاء مفيد طريقو Left کاٻي پاسي وارو آهي. Left کاٻي پاسي سمهڻ سان ھاضمي جو سرشتو Digestive System سهي ڪم ڪندو آهي. کاڌو صحيح نموني هضم ۽ رت جسم ڏانھن صحيح طرح سپلائي ٿيندي آهي جنهن سان ننڊ سٺي نموني ۽ گھري ايندي آهي ۽ جسم ۾ تازگي محسوس ٿيندي آهي.
ساڄي پاسي سمهڻ سان رت سپلائي ٿيڻ ۽ کاڌو هضم ٿيڻ ۾ رڪاوٽ ٿيندي آهي
No comments:
Post a Comment