Pages

Saturday, 17 November 2018

ڊي اين اي DNA - جينوم - کِھ

 DNA
                                  ”اصغر ساگر“

تاريخ  
ڊي اين اي ھڪ اڪائي آھي جيڪا وراثتي خواص کي والدين کان اولاد ۾ منتقل ڪرڻ جو سبب بنجي ٿي. آھستي آھستي مختلف سائنسدانن 1856 کان 1865 تائين  بيان ڪيل مينڊل Mendel جي تجربن سان وراثتي اڪاين جو تصور ٺھڻ لڳو.
1869 ۾ Friedrich Miescher ڊي اين اي دريافت ڪيو. ھن خلين جي مرڪزن ۾ ھڪ اھڙو مادو دريافت ڪيو جنھن ۾ ھن جي تحقيق مطابق نائٽروجن جي ڪثير مقدار پاتي وئي ليڪن ھن کي ھي معلوم نہ ھيو تہ جو مادو جيڪو ھن الڳ ڪيو آھي اھو ئي ڊي اين اي سڏرائيندو. جيتوڻيڪ ھي مادو مرڪزن مان حاصل ڪيو ويو ۽ مرڪزن کي نيوڪليس چئبو آھي ان ڪري ھن کي مک مرڪز nuclein جو نالو ڏنو ويو. Miescherr انهي مادي قيح (پيپ - پس) کي سليمان مڇي مان حاصل ڪيو. ھن جو خيال ھو تہ ھي مادو زرخيزيت Fertilization ۽ وراثتي خواص جي منتقلي ۾ ملوث ٿي سگهي ٿو.
1895 میں Edmund موروثي ڌاڳا (chromosomes)
ماء ۽ پي طرفان يڪسان منتقل ھجڻ جي بنياد تي انهن جي وراثت ۾ اھميت جو خيال ظاھر  ڪيو. ان کان پھرين Walter Flemming مک مرڪز nuclein جي موروثن ڪروموسومز سان قربت محسوس ڪري چڪو ھيو ۽ ان سڀ کان پھرين لفظ chromatin استعمال ڪيو ھو.
پوء سٿر (سَعتر-گردن جي ھيٺئين حصي تي موجود  ھڪ غدود  Thymus) ۽  خمیر جي خلین تي تجربو ڪري Albrecht Kossell  دریافت ڪيو تہ مُک مرڪز Nuclein دراصل ناھي پر ٻن قسمن جا کَٽَ (ترشا-تیزاب) آھن ، ھڪ آر این اي ۽ ٻيو ڊي اين اي.

ڊي اين ڇاھي؟
ڊي اين اي ڊي آڪسي رائبو نيوڪليڪ ايسڊ انسانن ۽ تمام جاندارن جي جسم ۾ پاتي ويندڙ موروثي اڪائي آھي. انساني جسم جو اڪائي گهرڙو Uni Cell ٿئي ٿو. ھن گهرڙي جي وچ ۾ مرڪز Nucleus پاتو وڃي ٿو جنھن جي اندر ڊي اين اي ٿئي ٿو. انساني جسمن جي تمام خلين ۾ ھڪ جھڙو ڊي اين اي پاتو وڃي ٿو. ھر انسان جو ڊي اين اي ٻئي انسان جي کان مختلف ٿئي ٿو.
ڊي اين اي جي ڊيگھ حيرت جو ھڪ سمنڊ آھي. ھڪ انساني گهرڙي ۾ تقريبن 6 فٽ ڊگهو ڊي اين اي جو ڌاڳو پاتو وڃي ٿو. ھڪ مڪمل انسان جي تمام گهرڙن کي ڊيگھ جي بنياد تي جوڙيو وڃي  تہ ان جي ڊيگھ تقريبن 11 ارب ڪلوميٽر ٺھي ٿي جيڪو زمين جي سج جي فاصلي کان کان 70 ڀيرا وڌيڪ آھي يعني ھڪ جديد ترين الٽراسونڪ جھاز جنھن جي رفتار آواز کان 8 ڀيرا وڌيڪ آھي اھو ھي فاصلو سوا صدي ۾ طي ڪندو يعني ھڪ ٽائيپسٽ 60 لفظ في منٽ جي رفتار سان 8 ڪلاڪ روزانو ڊي اين اي جي مک ڪڙي Nucleotide کي ظاھر ڪرڻ وارن مخففن الف بي کي ٽائيپ ڪري تہ بغير ڪنھن موڪل ۽ آرام جي 15 سال ۾ صرف ھڪ گهرڙي جو ڊي اين اي لکي سگهي ٿو. ھاڻي جو ڪتاب تيار ٿيندو ان جو ھڪ ھڪ صفحو 500 لفظن جو ھوندو ۽ ڪل ھزار صفحا ھجن تہ اھڙا 280 ڪتاب تيار ڪرڻا پوندا ۔ ھي صرف ھڪ گهرڙي جي معلومات ھوندي. ھڪ انسان جي تمام گهرڙن جي معلومات لکڻ لاء روء زمين جا تمام وسيلا ناڪافي ھوندا. ايتري ڊيگھ جي باوجود ھي انتھائي گهٽ جڳھ والاري ٿو. ڊي اين اي جي 10 لک مک ڪڙيون Nucleotides ايتري جڳھ والارين ٿيون جيتري جڳھ تي ڪمپيوٽر ھڪ ميڳابائيٽ ڏيٽا Data جمع ڪري ٿو ۽ ھڪ مڪمل گهرڙي جي مڪمل ڊي اين اي 3 ڳيڳابائٽ جڳھ والاري ٿي.
جھڙي طرح ڪمپيوٽر جي برائوزر تي نظر اچڻ وارن صفحن جي پويان HTML جي رمزون Codes ڪارفرما ٿين ٿيون اھڙي طرح زمين تي ھلندڙ ڦرندڙ زندگين جي پويان DNA جون رمزون ھونديون آھن يعني ڪنھن جاندار جي ظاھري شڪل صورت رويي ظاھري طرز  Phenotype دراصل ان جي خلين ۾ موجود ڊي اين اي جي اندر پوشيدھ موروثي رمز Genetic code مان ٺھي ٿو.ڊي اين اي ۾ لکيل پوري زندگي جو ھي افسانو موروثي طرز Genotype سڏائي ٿو. ظاھري طرز ۽ موروثي طرز جي فرق جي وضاحت ائين آھي تہ جيئن ھڪ ٽي وي تي نظر اچڻ وارو ڊرامو ھجي جو مڪمل طور تي پنھنجي لاء لکيل اسڪرپٽ تي ھلي ٿو ڄڻ تہ ڊرامو ظاھري طرز جو مثال ھجي ۽ ان جي لاء لکيل اسڪرپٽ موروثي طرز آھي.
ڊي اين اي جي ڌاڳي ۾ ليڪ جي صورت ۾ موروثا Genes  ھڪ مخصوص قسم جي پروٽين تيار ڪن ٿا. ڊي اين اي جي ڌاڳي جون ڳنڍون مخصوص ۽ مختلف قسمن جي پروٽين تيار ڪن ٿيون يعني ڊي اين اي جي ڌاڳي ۾ جسم کي درڪار مختلف قسمن جي پروٽينن کي تيار ڪرڻ لاء الڳ الڳ مخصوص حصا يا موروثا ٿين ٿا. دراصل مورُوثا پھرين ڪنھن ھڪ پروٽين لاء مخصوص آر اين جو مسودو ڊي اين اي تان نقل ڪن ٿا ۽ پوء آر اين اي پروٽين تخليق ڪري ٿو. مٿئين بيان ڪيل ڊي اين مان آر اين اي بنجڻ جي عمل کي انتساخي عمل  Transcription چئبو آھي ۽ آر اين اي مان پروٽين جي بنجڻ جي عمل کي نقلڪاري Translation چئبو آھي.
موروثي جا ٽي حصا ٿين ٿا.

(1) فروغڻو - معزاز  Promoter
ھي پنھنجي نيوڪلٽائيڊ جي ترتيب sequence ذريعي ڊي اين اي مان آر اين اي بنائڻ جي شروعات ڪري ٿو.

(2) رمزيت - ترميزيت  Encoding
ھي پنھنجي نيوڪليوٽائيڊ جي ترتيب ذريعي آر اين اي جي نقل ڪاپي ٺاھي ٿو.

(3) بيھڪ - توقف Stop
ھي پنھنجي مک ڪڙي نيوڪليوٽائڊ جي ترتيب ذريعي آر اين جي نقل جي عمل کي ختم ڪري ٿو.

ڊي اين اي ڪٿي ٿئي ٿو؟

ڊي اين اي تمام جاندار خلين جي مرڪزن  ۽ ڊي اين اي وائرس ۾ پاتو ويندڙ ھڪ وڏو پراڻو Macromoleculee آھي جيڪو ڪاربان - آڪسيجن - ھائڊروجن - نائٽروجن ۽ فاسفورس جھڙن ڪيميائي عنصرن ( واحد عنصرن) Elements مان ٺھي ٿو. خلين جي ڳالھ ڪئي وڃي تہ اھڙا خليا جن ۾ ھڪ ترقي يافتہ مرڪز پاتو وڃي ٿو يعني اڪائي مرڪز Eukaryotic خلين ۾ بہ تہ ھي مرڪز جي موروثي ڌاڳن Chromosomes ۾ بہ پاتو وڃي ٿو ليڪن انهن خلين ۾ جيڪي ھڪ ترقي يافتہ مرڪز نٿا رکن اھو بيضوي ڌاڳو Prokaryotic آھي جيڪو ڊي اين اي ھڪ واحد گول ڌاڳي جي صورت ۾ ٿئي ٿو. تمام حقيقي مرڪزن ۾ موروثي ڌاڳا ٿين ٿا جيڪي ڊگهن ڌاڳن ۽ مطلقہ پروٽينن سان ملي ٺھن ٿا. موروثي ڌاڳن جو تعداد ھر نوع ۾ مخصوص ٿئي ٿو مثال انسان جي طبعي خليي Normal cell ۾ 46 موروثي ڌاڳا پاتا وڃن ٿا.
ڊي اين اي ھڪ نھايت ڊگهو ڌاڳو آھي ۽ خود کي مرڪز جي خليي ۾ سموئڻ لاء پنھنجو پاڻ بل کائي - پاڻ کي لپيٽي  ھڪ پيچدار صورت ۾ پاڻ کي ڍالي ٿو. سائنسدانن ڊي اين اي جي ڊيگھ معلوم ڪرڻ لاء ڪوششون ڪيون آھن انهن مطابق ھڪ خليي ۾ موجود ڊي اين اي جي ماليڪيول جي ڊيگھ ٻہ کان ٽي ميٽر ٿئي ٿي.
ھي تخمينو لڳائڻ لاء ڊي اين اي جي بنيادي اڪاين لاء زوجي قائدي  Base pair کي استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھر ڊي اين اي انهن زوجي قائدن جي پاڻ ۾ ملڻ جي ڪري ٺھن ٿا ائين ئي جيئن موتين جي ملڻ سان تسبيح جڙي ٿي. ھڪ زوجي قائدي مطابق تسبيح جي ان ڊي اين اي جي داڻي جي ڊيگھ 0.34 نينو ميٽر ٿئي ٿي جڏھن تہ ھڪ نينو ميٽر  ھڪ ميٽر جو اربھون حصو آھي ۽ ھڪ خليي جي ڊي اين اي ۾ 6x109 زوجي قائدا ٿين ٿا ان ڪري ھڪ ڊي اين اي جي ڊيگھ تقريبن 2 ميٽر نڪري ٿي.

وڪڙ                                                                 Helix
ھڪ ڊي اين اي جي ڌاڳي ۾ ٻہ لڇا يا پيچ ٿين ٿا جن کي وڪڙ Helix چئبو آھي ۽ انهن مان بنجندڙ ڊي اين اي جي مڪمل ڌاڳي کي ٻٽا وڪڙ چئبو آھي. ھي ٻئي وڪڙ آمهون سامهون ھڪ ٻئي سان زوجي قائدن جي ذريعي جڙيل رھن ٿا.
قائدا ۽ زوجي قائدا
ڊي اين ۾ چار قائدا ٿين ٿا.
(1)  ايڊنين A
(2) گوانين B
(3) ٿائمين T
(4) سائٽوسين C
ڊي اين اي ھيٺين مُک ڪڙين Nucleotide تي مشتمل ٿئي ٿو. ڊي اين اي ھڪ وڏو مڪثور ڌاڳو Polymer ٿئي ٿو جيڪو موحُود ڌاڳن Monomer سان ملي ٺھي ٿو. ھر موحود ٽن وڌيڪ ڌاڳن جو مرڪب ٿين ٿا. چئن مان ھڪ چوڪور قائدو جيڪو ڊي اين ۾ منزوع آڪسيجن Deoxy ribose سڏائي ٿو ۽ آر اين اي ۾ رائبوز سڏائي ٿو. ھاڻي ھي کنڊ ۽ چوڪور قائدو پاڻ ۾ ملي ٻہ ڌاڳا ٺاھن ٿا جنھن کي    Neucleoside مُک حلقي ڪڙي سڏيو وڃي ٿو ۽ ھاڻي مُک حلقي ڪڙي سان ھڪ فاسفيٽ بہ ملي وڃي ٿو تہ مک ڪڙي Neucleotide جو ڌاڳو تشڪيل پائي ٿو. سائٽوسين ۽ ٿائمين جو تعلق ھڪ ئي جماعت سان آھي جنھن کي پائرميڊين سڏيو وڃي ٿو. ايڊنين ۽ گوانين جو تعلق ھڪ جماعت سان آھي جنھن کي پيورن چيو وڃي ٿو.  T جو ربط A سان رھي ٿو ۽ G جو ھميشہ C سان.
ھاڻي ھي مک ڪڙي قطار در قطار پاڻ ۾ جڙي ڊي اين اي جي ڏاڪڻ جي ھڪ ٻانھن بنائن ٿا ان کانپوءِ ٻہ ٻانھون ھائڊروجن جي ضبط جي ذريعي ملي ڊي اين اي جي ڏاڪڻ مڪمل ڪن ٿيون اھڙي ترتيب پائڻ جي ٻين وجھن ۾ علم ڪيميا جي رو سان ھڪ وجھ ھي بہ آھي تہ قائدا ڏاڪڻ جي اندر طرف مائل ٿين ٿا يعني آب گذر hydrophobic ٿين ٿا جڏھن تہ کنڊ ۽ فاسفيٽ ٻاھرئين طرف يعني آب ڀر hydrophilic فطرت رکن ٿا.
ڊي اين اي( DNA ) ھڪ ايڪو مک ڪڙي Nucleotide آهي ،جيڪا تمام گهڻن گهرڙن جو مجموعو آهي. تمام گهڻا نيوڪليوٽائيڊ ملي ڪري هڪ جين Gene ٺاهن ٿا.
جين جو ڪم پروٽين ٺاهڻ آهي. سون کان هزارين جين ملي ڪري هڪ موروثي ڌاڳو chromosome ٺاهن ٿا. ڊي اين اي هڪ ڊگهي تسبيح وانگر آهي، جنهن جي هر داڻي کي مک داڻو Neucleotide چيو وڃي ٿو، تمام گهڻا داڻا ملي ڪري تسبيح جا مختلف ٽڪرا يا جينز ٺاهن ٿا.انساني جينوم ۾ 20 کان 25 هزار جينز ۽ 3 ارب داڻا ٿين ٿا.
ڊي اين اي جي خاص ڪمن مان هڪ ڪم اهو آهي ته ڊي اين اي موروثيت heredity وارين سمورين خاصيتن کي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ڪري ٿو.
ھر انسان يا جانور ڊي اين اي جو 50 سيڪڙو حصو پنھنجي والدھ کان وصول ڪري ٿو ۽ بقايا 50 سيڪڙو والد سان. انهن ٻنهي ڊي اين اي جي مخصوص مرڪب سان انسان جو پنھنجو ڊي اين اي ٺھي ٿو. ڊي اين اي مان انسان جي باري ۾ سموري معلومات ملي ٿي مثال انسان جي جنس - وارن جو رنگ - اکين جو رنگ - سمهڻ جي اوقات ۽ جسماني ساخت وغيرھ. ڊي اين اي والدين جون خاصيتون پيدائش دوران نئين پيدا ٿيندڙ ٻار ڏانهن منتقل ڪري ٿو. ان کان علاوه ڊي اين اي سيل جي اندر عضون جي اندريان پوري جسم اندر ٿيندڙ سمورن عملن کي ڪنٽرول ڪري ٿو. ڊي اين اي واڌ واري عمل کي به هلائي ٿو.
ڊي اين اي (DNA) هڪ ڪيميائي مادو آهي، جنهن کي ڊي آسڪيرائبوز نيوڪلڪ ائسڊ Deoxyribose nucleic acid سڏجي ٿو. هن دنيا ۾ جيترا بہ جاندار آهن هڪ سيل وارا  يا گهڻن سيلن وارا. اهي ٻوٽا هجن يا جانور - سمورا سيلن جا ٺهيل آهن. هر گهرڙي جي وچ ۾ هڪ مکور Nucleus ٿئي ٿو جنهن کي گهرڙي جو مرڪز سڏجي ٿو. ان سيل جي مرڪز ۾ ڪروموسوم ٿين ٿا جن ۾ ڊي اين اي هوندو آهي.
ڊي اين اي  والدين - نباتات چاھي حيوانات ھجن انهن ۾  ورثي طور يڪسان اڪائي طور اچي وڃي ٿو جنھن کي اسان موروثي اڪائي چئون ٿا. موروثي اڪايون ڊي اين اي جي تاندوري تي قطار جي صورت ۾ ٿين ٿيون جيئن ڌاڳي تي ننڍڙيون ننڍڙيون لاتعداد ڳنڍون. ھر ڳنڍ موروثي اڪائي کي ظاھر ڪري ٿي. اول پُشت خاندانن جا ڊي اين اي اچي وڃن ٿا.
”ڊي اين اي جي بناوٽ ٻن لڙھين تي مشتمل هوندي آهي. اهي ٻئي لڙھيون چوٽيءَ وانگر هڪ ٻئي سان وڪوڙيل هونديون آهن. ڊي اين اي هميشه پاڻ ۾ چوٽي يا ڳنڍ جي شڪل ۾ ملن ٿا. جنهن کي ٻٽو وڪڙ (Double Helix)  سڏجي ٿو. هن عمل ۾ هر ايڊنن ٿائمن سان ۽ هر سائٽوسين گينن سان جوڙو ٺاهي ٿو. نائٽروجن بيسز وري شگر سان ڳنڍيل ھوندي آھن جيڪا پينٽوز هوندي آهي. شگر وري فاسفيٽ سان مليل هوندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي ٽئي جزا نائٽروجن بيسز - شگر ۽ فاسفيٽ پاڻ ۾ ملي ڊي اين اي جي هڪ مک ڪڙي ٺاهن ٿا، جنهن کي نيو ڪلوٽائڊ سڏجي ٿو. ڊي اين اي جون اهڙيون ڪيتريون ئي لڙھيون گهرڙي جي مرڪز ۾ موجود هونديون آهن.

ڊي اين اي ٽيسٽ ڇا آهي؟

 اسان ڄاڻون ٿا تہ نہ صرف انسان پر هر ساه وارو هڪ سيل يا گهڻن سيلن جو ٺهيل آهي. اسان جا عضوا، اسان جو ماس، اسان جا هڏا ۽ هر هڪ جسماني شي  گهرڙي جي ٺهيل آهي ۽ گهرڙو زندگيءَ جو بنيادي جزو آهي.  گهرڙي جي وچ ۾ هڪ مرڪز هوندو آهي، جنهن ۾ موروثي ڌاڳا ڪروموسوم هوندا آهن. اهي ڪروموسوم يا موروثي ڌاڳا جاندارن جي سيل ۾ مخصوص ۽ مقرر تعداد ۾ هوندا آهن، انهن جي تعداد ۾ گهٽ وڌائي ڪنهن نه ڪنهن نقص جو سبب هوندي آهي. جيئن انساني گهرڙي اندر انهن موروثي ڌاڳن جو تعداد جوڙن جي صورت ۾ 32 ۽ سرگرمي جي صورت ۾ 46 هوندو آهي. اهي موروثي ڌاڳا والدين ۽ انهن جي ابن ڏاڏن جون وصفون انهن جي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪندا آهن، ڇاڪاڻ جو انهن ۾ ڊي اين اي هوندو آهي.
ڊي اين اي رپورٽ اصل ۾ هڪ اهڙي ليبارٽري ٽيسٽ آهي، جنهن ۾ سادي نموني سان اسان سمجهي سگهون ٿا ته ٻن ماڻهن جي ڊي اين اي کي ڀيٽايو ويندو آهي. هڪ جهڙيون ڊي اين اي رپورٽ ٿيڻ جي صورت ۾ انهن ٻن ماڻهن جو پاڻ ۾ تعلق ثابت ٿي ويندو آهي. ڊي اين اي جي رپورٽ يا ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ رت جي سيلن، پيدائشي جزن يا جسم جي تاندورن کي استعمال ڪيو ويندو آهي. انهن سيلن جي مرڪز ۾ موجوده موروثي ڌاڳن ۽ انهن ۾ موجود ڊي اين اي کي ڪڍيو ويندو آهي. ان کان پوءِ ڊي اين اي کي هڪ ائنزائم رستي ان ڊي اين اي کي 600 کان 700 ٽڪرن ۾ ٽوڙيو ويندو آهي. ڊي اين اي بناوٽ جي لحظ کان ٻن لڙين تي مشتمل هوندا آهن ۽ هر لڙيءَ جي پڇاڙي هڪجهڙي هوندي آهي. هر انسان جي سيل ۾ موجود ڊي اين اي جي لڙين جون پڇاڙيون مختلف هونديون آهن. ڊي اين اي کي ٽوڙڻ بعد هڪ ٻي ٽيڪنڪ جنهن کي اليڪٽرو فورسز سڏجي ٿو. ان رستي ڊي اين اي جي ٽڪرن کي سائز جي حوالي کان هڪ ترتيب ۾ رکيو ويندو آهي. ان کان ٻئي انسان جي رت وارن سيلن يا جسم جي ڪنهن به حصي مان حاصل ڪيل ڊي اين اي جي جزن کي پڻ اڳئين عمل مان گذارڻ کان پوءِ اهوڏٺو ويندو آهي ته ٻنهي انسانن جي ڊي اين اي جي لڙين جون پڇاڙيون پاڻ ۾ هڪ جهڙيون آهن يا نہ، هڪ جھڙي بناوٽ هجڻ جي صورت ۾ ڊي اين اي ميچ ڏيکاريو ويندو آهي ۽ هڪ جھڙي بناوٽ نہ هجڻ جي صورت ۾ ڊي اين اي جي رپورٽ ميچ نہ ڏيکاري ويندي آهي.

ڊي اين اي ڪيئن ٽيسٽ ڪيو وڃي ٿو؟

جنھن شخص جي ڊي اين اي ٽيسٽ مقصود ھجي ان جو وار - خون - ھڏي يا گوشت  يا انهن مان ڪنھن بہ ھڪ شي جو نمونو ورتو وڃي ٿو. سڀ کان پھرين انساني خليي مان ڊي اين اي کي الڳ ڪيو وڃي ٿو ۽ ان کان پوء پوليمريز چين ري ايڪشن نالي طريقي جي مدد سان ان ڊي اين اي جون لکين ڪاپيون بنايون وڃن ٿيون. انهن لکن ڪاپين جي مدد سان ڊي اين اي جي جاچ بھتر طريقي سان ٿي سگهي ٿي. ڊي اين اي کي جاچڻ بعد ڊي اين اي فنگر پرنٽ بنايا وڃن ٿا. ٻن مختلف نمونن جي ڊي اين اي جي فنگر پرنٽ ۾ مماثلت ڏسي ان ۾ ڪنھن تعلق جو تعين ڪيو وڃي ٿو.
حادثي جي صورت ۾ جڏھن لاش جي شناخت مڪمل ناممڪن ھجي تڏھن ڊي اين اي جي ذريعي شناخت عمل ۾ آندي وڃي ٿي. ڊي اين اي ٽيسٽ جي مدد سان جاچيو وڃي ٿو تہ ھن لاش جو ڊي اين اي ڪنھن خاندان سان ملي رھيو آھي - ڊي اين اي ۾ موجود جينياتي ڪوڊ جي تقابلي جاچ سان معلوم ڪري سگهجي ٿو تہ ٻن مختلف شخصن ۾ ڪو خون جو رشتو موجود آھي يا نہ - ڪن جي سڙيل يا ناقابل شناخت لاشن جي ڊي اين اي جا نمونا وٺي  دعويدار عزيزن جي نمونن سان ملايا وڃن ٿا. جيڪڏھن جينياتي ڪوڊ ھڪ جھڙا آھن تہ خوني رشتو ثابت ٿي وڃي ٿو ۽ اھو لاش مٽن جي حوالي ڪيو وڃي ٿو. ڊي اين اي جي ٽيسٽ کان پوء ابھام جي گنجائش بلڪل نٿي رھي. 

ڊي اين اي ٽيسٽ - طريقيڪار ۽ فورنزڪ ۾ استعمال
انساني وجود بنيادي طور تي حياتياتي اڪائين جو مرڪب آھي انهن اڪاين کي خليو سڏيو ويندو آھي. ھڪ عمومي خليو ساختي اعتبار سان بيروني غلاف سيل ميمبرين - مرڪز nucleus - وچون علائقو cytoplasm تي مشتمل ٿئي ٿو. مرڪز ۾ ھڪ ھدايتنامو ٿئي ٿو جو نہ صرف ھر جاندار جي وجود جي تمام جزن جي تفصيل رکي ٿو پر جاندار جي تمام وجودي سرگرمين کي ھلائڻ ۾ بہ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو ان کي ڊي اين اي چئبو آھي. ھي بل کائيندڙ ڏاڪڻ نما روپ رکي ٿو. اڄڪلھ ڊي اين اي ماڻھن جي شناخت لاء اھم آلي طور استعمال ڪيو وڃي ٿو ليڪن اھو سڀ ڪيئن ٿئي ٿو ان تي ھيٺ روشني وجهجي ٿي.
ڊي اين اي جي بنياد تي ماڻهن جي شناخت جي عمل کي ڊي اين اي آڱري ڇاپو ڊي اين اي فنگر پرنٽنگ يا ڊي اين اي فنگر ٽائيپنگ DNA Finger printing چئبو آھي جيڪا ھيٺين حصن تي مشتمل آھي.

1) DNA extraction ڊي اين اي نچوڙ

2) Cutting of DNA
ڊي اين جي ڪٽ - ڊي اين اي جي ڇنڊ ڇيد

3) Gel electrophoresis
برق بدلدار جيل

4) Southern blotting
ڇيدي مرحلو - ڇيد 

1) ڊي اين اي کي عام طور تي خون ۾ موجود مدافعتي گهرڙن يعني اڇا گهرڙن - مني semen - وار جي پاڙ - مرڪز رکندڙ ڪوبہ گهرڙو ۽ پيشاب مان حاصل ڪيو وڃي ٿو. ذڪر ڪيل ڊي اين اي کي ڪڍڻ لاءِ الڳ الڳ طريقيڪار آھي. ھيٺ ڊي اين اي ڪڍڻ جا عمومي مرحلا ڏجن ٿا.
پھرئين مرحلي ۾ گهرڙي کي ٽوڙيو وڃي ٿو ان کي cell lysis چئبو آھي. ان عمل جي دوران گهرڙن جي ٻاھرئين غلاف يعني جانورن جي گهرڙي ۾ سيل ميمبرين ۽ ٻوٽن جي گهرڙي ۾ سيل وال کي ٽوڙڻ لاءِ ھڪ ڪيميڪل  lysis buffer استعمال ڪيو وڃي .ان کان پوءِ ان کي 30 ڊگري درجي تي رکيو وڃي ٿو تہ جيئن گهرڙا پروٽين ۽ ڊي اين اي کي lysis buffer ۾ ڇڏن.
ٻئي مرحلي ۾ پروٽينن کي ختم ڪيو وڃي ٿو ان عمل واسطي پروٽين کي ھضم ڪرڻ وارا ڪيميڪل استعمال ڪيا وڃن ٿا جن کي protease چئبو آھي. ان کانپوءِ ان کي ھڪ نھايت تيز رفتار گهمندڙ مشين centrifuge ۾ رکي گهمايو وڃي ٿو جيئن ھضم شدھ پروٽين ٽيوب ۾ ھيٺ ۽ ڊي اين اي مٿين سطح تي اچي وڃن ان اصطلاح کي       supernatant چئبو آھي.
ٽئين مرحلي ۾  supernatant کي مخصوص ڪيميڪل يعني آئسو پروپانول isopropanol ۽ پوءِ ایٿانول ethanol سان ڌويو وڃي ٿو. ڊي اين اي جيتوڻيڪ ان ۾ ناحل پذير آھي ان لاءِ centrifuge کان پوءِ ٽيوب ۾ ھڪ چپڪيل ڍيري بنائي ٿو جنھن کي pellet چئجي ٿو. پيليٽ pellet بنجڻ بعد ٽيوب کي ٽشو پيپر تي الٽايو وڃي ٿو جڏھن ٽيوب مان تمام مائع نڪري وڃن ٿا تڏھن ان کي 
ڊائي ایٿائل ڊائي ڪاربونیٽ diethyl dicarbonate جي مليل پاڻي ۾ حل ڪيو وڃي ٿو جنھن کي DEPC water چيو وڃي ٿو. ھي پاڻي ڊي اين اي کي محفوظ رکي ٿو. ائين اسان کي ڊي اين اي ملي وڃي ٿو جنھن کي ڊي اين اي جي اڳئين مرحلي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

2)ڊي اين اي جي ڪٽ
ھن مقصد لاء ماليڪيولي ڪينچيون استعمال ڪيون وڃن ٿيون جن کي اصطلاح ۾  restriction enzyme چيو وڃي ٿو.
3) ڊي اين اي جي ٽڪڙن کي ان جي قدامت size جي لحاظ سان ترتيب ڏيڻ لاءِ خاص قسم جو آلو استعمال ڪيو وڃي ٿو جنھن کي جیل الیڪٽروفروسس gel electrophoresis چيو وڃي ٿوـ ھي آلو ایک ٽري تي مشتمل ٿئي ٿو جنھن ۾ جيل وجهي ان ۾ گهڙا بنايا وڃن ٿا. ٽري کي ھڪ محلول EDTA ۾ ٻوڙيو وڃي ٿو. ڊي اين اي کي ایٿیڊیم برومائڊ ethidium bromid سان گڏ جيل ۾ بنايل گهڙن ۾ وڌو وڃي ٿو. ان کان پوءِ اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ان مان ڪرنٽ گذاريو وڃي ٿو. ڪرنٽ جي گذرڻ سان جيل ۾ ڊي اين اي جون پٽيونbands نظر اچن لڳن ٿيون.
4) آخر ۾ ڊي اين اي جو تجزيو souther blotting ذريعي ڪيو وڃي ٿو. ڊي اين اي جي پٽين واري جيل کي الڪلائين سليوشن واري ٽري ۾ سپونج تي رکي مٿان ھڪ خاص ڪاغذ رکيو وڃي ٿو جنھن کي Nitrocellulose paper چيو وڃي ٿو. ھي ڪاغذ جيل ۾ موجود ڊي ارن اي pattern کي پنھنجي اندر جذب جذب ڪري ٿو. لھاذا جيل تي موجود ڊي اين اي جون پٽيون ھاڻي نائٽروجن سيلولوز ڪاغذ تي اچي وڃن ٿيون. ان ڪاغذ جي بيگ ۾ رکي ان ۾ ڊي اين اي جي تابڪار مفرد لڙھي  radioactive single strand تي مشتمل محلول وڌو وڃي ٿو. ھي لڙھيون ڪاغذ  تي موجود ڊي اين اي جي prob لڙھين سان بند ٿي وڃن ٿيون.
ان کان پوءِ نائٽروسيلولوز ڪاغذ کي ايڪسري فلم سان جوڙي فلم تشڪيل ڪئي وڃي ٿي تہ ايڪس ري فلم تي ڊي اين جون پٽيون bands of DNA ظاھر ٿي وڃن ٿيون .
انهن پٽين جي موازني سان مجرم جي شناخت ٿي وڃي ٿي. اگر سرزمين تي مليل ڊي اين اي جون پٽيون Bands ۽ ان کان پوء جي ڊي اين اي فنگر پرنٽ مان حاصل ٿيل پٽين ۾ مماثلت ھجي تہ اسان چونداسين ڊي اين اي Matct ملي ويو آھي ۽ مجرم جو پتو لڳي ويو آھي. ھي پٽيون Bands ھر فرد لاء مخصوص ٿين ٿيون ڪن بہ ٻن ماڻھن ۾  سواء جينياتي جاڙن  genetically  identical twin جي - ھي پٽيون ھڪ جھڙيون ٿي نہ سگهن ٿيون. نموني جي حصول کان ايڪسريز فلم تي ڊي اين اي جي پٽين اچڻ تائين تقريبن 14 ڏينھن لڳي وڃن ٿا. ھي نارمل ٽائيم لمٽ آھي البت suspects جي ڊي اين اي فنگر پرنٽ ھڪ ئي ڏيھن ۾ بلڊ سمپل مان وٺي سگهجي ٿي.

ڊي اين اي جي ٽيسٽ ڇو ڪئي وڃي ٿي؟

ڊي اين جي ٽيسٽ جا ڪجھ مقصد ھيٺ ڏجن ٿا.

ولدیت ثابت ڪرڻ لاء

جيڪڏھن ھي ڄاڻڻو ھجي تہ ڪنھن انسان جا حقيقي والدين ڪھڙا آھن تہ ان انسان جي ولديت جي دعوا ثابت ڪرڻ وارن جي ڊي اين اي سان ميچ ڪري ڏيکاريو وڃي ٿو. جيڪڏھن ٻنھي جا ڊي اين اي مماثلت رکن تہ ولديت جي دعوا کي درست قرار ڏنو وڃي ٿو.

مجرم جي شناخت لاء

ڊي اين اي جي مدد سان مجرم جي شناخت بہ آساني سان ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏھن سر زمين تان مجرم جو حياتياتي نمونو ملي وڃي تہ ان جي ڊي اين اي حاصل ڪري روپورٽ مڪمل ڪئي وڃي ٿي. ان ڊي اين اي کي ان خاص ڪيس ۾ نامزد ملزمن جي ڊي اين سان ملائي مجرم جي نشاندھي ڪئي وڃي ٿي.

جین ٿراپي
جيڪڏھن ڪنھن خاندان ۾ مخصوص بيماري ھجي تہ اھا پنھنجي ٻارن جي پيدائش کان پھرين ڊي اين اي جي ٽيسٽ جي مدد سان معلوم ڪيو وڃي ٿو تہ انهن جي ٻار ۾ ھي بيماري ٿيندي يا نہ.

جينياتي جينڀياس
جيڪڏھن ڪو پنھنجي وڏن جي متعلق معلومات حاصل ڪرڻ چاھي تہ اھو بہ ڊي اين اي جي ذريعي ممڪن آھي.

ڊي اين اي فنگر پرنٽ ڇاھي ۽ ڪيئن ڪئي وڃي ٿي؟

ڊي اين اي کي سمجهڻ عام طور تي ھي مثال ڏني وڃي ٿي تہ ڪنھن مڪان جي بليوپرنٽ يا نقشي وانگر آھي جنھن تي پورو جسماني ڍانچو تعمير ڪيو وڃي ٿو. جيئن ھر مڪان جي تعمير جو نقشو الڳ ٿئي ٿو ائين ھر انسان جي جسم جي تعمير لاء الڳ الڳ نقشا ٿين ٿا.
جيڪڏھن توھان کي مڪان جو نقشو ملي وڃي تہ ان جي مدد سان توھان گهر کي سڃاڻي سگهو ٿا.
جسم تعمير ڪرڻ ۽ ان جي نظام ھلائڻ لاء ڊي اين اي جي ھدايت ھڪ خاص زبان ۾ درج ھوندي آھي. ان زبان جي حروف تھجي صرف چار ٿين ٿا ۽ انهن کي A C T G جي شڪل ۾ ظاھر ڪيو وڃي ٿو. ھر ھڪ انسان جي ڊي اين اي جينوم ٽن ارب لفظن تي مشتمل آھي
ڊي اين اي جا چار اکر ڪنھن زبان جي اکرن وانگر نہ ھوندا آھن پر اھي ڪيميائي مرڪب آھن جن کي A C T G جو نالو ڏنو ويو آھي ۽ ھي جينوم ھڪ مخصوص ترتيب سان بار بار ورجايا وڃن ٿا. لفظن کي خاص ترتيب ڏيڻ سان جملا مرتب ٿين ٿا ۽ ڪتاب جڙي ٿو اھڙي طرح ڊي اين اي جي انهن مرڪبن جي مخصوص تڪرار سان ڪنھن ھڪ مخصوص انسان جو جينوم تيار ٿئي ٿو.
جيڪڏھن اھي سموريون ھدايتون لکيون وڃن  تہ عام ماپ جا تقريبن 5 ھزار ڪتاب جڙي ويندا.

جيئن بيان ڪيو ويو آھي تہ ھر انسان جي ڊي اين اي جي ڪتاب مخصوص ٿئي ٿي بلڪل ائين انسان جي آڱرين جي لڪيرن جا نشان مخصوص ٿين ٿا.
ڊي اين اي جي ٽيسٽ ۾ ڇا ٽيسٽ ڪيو وڃي ٿو؟

ڊي اين اي جا بنيادي حرف جيئن تہ ڪيميائي مرڪبن تي مشتمل ٿين ٿا انڪري ليباريٽري ۾ ڪيميائي مرڪبن جي ٽيسٽ سان ملزم جي شناخت ڪئي وڃي ٿي ان عمل کي ڊي اين اي جي فنگر پرنٽ چيو وڃي ٿو.
ھن مقصد لاء پھريون مرحلو اھو آھي تہ ملزم جي جسم جي ڪنھن بہ حصي جو نمونو ملي وڃي. نمونو ان جي وارن - ٿڪ - جنسي رطوبت - خون يا چمڙي جي ڪنھن ٽڪڙي تان حاصل ڪيو وڃي ٿو. ھي عمل انتھائي احتياط سان ڪيو وڃي ٿوتہ جيئن ان کي ڪنھن ٻئي جو ڊي اين اي آلودھ نہ ڪري. جيڪڏھن ڊي اين اي جو نمونو حاصل ڪندڙ اھلڪار کي بہ نڇ اچي وڃي تہ ان جو ڊي اين اي ملزم جي ڊي اين اي سان ملي وڃي ٿو.
ان بعد ڊي اين اي کي صاف ڪيو وڃي ٿو جيڪڏھن ان جو مقدار گهٽ آھي تہ ان کي پي سي آر جي ذريعي وڌايو وڃي ٿو.
پنجاب فورینسڪ لیبارٽريجي ھڪ عھديدار بي بي سي کي ٻڌايو تہ قصور ۾ متاثر ڇوڪرين جي جسم مان ملزم جو ڊي اين اي حاصل ڪرڻ آسان نہ ھيو. ھڪ جڳھ تان صرف ٽي اسپرم مليا جڏھن تہ ھڪ ٻي ڇوڪري جي جسم مان ٽي نينوگرام ( ھڪ گرام جو اربون حصو) حاصل ٿيو جنھن کي حساس طريقي سان استعمال ڪري ان قابل بنايو ويو تہ ان کي ٽيسٽ ڪيو وڃي.

 تڪرار جي مدد سان شناخت

ڊي اين اي جي انهن حصن کي ڪيميائي طور تي شناخت ڪرڻ آسان آھي جتي بار بار ھڪ اکر کي ورجايو ويو ھجي ان کي شارٽ ٽينڊم رپيٽ SRT چيو وڃي ٿو. ھڪ ايس آر ٽي جي مثال ھن ريت ٿيندي.

ATATATATAT

ھن مثال ۾ AT پنج بار ورجايو ويو آھي. ڊي اين اي ڪرڻ وارا اوزار ان قسم جي تڪرار کي آساني سان پڪڙي وٺن ٿا ڇوجو ھر انسان جو ڊي اين اي منفرد ٿئي ٿو ان ڪري ان جي اندر پايا ويندڙ تڪرار بہ منفرد ٿين ٿا  عام طور تي چئن اکرن جي تڪرار آساني سان پڪڙي وڃي ٿي.
قصور واقعي جي متاثر ڇوڪرين جي جسم مان ملندڙ ڊي اين اي جو ملزم عمران علي جي ڊي اين اي سان تقابلو ڪيو ويو تہ معلوم ٿيو تہ انهن ٻنهي قسمن جي نمونن ۾ ھڪ تڪرار پاتو ويو.
اگر صرف چند تڪراري نمونا ملن ٿا تہ ائين اتفاقي طور تي ٿي سگهي ٿو پر جي اگر ھڪ درجن  يا ان کان بہ وڌيڪ بار تڪرار ھوبھو ھڪجھڙا ھجن تہ اھڙي اتفاق جو امڪان تمام گهٽ ٿئي ٿو.
پوليس مطابق علي عمران جي ڊي اين اي ۽ ٻارن جي جسم جي اندران ملندڙ ملزم جي ڊي اين اي جي درميان اتفاقي مماثلت جو امڪان ھڪ جي مقابلي ۾ 178 ڪواڊريلين آھي يعني 178 کانپوء 15 ٻڙيون يعني
 78,000,000,000,000,000,000 ان جو مطلب ٿيو تہ 178 ڪواڊريلين انسان موجود ھجن تہ انهن مان ٻن جي ڊي اين اي جو پاڻ ۾ امڪان ٿي سگهي ٿو ڏسجي تہ دنيا جي مجموعي آبادي ھن رقم جي مقابلي ۾ ٻہ ڪروڙوڻ کان بہ گهٽ آھي ان لاء ھي ڳالھ پوري اعتماد سان چئي سگهجي ٿي تہ پوليس کي ان جو گهربل شخص ملي ويو آھي.

Chromosome  موروثي ڌاڳو - وراثي ڌاڳو

DNA  ڊي اين اي - جينوم - کھ

Gene    وراثو - موروثو  

Nucleus مرڪز - مکور - وچڙيو

Nuclein  مک مرڪز - مک مکور - مک وچڙيو

Acid  کٽ - کٽاڻ - ترشو - 

Uni cell  اڪائي گهرڙو - يڪسو گهرڙو

Code  رمز

Phenotype ظاھري طرز - ظاھري نمونو

Genotype موروثي طرز - وراثي طرز

Genetic Code  موروثي رمز - وراثي رمز

Transcription  حرفي نقلڪاري - انتساخي عمل

Translation   نقلڪاري

Promoter  فروغڻو - معزاز

Encoding  رمزيت - ترميزيت

Stop   بيھڪ - توقف

Macromoleculee  وڏو پراڻو - وڏو ماليڪيولي ڌاڳو

Eukaryotic   اڪائي ڌاڳو - اڪائي مرڪز

Prokaryote  بيضوي ڌاڳو

Normal cell  طبعي گهرڙو

Base pair  زوجي قائدو - جوڙدار قائدو

Helix  وڪڙ - پيچ

Double helix  ٻٽو وڪڙ - ٻٽو پيچ

Neucleotide  مک ڪڙي

Polymer  مڪثور ڌاڳو - ڪثيرو ڌاڳو

Monomer  موحود ڌاڳو  - حدبند ڌاڳو

Hydrophobic  آب گذر - آب مان گذرندڙ

Hydropholic آب ڀر - نزديڪي آب

Cell Membrane
خلوي جهلي - خليي جي جهلي - گهرڙ جهلي

Cytoplasm
گهرڙمايو - خلمايو - گهرڙي جو وچون زندھ مادو 

DNA extraction ڊي اين اي نچوڙ

Cutting of DNA
ڊي اين جي ڪٽ - ڊي اين اي جي ڇنڊ ڇيد

Gel electrophoresis
برق بدلدار جيل

Southern blotting
ڇيدي مرحلو - ڇيد 

DNA Finger printing - DNA Finger typing
ڊي اين اي آڱري ڇاپو

Cell lysis
خلوي تخفيف - خلوي تدريج - خلوي ڇيد - خلوي ڇنڊ

Lysis buffer  بفري مادو

Protease    پروٺ - پروٺ ڪيميڪل مادو

Supernatant    پروٽيني ڇاڻ - پروٽيني ڇنڊڇاڻ

Restriction enzyme    ماليڪيولي ڪينچيون

Genetically identical twin   جينياتي جاڙيون پٽيون 

Ethanol    ايٿائيل - ايٿائيل الڪوحل - ايٿول

Isopropanol   ايسول - آئسوپروپينول ڪيمييائي مادو


No comments:

Post a Comment