Pages

Tuesday, 8 January 2019

اسان خواب ڇو ڏسندا آهيون.

اسان خواب ڇو ڏسندا آهيون.

دريا خان سنڌي

هر جاندار جي جسم ۾ ڪيترا ئي نظام ٿين ٿا جيڪي گهڙي وانگر وقت جو حساب رکندا آهن، انهن مان هڪ نظام کي يوميہ تبديلي (روز واري تبديلي) Cricadian rhythm چئبو آهي، جيڪا ڏينھن ۽ رات جي تميز ڪري ٿي. جيئن جيئن سج جي روشني گهٽ ٿيندي آهي ۽ رات اچڻ شروع ٿيندي آهي تہ هي نظام جسم کي ننڊ لاءِ تيار ڪندو آهي، اکيون وزني ٿيڻ لڳنديون آهن ۔ جسم ٿڪاوٽ محسوس ڪندو آهي ۽ توجھ ڏيڻ جي صلاحيت گهٽ ٿيڻ لڳندي آهي تڏهن انسان سمھڻ لڳندو آهي تہ سڀ کان پهريان اکيون بند ٿينديون آهن 
انجي وجھ اڃان تائين معلوم ناهي ٿي سگهي پر ايترو ضرور آهي تہ سمھڻ وقت جسم جون تقريبن مشڪون Musculars ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن سواءِ اکين جي تنتن جي، ان ڪري گھري ننڊ ۾ انسان خواب ڏسندو آهي. ان دوران اکيون حرڪت ڪنديون رهنديون آهن جنهن دوران انسان خواب ڏسندو آهي ان ننڊ کي تيز رو ننڊ Rapid Eye Movement (REM) Sleep چئبو آهي. ان ننڊ دوران دماغ اکين جي مشڪن جي علاوہ جسم جي سڀني مشڪن کي مائوف ڪري ڇڏيندو آهي تہ جيئن خواب جي دوران ذهن تي جيڪو ڪجھ گذرندو آهي جسم ان تي عمل نہ ڪري سگهي ان ننڊ کي اڌ رنگي ننڊ sleep paralysis چئبو آهي هي اڌ رنگي ننڊ نہ صرف انسانن ۾ پر سڀني جانورن ۾ ساڳي نموني ٿيندي آهي ۽ جانور بہ خواب بيني Rem sleep مان گذرندا آهن. جن ماڻهن ۾ ڪنهن وجھ جي ڪري اڌ رنگي ننڊ صحيح طريقي سان ڪم ناهي ڪندي انهن کي ننڊ ۾ هلڻ جو عارضو ٿيندو آهي. 

ننڊ جي دوران دماغ جي اڳين ڪارٺ Pre-frontal Cortex جنھن جي ذمي منطقي سوچ ۽ تسلسل جا بيان هوندي آهي اھا ڪمزور ٿي ويندي آهي پر دماغ جا باقي حصا ۽ خاص طور تي اهي حصا جن جو تعلق جذبات سان هوندو آهي اھي خواب بيني سرشتي Limbic system تحت ڪم ڪندا رهندا آهن. اها ئي وجھ آهي تہ گهڻا خواب بااختيار هوندا آهن ۽ انهن ۾ ڪو بہ تسلسل ناهي هوندو، ان حالت ۾ دماغ تي جيڪا ڪيفيت گذرندي آهي اھا خواب ذريعي ظاھر ٿيندي آھي ۽ خواب گهڻو ڪري صبح ٿيڻ تائين وسري ويندا آهن.
ننڊ جي دوران دماغ جي اڳين ڪارٺ Pre-frontal cortex جنھن جي ذمي منطقي سوچ ۽ تسلسل جو بيان ھوندو آھي اھا ڪمزور ٿي وڃي ٿي ڇوجو دماغ جي باقي حصي ۽ خاص طور تي ان حصي جنھن جو تعلق جذبات سان ٿئي ٿو اھو جذبات وارو حصو حاشيدار سرشتو limbic system ڪم ڪندو رھي ٿو. اهو ئي سبب آهي تہ گهڻا خواب بااختيار هوندا آهن ۽ انهن ۾ ڪو بہ تسلسل ناهي هوندو، ان حالت ۾ دماغ تي جيڪا ڪيفيت گذرندي آهي اھا خواب ذريعي ظاھر ٿيندي آھي. گهڻا خواب ڊيگهارا ٿين ٿا ۽ انهن ۾ ڪوبہ سلسلو نٿو ٿئي. اھڙي حالت ۾ جيڪي ڪيفيتون ٿين ٿيون اھي صبح تائين وسري وڃن ٿيون. جيتوڻيڪ شديد جذباتي خواب دير تائين ياد رھن ٿا. شايد انهن جو خواب بيني اثر دير تائين رھي ٿو. ان کان علاوہ صبح جو سوير خواب ياد اچڻ شروع ٿي وڃن ٿا. جاڳڻ کان پوء بہ دماغ کي پوري طرح ڪم ڪرڻ ۾ ڪجھ وقت لڳي ٿو ڪجھ خواب ياد رھن ٿا ۽ ڪجھ وسري وڃن ٿا ان ڪري ماھر هي مشورو ڏيندا آهن تہ جيڪڏهن اوهان خواب کي ياد رکڻ چاهيو ٿا تہ ان کي جاڳڻ وقت فورن لکي ڇڏيو.

خواب ۾ عام طور تي اهي شيون اينديون آهن جن تي يا تہ اوھان ڏينهن جو سوچيندا رهندا آهيو يا اهي جيڪي گھري جذباتي وابستگي سبب اوهان جي تحت الشعور ۾ اوھان سان هونديون آهن. ائين خواب عام طور تي ٻنهي نموني گڏوگڏ هوندا آهن جن جو  گهڻو ڪري ڪو سرپرست ناهي هوندو. ماهرن جو خيال آهي، تہ ننڊ جي دوران دماغ عارضي يادن کي جيڪي سڄو ڏينهن گڏ ٿينديون آهن
۽ انهن ۾ جن يادن گهرا اثر ڇڏيا هجن يا جن ڪارڻ پراڻيون يادون تازيون ٿيون هجن انهن کي مستقل يادن ۾ تبديل ڪندو آهي. اهوئي سبب آهي تہ خواب ۾ تازين ۽ پراڻين يادن جي گڏيل آميزش هوندي آهي. 

رهيو سوال تہ ڪجهہ خواب سچا ڇو هوندا آهن تہ ان جو سڌو ساڌو جواب آهي تصديقي تعصب Confirmation bias. انسان پنهنجي زندگيءَ جو تقريبن هڪ ڀاڱي ٽي حصو سمھي ڪري گذاريندو آهي ۽ ان سمھڻ جي وقت مان بہ گهڻو ڪري ويھ سيڪڙو حصو خواب ڏسڻ ۾ گذرندو آهي. جيڪڏھن هڪ ماڻهو سئو سال زندھ رهندو آهي تہ ان جي عمر جا ست سال خواب ڏسڻ ۾ گذري ويندا آهن. ڇا ڪو ماڻهو يقين سان چئي سگھي ٿو تہ هي سڀ خواب سچ آهن جڏهن تہ 99 سيڪڙو خواب انسان فوري طور وسري ويندو آهي.
ٿيندو ائين آهي تہ جيڪڏهن ڪو خواب اتفاق سان سچو ٿي وڃي تہ هي واقعو جذبات تي ان قدر اثر انداز ٿيندو آهي جو گهڻي دير ياد رهندو آهي جڏهن تہ جيڪي خواب سچا نہ هجن ٿا اهي وسري ويندا آهن ڇوجو انهن تي اسان توجھ ناهيون ڏيندا. ڪير آهي جنھن پنھنجي پيارن کي خواب ۾ ڪنھن مصيبت ۾ نہ ڏٺو هجي؟ گهڻو ڪري اهڙا خواب سچا ناهن هوندا ۽ اسان جاڳي شڪر ڪندا آهيون تہ هي هڪ خواب هيو. انھن موقعن تي ڪجھ ماڻھو چوندا آهن تہ اسان جي پيارن تي ڪا بلا آئي هئي جيڪا ڪنھن نيڪي جي ڪري ٽري وئي هي تصديقي تعصب confirmation bias ناهي تہ ڇاهي.

No comments:

Post a Comment