جين جو مستقبل - جين (33)
”دريا خان سنڌي“
تصور ڪريو، اهڙي دنيا جو جتي ٻار جي ڄمڻ کان اڳ ئي ماءُ پيءُ وٽ اها چونڊ هجي تہ هو ايندڙ ٻار جي جينوم جو تسلسل ڪرائن. اهڙيون ميوٽيشنون ڦيرگهيرون جيڪي گھڻي معذوري جو سبب بڻجن ٿيون، اڳواٽ سڃاتون ويون هجن. هاڻي ماءُ پيءُ کي اها چونڊ هجي تہ اڳواٽ ئي ان کي روڪي ڇڏين، يا پيٽ ٿيڻ کان بہ اڳ مڪمل جينيٽڪ اسڪريننگ جانچ کان پوءِ خالي اهي ٻار چونڊين جيڪي “نارمل” هجن. جين جي پيچيدھ گڏيل اثرن سان پيدا ٿيندڙ رجحانن جي ڄاڻ ملي وڃي. جڏهن اهي ٻار ڄمن، تہ انهن جي فطري رجحانن موجب سارسنڀال ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن جو رجحان ٿلهائپ ڏانهن هجي تہ سندس وزن تي نظر رکي وڃي، غذا ان مطابق ڏني وڃي يا سندس ميٽابولڪ پروگرامن ۾ تبديلي ڪئي وڃي، جنهن ۾ هارمون، دوائون ۽ ٻالڪپڻ ۾ جين ٿراپي شامل هجن. ڪو ٻار جيڪو گهڻو هائپر چست هجي يا ڌيان ڏيڻ ۾ تڪليف رکي، ان لاءِ رويي واري ٿراپي يا اهڙا تعليمي ادارا چونڊيا وڃن جيڪي سندس شخصيت سان ٺهڪن.
جيڪڏهن بيماريون ظاهر ٿين يا وڌن، تہ جين ٿراپي جي مدد سان علاج ڪيو وڃي. صحيح جين کي متاثر ٿيل ٽشوز ۾ اندر وڌو وڃي. مثال طور، جيڪڏهن ڪنهن کي سسٽڪ فائبروسس ٿي وڃي، تہ ان کي صحيح ڪرڻ لاءِ جين کي مريض جي ڦڦڙن ۾ ايئروسول جي صورت ۾ پهچايو وڃي، جتي اهو ڦڦڙن کي وري نارمل حالت ۾ آڻي سگهي. ڪا ڇوڪري جيڪا اي ڊي اي ڊيفيشنسي سان پيدا ٿئي، سندس هڏن جي مَڏي ۾ صحيح جين لڳائي سگهجن. وڌيڪ پيچيدھ بيمارين لاءِ جينيٽڪ ڊائگنوسز سان گڏ دوائن ۽ ماحولياتي ٿراپي جو استعمال ڪيو وڃي.
ڪينسر جهڙين خانداني بيمارين جو تفصيلي تجزيو ڪيو وڃي، جنهن لاءِ ڪنهن خاص ڪينسر جا ذميوار ميوٽيشن ڦيرگهير اڳ ۾ ئي رڪارڊ ٿيل هجن. انهن ميوٽيشنن ڦير گهير جي مدد سان اهڙا رستا سڃاتا وڃن جيڪي سيلز جي وڌڻ جو سبب بڻجن ٿا. پوءِ ٽارگيٽ ٿيل ٿراپي سان ڪينسر جي سيلز کي ماريو وڃي ۽ نارمل سيلز کي محفوظ رکيو وڃي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پوسٽ ٽراما اسٽرِيس ڊس آرڊر جو شڪار هجي، تہ سندس رت جي ٽيسٽ مان پتو ڪيو وڃي تہ ڪهڙو جين ويئرينٽ موجود آهي. نفسياتي ماهر اهو ڏسي طئي ڪري سگهن تہ حياتياتي سببن جي ڪري ان ۾ خوف ختم ڪرڻ ڪيترو سولو آهي. علاج جا طريقا ان مطابق تيار ڪيا وڃن. ٿراپي جي چونڊ بہ سندس حياتياتي پروفائل مطابق هجي. اهڙيون دوائون ڏنيون وڃن جيڪي ايپي جينيٽڪ مارڪر ختم ڪن ۽ اهي ٿراپي سيشن سان گڏ استعمال ٿين. سيلز جي ياداشت جي صفائي پراڻين گھڻين يادگيرين جي اثر کي ختم ڪرڻ سولو بڻائي ڇڏي.
جينيٽڪ ڊائگنوسز سان ڄمار وقت صحيح ٻارن جي چونڊ ۽ جينيٽڪ مداخلت وسيلي ترميم، ڪيترين ئي خوفناڪ ۽ تڪليف ڏيندڙ بيمارين کي ختم ڪري ڇڏيندي.
جيڪڏهن توهان اڳيون منظر غور سان پڙهيو آهي، تہ اهو ساڳئي وقت اميد، حيرت ۽ پريشاني جا جذبا پيدا ڪندو. آخرڪار ميڊيڪل سائنس جو مقصد تہ ڪينسر، شيزوفرينيا ۽ سسٽڪ فائبروسس جهڙين بيمارين کي وقت سر روڪڻ ئي آهي. پر اهڙي دنيا جا ڪيترا پاسا اسان جي گهٻرائڻ وارا بہ آهن، اهڙي دنيا، جتي اچڻ کان اڳ مرد ۽ عورت جينيٽڪ ڪمزوريءَ جي امتحان مان گذري “قبولڻ جهڙوڪ” ڪوٺيا ويندا يا پوءِ مرمت ٿيل جينيٽڪ پسندن سان ايندا. آهستي آهستي بيماريون ختم ٿينديون، پر ساڻس گڏ سڃاڻپ بہ ختم ٿيندي. تڪليف سان گڏ نرمي بہ ختم ٿيندي. ٽراما مٽائي ڇڏينداسين، پر تاريخ بہ ختم ٿي ويندي. جيڪي سڀ کان الڳ هوندا، اهي بہ ختم ٿي ويندا. ڪمزوري ختم ٿيندي، پر نزاڪت بہ. امڪان گهٽ ٿيڻ جو مطلب، چونڊ جا موقعا گهٽ ٿيڻ بہ آهي.
جڏهن هيومن جينوم منصوبو شروع ٿيو هو تہ جينيٽڪس ماهر جان سَلِسٽن هڪ پراڻو فلسفي وارو سوال اٿاريو هو: ڇا هڪ ذهين شيءِ پنهنجي “هدايت” پڙهي سگهي ٿي؟ ان کان بہ گهرو مشڪل سوال تڏهن پيدا ٿئي ٿو جڏهن اها پنهنجي هدايت پاڻ لکي سگهي. جيڪڏهن جينز جاندار جي فطرت ۽ قسمت جو فيصلو ڪن ٿا، ۽ اهو جاندار پنهنجي جينز وسيلي پنهنجي فطرت ۽ قسمت جو فيصلو ڪرڻ لڳي، تہ منطق جو دائرو پاڻ ۾ ئي بند ٿي وڃي ٿو.
اُڻويهين ۽ ويهين صديءَ جي ميڊيڪل سائنس “قسمت” ۽ “چونڊ” جو تصور آندو. قسمت جو سڀ کان واضح ۽ يونيورسل عمل ــ بيماري ــ هاڻي ميڪانيڪي اصطلاحن ۾ سمجهي سگهجي ٿي: خطرا، ماحول، حالتون، عادتون وغيرھ. جڏهن تہ چونڊ جو واسطو انفرادي نفسيات، تجربن، يادگيرين، صدمَن ۽ ذاتي تاريخ سان هو. ويهين صديءَ جي وچ تائين سڃاڻپ، مزاج، پسند ۽ ترجيح کي نفسيات، ماضي ۽ چانس جي ميل جول سان ڏٺو ويندو هو.
اڪيهوين صديءَ جي پهرين ٻن ڏهاڪن ۾ اسان “سبب ۽ نتيجي” جي هڪ ٻي ٻولي سکڻ لڳا آهيون ــ بيماري، سڃاڻپ، پسند، مزاج، ترجيح ۽ آخرڪار چونڊ ۽ قسمت کي جين ۽ جينوم جي ٻوليءَ ۾. ان جو مطلب اهو ناهي تہ جينز جي نظر سان فطرت ۽ قسمت جا بنيادي پاسا مڪمل طور سمجهي سگهجن ٿا، پر اهو ضرور آهي تہ اسان کي پنهنجي ماضي ۽ مستقبل بابت سڀ کان وڌيڪ ڇرڪائيندڙ خيالن کي سنجيدگي سان ڏسڻو پوندو. حقيقت اها آهي تہ جينز جو اسان جي زندگي ۽ شخصيت تي اثر اسان جي خيال کان گهڻو وڌيڪ گهرو ۽ تنگ ڪندڙ آهي. ۽ جيئن جيئن اسان جينوم کي پڙهڻ، بدلائڻ ۽ ان سان کيڏڻ سکنداسين، تيئن اسان مستقبل ۾ قسمت ۽ چونڊ سان کيڏنداسين.
جيڪو سڀ کان الڳ آهي، جيڪو ڪجھ “غير رواجي” آهي، ڇا اسان پنهنجي علم سان ان جي “خرابي” صحيح ڪرڻ چاهينداسين؟ ڇا اسان ان کي “نارمل” بڻائڻ چاهينداسين؟ جيڪڏهن ها، تہ ان سان گڏ ڪهڙا اخلاقي، سماجي ۽ حياتياتي خطرا ايندا؟ يا وري، ڇا ان کي صحيح ڪرڻ اسان جي اخلاقي ذميواري ناهي؟ ڇا اسان جو نئون علم اسان کي نئين قسم جي همدردي ۽ ٻين کي سمجهڻ سيکاريندو؟ يا اهو نئون علم نون قسم جي تعصبن کي جنم ڏيندو؟ ڇا اسان ان علم سان “قدرتي” جي تعريف نئين سر ڪري سگهنداسين؟
پر اهو “قدرتي” آهي ڇا؟ هڪ طرف تبديلي، قسم، ڦيرگهيري، ورهائجڻ، بگاڙ ۽ وهڪرو قدرتي آهي. ٻي پاسي اٽل رهڻ، مظبوطي، نہ ورهائجڻ ۽ جاري ساري رهڻ بہ قدرتي آهي. حيرت جي ڳالھ ناهي تہ تضادن جو مالڪيول ــ ڊي اين اي ــ هڪ تضادن واري جاندار جو ڪوڊ رکي ٿو. اسان پنهنجي ايندڙ نسل کان، پنهنجن اڳتي موڪليل جينز کان اميد رکون ٿا تہ اهي اسان وانگر هوندا، پر اسان کي انهن ۾ مخالفت ملندي آهي، اسان کي “تبديلي” ملي ٿي. اهي ماڻهو جيڪي بدليل آهن، جيڪي سڀ کان الڳ آهن، اهي ئي اسان جي نسل جي بقا لاءِ ضروري آهن. اسان جي جينوم هڪ متضاد قوتن جي وچ ۾ گھڻو سنهڙو توازن رکيو آهي، هڪ تار ۽ ان جي مخالف تار جو جوڙو، جيڪو ماضي بہ رکي ٿو ۽ مستقبل بہ، جيڪو يادگيري ۽ خواهش جو مقابلو ڪرائي ٿو.
هي اسان ۾ سڀ کان وڌيڪ انساني شيءِ آهي. سوال اهو آهي تہ اسان ان جا ڪيئن محافظ بڻجي سگهنداسين؟ هي گھڻو ڪري اسان جي نسل لاءِ علم، فڪر، فهم ۽ شعور جو سڀ کان وڏو امتحان هوندو.
ختم...
ايندڙ وقت جا ٽي وڏا جينياتي منصوبا - جين (32)
https://www.facebook.com/share/p/1CUaVUXgZt/
No comments:
Post a Comment