"دريا خان سنڌي"
روزانو ۽ مستقل بنيادن تي ورزش پٺاڙن جي گهرڙن ۾ موجود زهريلا پروٽين خارج ۾ مدد ڪري ٿي.
هي زهريلا پروٽين پٺاڙن جي ڪمزوري جو سبب ٿين ٿا. تازو نئين تحقيق مطابق پٺاڙن ۾ ورزشي گهٽتائي جي ڪري زهريلا پروٽين پٺاڙن جي گهرڙن ۾ جمع ٿين ٿا.
روزانو ورزش سان اهڙا زهريلا پروٽين ختم ٿي وڃن ٿا. برازيل جي ساﺅ پولو یونیورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر جوليو سي سار بتيستا فريرا جو چوڻ آهي تہ پٺاڙن جي گهرڙن ۾ موجود انهن زهريلن مادن جو خارج ٿيڻ لازم آهي ڇوجو اھي زهريلا مادا جمع ٿيڻ کان پوء پٺاڙن جي گهرڙن کي ناڪارا ۽ ڪمزور ڪن ٿا.
هي عارضو گهڻو ڪري پوڙھن۔ زخمن ورتل ماڻهن ۔ بستري تي پيل مريضن ۽ هڪ جاء تي ويھي ڪم ڪار ڪندڙن کي جلد متاثر ڪري ٿو.
طبي ماهرن هي تحقيق ڪوئن تي ڪئي جيڪي جسماني زخمن ۾ ورتل ھيا.
زخم ٿيڻ يا ويھي رھڻ کان پوء اعصابي مسئلا پيدا ٿين ٿا. شياٽيڪا کان متاثر ماڻهو نہ ھلڻ ڪري ۽ ويھي رھڻ ڪري انهن زھريلن پروٽينن کي وجھ ڏين ٿا جيڪي پٺاڙن ۾ اچي وڃن ٿا نتيجي طور متاثر ماڻهن جا پٺا ڪمزور ٿين ٿا
No comments:
Post a Comment