Pages

Thursday, 9 April 2020

وائرس جا وائرس - وائروفيج

وائرس جا وائرس - وائروفيج 
ترجمو : دريا خان
 
ڇا وائرس بيمار ٿي سگھن ٿا؟
جي،
ڪيئن؟
وائرل انفيڪشن سان،
ڪجھ وائرس اهڙا آهن جن جي زندگيءَ جو گذارو ٻين وائرس تي آهي، هي وائروفيج آهن، ارتقا جو مسلسل عمل بي چين آهي، بي قرار آهي ڪنڍن جي کوجنا اسانجي حيران ڪري ڇڏيندي آهي، 2008ع ۾ ملڻ وارو پهريون وائروفيج سپوٽنگ جي دريافت بہ اهڙي ئي هئي، انھن کي فرنچ محققن پيرس جي پاڻي جي ٽاور مان ڳولهيو، هي گهڻا ئي ننڍا وائرس اڪيلا ناهين ملندا، هي وڏي وائرس سان گڏ ملندا آهن، انھن وڏن وائرس سان گڏ جنھن کي هي انفيڪٽ ڪري چڪا هوندا آهن. 
بيمار ٿي وڃڻ وارا وڏا وائرس، جهڙوڪ ميمي وائرس يا پينڊورا وائرس پاڻ 2003ع ۾ دريافت ٿيا، انڪري وائرولوجي جي سائنس ۾ هي وڏا وائرس ۽ انن کي بيمار ڪرڻ وارا وائروفيج، هي سڀ پاڻ هڪ نيو فيلڊ آهي، 
وڏا وائرس هڪ گهرڙي جاندار اميبا کي بيمار ڪندي مليا هيا، ۽ سڄي دنيا ۾ ملي چڪا آهن، هاڻي اسانکي علم ناهي تہ ھي انسانن کي بيمار ڪندا آهن يا نہ، هي انسانن جي اندر بہ مليا آهن ۽ نمونيا جو شڪار ماڻهن ۾ بہ پر اڃان اسانکي اهو علم ناهي تہ بيمار ڪرڻ ڇڏڻ ۾ انھن جو بہ ڪو هٿ هو، يا هي خالي اتئي پنھنجي ڪم سان ڪم رکيون ويٺا هيا. 
هي گنڍيل وائرس گھڻا ئي وڏا آهن، وائرس جي دنيا جي حساب سان، پنھنجي سائز ۽ جينياتي پيچيدگي جي حساب کان هي بيڪٽيريا جي ويجھو آهن، ميمي وائرس پنج سو کان اٺ سو نينو ميٽر ويڪرا آهن، ۽ جينوم جا ٻارهن ميلن ويھ پيئير جوڙا رکندو آهي، پنڊورا وائرس انکان بہ وڏا آهن، سپوٽنگ وائرو فيج پنھنجو نشانو انھن ميمي وائرس کي بڻائي وٺندو آهي، انجو پنھنجو سائز خالي 50 نينوميٽر جي ويجھو آهي ۽ جينوم جي خالي ارڙهن ھزار ويھ پيئير جوڙا موجود آهن، بيڪٽيريا کي بيمار ڪرڻ وارو ليمڊا وائرس بہ ايترو ئي سائز رکندو آهي، جڏهن تہ فلو وائرس جو جينوم انکان بہ ساڌو آهي. 
جيڪا شيءِ عجيب آهي، اها هي تہ جيتوڻيڪ هي وڏا وائرس وڏا آهن پر ڪنھن حملو ڪندڙ جي لاءِ ميزبان ٿي سگهن ٿا؟ ايئن لڳندو نہ هو، وائرس ڊي اين اي ۽ پروٽين مان بڻبا آهن پر انھن وٽ ترجمو ڪرڻ وارا اوزار ناهين جنھن سان هي پروٽين بڻجي سگهن، ان وجھ سان وائرس کي پڙهڻ جي لاءِ ڪو ميزبان گهربل آهي، وائرس ميزبان خلي ۾ گهري ويندا آهن، ۽ انھن جي سامان تي قبضو ڪري وائرس بڻائڻ جون ننڍڙيون فيڪٽريون بڻائي ڇڏيندا آهن، ميزبان خلي کانسواءِ وائرس پنھنجي تعداد نٿو وڌائي سگهي، پر وائروفيج جي معاملي ۾ انجو ميزبان پاڻ هي هڪ وائرس آهي، ميمي وائرس پاڻ پنھنجي ڊي اين اي ۽ پروٽين کي ڪاپي نٿا ڪري سگهن، انکي پاڻ اميبا کي بيمار ڪرڻو پوندو آهي تہ جيئن نقل ڪري سگهن، تہ پوءِ هي مھمان نوازي ڪيئن ڪري سگھن ٿا؟ اتي وائروفيج جي هڪ چالاڪي ڪم ايندي آهي، 
جڏهن ميمي وائرس اميبا کي انفيڪٽ ڪري رهيو هوندو آهي، ان وقت هر وائروفيج ميمي وائرس کي، جنھن وقت ميمي وائرس اميبا جي نظام کي قابو ۾ ڪري وائرس فيڪٽريون لڳائيندو آهي، هي وائرس ان سسٽم ۾ کاٽ لڳائي ڪري انھن فيڪٽرين کي” هائي جيڪ “ ڪري وٺندو آهي، وائرس پاڻ اميبا جا نہ بلڪ ان وڏي وائرس جي چاپلوس آهن، وائرس ۾ جيڪا بنيادي شيءَ ناهي هوندي اهو رائبوزوم آهي، سائنسدان ان رائبوزوم جي مدد سان جاندارن جي پاڻ ۾ رشتي دارن جي باري ۾ ڄاڻيندا آهن، وائرس ان پيراڊائم ۾ فٽ ناهين هوندا، تاريخي طور تي وائرس جي زندگي جي وڻ ۾ شمار ناهي ڪيو ويو، شايد هي اسانجي” خليا پرستي “ هجي جيڪڏهن وائرس جي رايبوزوم ناهين تہ خلياتي زندگي وٽ ڪيپسڊ ناهين جيڪي انھن جي ٻاهرين تھ بڻائيندا آهن
گڏيل وائرس ان بحث کي وڌيڪ ڳجهو ڪري رهيا آهن، انھن وٽ وڏو جينوم بہ آهي ۽ پيچيدگي بہ، ۽ انکان سواءِ پروٽين بڻائڻ واري مشينري جو ڪجھ حصو بہ جيڪو اسانجو خيال هو تہ صرف خلياتي زندگي جي خاصيت آهي،
وائروفيج جو ڊي اين اي پنهنجي ميزبان وائرس سان گڏ ائين بہ ملي ويندو آهي، جيئن وائرل ڊي اين اي پنھنجي ميزبان خلي سان گڏ، تہ جيڪڏهن انھن کي” شڪار “ ڪري سگھجي ٿو ۽ خلياتي زندگي جي طرح انھن کي بيمار ڪري سگھجي ٿو، هي وائرس جي زندھ هجڻ جي حق ۾ هڪ دليل استعمال ٿي سگھجي ٿي، 
اڃان تائين اسان صرف ارڙهن وائروفيج دريافت ڪيا آهن، اينٽارڪٽيڪا جي شاخ ۾ بہ ۽ فرانس ۾ ڪنٽيڪٽ لينز محفوظ ڪرڻ واري تحليل ۾ بہ، انھن کي جينومڪ اڀياس جي مدد سان کوجيو ويو، انھن جي وڌيڪ تفصيل سان اسان اڃان واقف ناهيون، هي ڏسڻ ۾ ڪيئن لڳندا آهن ۽ ڪنهن کي متاثر ڪندا آهن، پر اسانکي لڳي ٿو تہ انھن جهڙا ڪيترائي ٻيا بہ آهن، وائروفيج بہ ۽ گڏيل وائرس بہ، ڇا وائرس زندگي جي قسم آهن يا نہ، ان سوال تي بائيو لوجسٽ اڃان جلدي متفق ٿيندي نظر نٿا اچن ڇوجو ارتقا قيمتي ڊٻن ۽ انھن تي لڳل ليبل جي صورت ۾ ناهي، وائرس جي وائرس تي حملو ڪندڙ دنيا ۾ اسانجي ڄاڻڻ لاءِ اڃان بہ ڪجھ باقي آهي، هڪ تسلي هي صحيح تہ اسان کي بيمار ڪرڻ ڇڏڻ وارا پاڻ بہ بيمار ٿي وڃڻ کان شايد محفوظ ناهين...

No comments:

Post a Comment