زڪام
”امتياز علي“
ساڍا ٽي هزار سال پهريان هڪ مصري اسڪالر ويٺي ويٺي هڪ ميڊيڪل مضمون لکيو جيڪا تاريخ ۾ ڄاڻ ميڊيڪل جي سڀ کان سائنس جي سڀ کان پراڻي لکيت آهي. ايبرس پيپائرس ۾ بيان ڪرڻ واري هڪ بيماري “رشح” آهي. هن جي علامتن ۾ کنگھ ۽ وهندڙ نڪ آهن. مصري طبيب 1550ع کان اڳ قبل مسيح ۾ لکي ان ليک ۾ زڪام کي بيان ڪري رهيا هيا، ڪجھ وائرس نيا آهن. ڪجھ گھڻا ننڍڙا جيڪي گهٽ نظر ايندا آهن پر انساني رائنو وائرس زڪام جي وڏي وجھ آهي ۽ دمي جي پڻ. قديم آبادين کان انسان شهرن جا ساٿي آهن. تقريبن هڪ ماڻهون پنهنجي عمر جو هڪ سال هن وائرس جي وجھ سان بيماري جي حالت ۾ گذاريندو آهي، يعني انسان کي بيمار ڪرڻ وارو ڪامياب وائرس سڏبو آهي.
يوناني طبيب بقراط جو چوڻ هو تہ زڪام هيومر جي گھٽ توازن جو نتيجو آهي. ان کان ٻہ هزار سال کانپوءِ 1920ع ۾ “ليونارڊ هل” لکيو ته زڪام صبح ٿڌ ۾ ٻاهر وڃڻ جي ڪري ٿيندو آهي. گرم جڳھ کان ٿڌ واري جڳھ ڏانهن وڃڻ جي ڪري ٿيندو آهي. هن جي اصل وجھ تائين پهچڻ جو پهريون پيرو جرمن مائيڪرو بائيولوجسٽ والٽر ڪروز کي مليو.
زڪام جي حالت ۾ وهندڙ نڪ مان حاصل ڪرڻ واري پاڻياٺ کي فلٽر سان ڇاڻي ڪجھ قطرا پنهنجي ٻارنهن ساٿين جي نڪ ۾ وڌا. انهن مان چار ڄڻن کي زڪام ٿي ويو. اڳيون تجربو ڇٽيھ شاگردن تي ڪيو. انهن مان پندرهن بيمار ٿي ويا. ان گروپ جو ڀيٽ پنجٽيھ شاگردن کان ڪيو انهن سان ائين نہ ڪيو ويو هو. ان گروپ ۾ ان عرصي ۾ صرف هڪ فرد بيمار ٿيو هو.
ڪروز جي تجربن سان هي واضح ٿي ويو تہ ڪو ننڍو پيٿوجن هن بيماري جو ذميوار آهي. پهريون خيال هو تہ ڪو بيڪٽيريا ٿي سگهي ٿو پر الفونسا ڊيشو 1927ع ۾ تجربي سان ان کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو. ان جي لاءِ اهو تجربو ايسي فلٽر مان آرپار ڪري ڪيو ويو جيڪو بيڪٽيريا کي ڇاڻي وٺي.
سائنسدانن کي اهيو سُڃاڻڻ ۾ ٽيھ سال ٻيا لڳا تہ ڪهڙا وائرس ان جا ذميوار آهن. هي انساني زائنو وائرس هئا. (زائنو جو مطلب نڪ آهي) گھڻو ئي ساڌو، ان ۾ صرف ڏھ جينز هيون، (اسان ۾ هي ويھ هزار آهن). ۽ هي جينياتي انفارميشن ڪافي هئي تہ هي اسان جي جسم تي حملا ڪندڙ ٿي سگهن ۽ اسان جي دفائي نظام کي مات ڏيئي ڪري اسان کي بيمار ڪري سگهن.
هن جي ڦهلجن جو طريقو هي هو تہ هن جي ميزبان جو نڪ وهڻ لڳندو آهي. ماڻھون وري نڪ صاف ڪندا آهن. وائرس هٿ تي رهجي ويندو آهي. ان سان دروازا کوليندا آهيون يا ٻين سطحن کي ڇُهندا آهيون. هي انهن سطحن کي هٿ لڳائڻ وارن سان چنبڙي ويندو آهي ۽ اتان کان نيئن ميزبان جي جسم ۾ داخل ٿي ويندو آهي. (عام طور تي نڪ جي رستن). هي نڪ، ڳلي ۽ ڦڦڙن جي اندروني خلين تي حملا ڪندا آهن. اتي هڪ چور دروازو کولي ڇڏيندو آهي ۽ ڪجھ ئي ڪلاڪن ۾ ان جي قابل ٿي ويندا آهن تہ ميزبان خليا ان وائرس جي ڪاپي ٺاهڻ شروع ڪندا آهن، پوءِ ميزبان خليا ان وائرس جي ڪاپي بنائڻ لڳندا آهن، ۽ پوءِ ميزبان خليو ڦاٽي پوندو آهي، ۽ اُهي نيا وائرس ڀڄي ڪري ٻين خلين ۾ داخل ٿي ويندا آهن.
رائنو وائرس الهائي خلين کي متاثر ناهن ڪندا. انهي ڪري وڌيڪ نقصان ناهن پهچائيندا. پر هي اسان کي ايتري قدر سُست ڇو ڪري ڇڏيندا آهن؟ ان جي وجھ اسان پاڻ آهيون. متاثر خليا پيغام موڪليندڙ ماليڪيول نيڪال ڪندا آهن جنن کي سائيٽوڪائن چيو ويندو آهي۔ هي دفاعي نظام جي لاءِ سڏ هوندي آهي. هي دفاعي خليا اسان کي ڪمزور ڪري ڇڏيندا آهن. ڳلي ۾ سوڄ پيدا ڪندا آهن. هن سان ڳلي ۾ ٿيڻ واري خارش ۽ انفيڪشن جي ويجهو الهائي بلغم پيدا ٿيندو آهي. انهي بيماري کان آجو ٿيڻ جي لاءِ اسان کي نہ صرف وائرس ختم ٿيڻ جو انتظار ڪرڻو هوندو آهي بلڪي مدافعتي نظام واپس پرسڪون ٿيڻ جو بہ.
مصري طبيب ريش جو علاج هي ٻڌايو هو تہ ماکيءَ، جڙي ٻوٽين ۽ گوند کي ملائي ڪري نڪ جي ويجهو لڳايو وڃي. سترهين صدي ۾ برطانوي ڊاڪٽر بارود بيضا، ڳئون جا تريل ڇيڻا ۽ رڍ جي گڙدي جي چرٻي سان ان جو علاج ڏسيو هو. ويهين صدي ۾ ليونارڊ هل ڏسيو تہ صبح اٿي ڪري ٿڌي پاڻي جو ڦوهارو ورتو وڃي. ايڪويهين صدي ۾ ان جو ڪهڙو علاج آهي؟
هن جي لاءِ ڪا بہ ويڪسين ناهي. ڪا بہ دوا ناهي جنهن جو ڪو بہ قابلِ ذڪر اثر ناهي. ڪجھ علاج بيماري کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيندا آهن. والدين اڪثر زڪام جو شڪار ٻارن کي کنگھ جو شربت پياريندا آهن. هن سان ڪو بہ جلدي صحتياب ناهي ٿيندو. کنگھ جو شربت ڪڏهن ڪڏهن ڳنڀير سائيڊ افڪيٽ جو سبب ٿي سگهي ٿو. جسم مفلوج ٿيڻ دل جي ڌڙڪن ۾ اچانڪ اضافو ۽ موٽ 2008ع ۾ (ايف ڊي اي) وارننگ ڏني تہ ٻن سالن جي گهٽ عمر جي ٻارن کي کنگھ جو شربت بلڪل بہ نہ ڏيڻ کپي.
هڪ ٻيو مشهور طريقو اينٽي بائيٽڪ جو آهي.
هئن تہ هي وائرس جي اڳيان آهي. ۽ هي ڳالھ بہ عام آهي تہ ڊاڪٽر اينٽي بائيٽڪ ٻڌائي ڪري ڏيئي ڇڏيندا آهن ڇو تہ اهو پتو ناهي هوندو تہ بيڪٽيريل انفڪيشن آهي يا زڪام اهيو ائين بہ ڪيو ويندو آهي پريشان مريض جي طرفان ”ڪجھ ڪرڻ“ جو پريشر هوندو آهي. (بغير دوا جي واپس موڪلي ڇڏڻ مريض کي قابل قبول ناهي هوندو). غير ضروري اينٽي بائيٽڪ جو استعمال اجتماعي طور تي خطرناڪ آهي ڇو ته ڊرگ جي خلاف مزاحمت رکڻ وارا بيڪٽيريائن جي ارتقا تيز رفتار ڪري رهي آهي. ائين ڪرڻ سان ڊاڪٽر نہ صرف پنهنجي مريضن جو علاج نہ ڪندا آهن بلڪي سڀني جي لاءِ خطرو وڌاءِ ڇڏيندا آهن.
زڪام ناقابلِ علاج انهي ڪري رهيو آهي تہ اسان ان جو صحيح اندازو ناهي لڳايو. هاڻ جيڪڏهن سائنسدانن کي ان جي جينياتي فرق جو احساس رهيو آهي. ان جي وائرس جون درجن قسمون آهن ايڪويهين صدي جي شروعات تائين هن جي ٻن خاندانن جو علم هو. 2006ع ۾ HRV-A ۽ HRV-B کانپوءِ HRV-C بہ ملي ويو. هي ٽيون خاندان سڄي دنيا ۾ عام آهي ۽ ان جي جينز ۾ وڏو فرق آهي. هي آگاھ ڪري ٿو تہ هي گهڻو جلد دنيا ۾ ڦهليو آهي. هن خاندان جي قسم جو عام قسم شايد ڪجھ صديون پراڻو هجي.
سڀني انساني رائنو وائرس ۾ ڪجھ ڪور جين عام آهن. جڏهن تہ ڪجھ حصا جلد ارتقا ڪندا آهن. هي هن وائرس کي اسان جي دفاعي نظام کان بچائڻ ۾ مدد ڪندا آهن. جڏهن اسان جو جسم ڪنهن هڪ ڇڪتاڻ جي خلاف اينٽي باڊي ان جي جسم سان ناهي چنبڙندي. هر سال نئين قسمن جا رائنو وائرس ڪم ڪندا رهندا آهن، هي اها وجھ آهي جو انکي ختم ڪرڻ گهڻو مشڪل آهي، هڪ ڊرگ يا ويڪسن جو ڪنھن ھڪ ڇڪتاڻ جي خلاف مددگار هجي، ٻيا پروٽين ڍانچي جي خلاف بي ڪار هوندي آهي، ارتقا جو هٿيار انھن کي مزحمت ڏيندو آهي.
ڪجھ سائنسدان اميد رکيل آهن تہ هو زڪام جو علاج ٺاهي ويندا. ان جي وجھ وائرس جا ڪور جين آهن. هي جين ڦير گهير برداشت نٿا ڪري سگهن. جيڪڏهن سائنسدان اهڙو طريقو دريافت ڪري وٺن تہ جيڪي هن جي ڪور اندروني حصي تي حملو ڪندا آهن هي بيماري ختم ڪري سگهجي ٿي. هن ۾ هڪ ممڪن ٽارگيٽ جيڪو شاخي پتي جي شڪل جي لوڀ وارو ڍانچو آهي. هي هن وائرس جي ڪاپي جي رفتار ڪنٽرول ڪندو آهي. جيڪڏهن هن پتي کي ڪمزور ڪري ڇڏجي تہ عين ممڪن آهي تہ سڄي دنيا مان هر قسم جو زڪام ختم ڪري سگهبو.
پر ڇا ائين ڪرڻ گهرجي؟
انساني رائنو وائرس خرابي صحت جا ذميوار آهن. نہ صرف زڪام جو سبب بڻجندا آهن بلڪي نقصان پهچائيندڙ پيٿوجن جي اچڻ لاءِ رستو هموار ڪندا آهن. پر هي پاڻ ايترا وڌيڪ خطرناڪ ناهن. عام طور تي زڪام، سواءِ مداخلت جي ڪجھ ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندو آهي. ان سان انفڪيٽ ٿيڻ وارن چاليھ سيڪڙو ماڻهن ۾ انهي جون ڪي بہ علامتون ظاهر ناهن ٿينديون. ۽ شايد هي پنهنجي ميزبانن جي لاءِ ڪجھ لحاظ سان فائديمند پڻ آهي.
سائنسدان هاڻي تائين ان شيءِ جا ڪيترائي ئي ثبوت حاصل ڪري چڪا آهن تہ اهڙا ٻار جيڪي غير معياري وائرس ۽ بيڪٽيريا جو ننڍپڻ ۾ گھڻو شڪار ٿيا هجن، اهي وڏا ٿي ڪري الرجي يا ڪروهن بيماري وغيره جو شڪار ناهن ٿيندا. رائنو وائرس اسان جي مدافعتي نظام جي ترتيب ڪندا آهن تہ معمولي شين تي گهڻو ري ايڪشن نہ ڪن. پنهنجي ڪاوڙ اصل خطرن تي لاهي ڪري شايد اسان زڪام کي قديم دشمن جي بجاءِ هڪ هوشيار وڏي ڄمار جي استاد جي ڀيٽ ڏسڻ کپي…!!
No comments:
Post a Comment