Pages

Friday, 10 October 2025

انسولين - بائيوٽيڪنالوجي ميدان عمل ۾ - جين (16)


انسولين - بائيوٽيڪنالوجي ميدان عمل ۾ - جين (16)
” دريا خان سنڌي “
 
برلن ۾ 1869 ۾ لبلبي کي خورد بين هيٺ ڏسندي، هڪ ميديڪل شاگرد هڪ الڳ لڳڻ وارا جيوگهرڙا Cell دريافت ڪيا هيا، اهو دريافت پوءِ ٿيو تہ هي ڪندا ڇا آهن، هي رت ۾ شوگر کي ريگوليٽ ڪندا آهن، انھن ۾ خرابي ڊيابيطس جو ڪارڻ بڻبي آهي شوگر کي ڪنٽرول هڪ هارمون ڪندي آهي، هڪ پروٽين جيڪو هي گهرڙا پيدا ڪندا آهن، ان پروٽين کي پهريان آئيلٽين ۽ پوءِ انسولين چيو ويو 

انجي سڃاڻپ کانپوءِ انکي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش شروع ٿئي، 1921ع ۾ پهريون ڀيرو بينٽنگ ۽ بيسٽ جن ڳئون جي درجنن ڪلوگرام لبلبي مان ڪجھ مائيڪروگرام انسولين حاصل ڪيون، ڊيابيطس واري ٻارن تي تجربن سان ان هارمون بلڊ شوگر ليول جلد بحال ڪري ڇڏيو ۽ انجي انڄ روڪي ڇڏي، پر ان هارمون گڏ ڪم ڪرڻ گهڻو مشڪل هو، حل نہ ٿيندي هئي، حرارت سان خراب ٿي ويندي هئي، غيرمستحڪم ۽ پراسرار جهڙي، 1953ع ۾ هي خبر پئي تہ هي ڪهڙن امينو ايسڊ سان بڻجندي آهي، انجي وچ ڪيميڪل بانڊ آهن، ۽ هي يو جي شڪل جي آهي، ايئن جيئن آڱر ۽ گڏ آڱوٺو هجي، هڪ پروٽين جيڪا ناب ۽ ڊائل گهمائي ڪري شوگر جو ميٽابولزم ريگوليٽ ڪندي آهي 

بوئير جينياتي ايڊٽنگ جي تجربي ۾ ڪامياب ٿيا هيا، انهن هڪ جينياتي انجينئرنگ جي لاءِ 1976ع ۾ جينن ٽيڪ نالي سان ڪمپنيءَ بڻائي ورتي، اهوئي ان ماليڪيول کي تيار ڪرڻ گهرون پيا، انن کي هي خبر نہ هئي تہ انسانن ۾ ڪهڙي جين انکي تياري ڪندي آهي، انھن انکي ڊي ڪوڊ ڪرڻ جو طريقو امينو ايسڊ ۽ ڊي اين اي جي ميپنگ مان ڪڍيو، ان سان ڊي اين اي جو ڪوڊ ڪڍهي سگهجي پيو، انکي بيڪٽيريا جي جينز ۾ داخل ڪري سگهجي پيو ۽ ان بيڪٽيريا کي انسولين جي فيڪٽري جي طور تي استعمال ڪري وڃي سگھجي پيو، جيڪڏهن ايئن ممڪن ٿي وڃي ها تہ اهو ڪلينڪل ميڊيسن جو سڀ کان وڌيڪ گهرجي واري ماليڪيول بيڪٽيريا جي وسيلي تيار ڪري وٺن ها 

 انسولين ڳجهو ماليڪيول آهي، ان مائونٽ ايوريسٽ کي پار ڪرڻ کان پهريان ڪو ٻيو جبل پار ڪرڻ هو، هڪ زنجير 31 امينو ايسڊ سان بڻجندي هئي، ٻئي ويھ مان، انکان پهريان سوماٽوسٽيٽن جو چونڊ ڪيو ويو، هڪ ٻيو پروٽين جيڪا سادي هئي، ۽ چوڏھ امينو ايسڊ تي لاڳاپيل هئي، جيڪڏهن هي بڻائجي وڃي ها تہ خبر پئجي وڃي ها تہ ان طريقي سان انسولين بڻجن ممڪن آهي 

بائيوٽيڪنالوجي جي پهرين ڪمپنيءَ جينن ٽيڪ هڪ ڪمري ۾ چئن ماڻهن جي هڪ ٽيم هئي، هي جون 1977ع تائين سوماٽوسٽيٽن بنائڻ جي لاءِ جين جا حصا گڏ ڪري چڪي هئي، انکي ڪاميابي سان بيڪٽيريا جي پلازمڊ ۾ وڌو ويو هيو، تبديل ٿيل بيڪٽيريا پلجي وڌي رهيا هيا، ٽيم صبحو ليبارٽري ۾ گڏ ٿي، ڊيٽڪٽر ۾ ڏٺو تہ سوماٽوسٽيٽن پيدا ٿيڻ لڳي آهي يا نہ، بلڪل ماٺ، سوماٽوسٽيٽن جي مقدار زيرو هئي، ايئن لڳندو هيو تہ هي مائيڪروب انساني غلام بڻجڻ جي خلاف هڪ آخري مزاحمت ڪري رهيا هيا، هي تجربو ناڪام ٿي ويو هيو، اندازو لڳايو ويو تہ ان پروٽين کي بيڪٽيريا ٻاهر نڪرڻ کان پهريان ئي ٽوڙي ڏيندا آهن 

هاڻي اڳيون حربو استعمال ڪيو ويو، هي بيڪٽيريا کي ڌوڪو ڏيڻ جو هو، ان جين کي الڳ پلازمڊ ۾ وجهڻ جي بجائي بيڪٽيريا جي پنهنجي جين سان گڏ رکيو ويو، بيڪٽيريا پنهنجي طرف کان بيڪٽيريل پروٽين بڻائي رهيو هوندو جڏهن تہ گڏ ئي انساني پروٽين بڻجي رهي هوندي، ٽن مهينن ۾ هي ڪيو ويو هيو، آگسٽ 1977ع جو ٽيم ٻيون ڀيرو گڏ ٿي، سڀ نروس بيٺل انجا نتيجا ڏسي رهيا هيا تہ ڊيٽڪٽر مان آواز اچڻ لڳي، سوماٽوسٽيٽن تيار هئي، بيڪٽيريا کان انساني پروٽين تيار ڪرائي وئي هئي 

اڳيون مقابلو انسولين بنائڻ جو هو، جنھن تي سان فرانسسڪو ۾ يونيورسٽي آف ڪيلي فورنيا جي هڪ ٻئي ٽيم بہ ڪم ڪري رهي هئي، هي مقابلو هڪ ننڍي بزنس ۽ هڪ وڏي يونيورسٽي جي وچ هيو 

مئي 1978ع ۾ جينن ٽيڪ کي هڪ وڏي ڪاميابي ٿي، جڏهن انھن انسولين جي زنجيرون تيار ڪري ورتيون 21 آگسٽ 1978ع جي رات جي پھر ٽيسٽ ٽيوب ۾ انکي جوڙي ڪري پهريون ڀيرو انسولين کي تيار ڪيو ويو هو، انجي پيٽنٽ سند ڪرائڻ هڪ وڏي ۽ نئي بحث هئي، دوائون نيو ڪيميڪل هوندا آهن جنن کي پيٽنٽ ڪرايو ويندو آهي، جڏهن تہ انسولين تي قدرتي ڪيميڪل هو، انکي ڪيئن پيٽنٽ ڪرايو وڃي سگهجي ٿو؟ وڪيلوي جن وڏي سوچ ويچار کانپوءِ انجو حل ڪڍي ورتو، انکي ڪرڻ جي عمل کي پنٽنٽ ڪرايو ويو، هي پنٽنٽ آڪٽوبر 1982ع جو منظور ٿيو، جيڪو ٽيڪنالوجي جي تاريخ جي منافي بخش ۽ متنازع پينٽنس مان هو 

انسولين بائيوٽيڪنالوجي جي صنعت جو وڏو پنڌ هو، جين ڪلوننگ جي ٽيڪنالوجي مان علاج جي شروعات ٿي ويو هيو 

جينن ٽيڪ جن ڪمپنيءَ کي 14 آڪٽوبر 1980ع جو اسٽاڪ ايڪسچينج تي لسٽ ڪيو، هي ان وقت تاريخ ۾ ڪنھن بہ ٽيڪنالوجي ڪمپنيءَ جي ٿيڻ واري ڪامياب ترين آفرنگ هئي، ڪجھ ڪلاڪن ۾ ساڍا ٽي ڪروڙ ڊالر ڪمپني وٽ اچي چڪا هيا، ان کان پهريان قدرتي طريقي سان ڳئون ۽ سوئر جي لبلبي مان انسولين حاصل ڪئي ويندي هئي، ان تي نئي طريقي سان حاصل ڪئي ويندڙ دوا جو نالو هومولين رکيو ويو، انجي ساليانو وڪرو 1983ع ۾ 8 ملين ڊالر، 1996ع ۾ 90 ملين ڊالر ۽ 1998ع ۾ 700 ملين ڊالر ساليانو جي ٿي چڪي هئي 

جينن ٽيڪ جن ڊوارف ازم جي علاج لاءِ 1982ع ۾ ايڇ جي ايڇ بڻائي، 1986ع ۾ رت جي سرطان جي لاءِ اميونيٽي جي پروٽين، انکان اڳين ورهين ٽي پي اي جيڪو اسٽروڪ يا هارٽ اٽيڪ جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي، هر بريڪ ٿرو ٽيڪنالوجي جو وڏي جنگ هو، وڏي ماليڪيولز جي لاءِ بيڪٽيريا استعمال نہ پيا استعمال ڪري سگهيا ويا، ان جي لاءِ ساپن ۽ ڪوئن ڏا منهن ڪرڻو پيو، 1990ع ۾ ويڪسينز جنھن ۾ هيپاٽائيٽس بي جي ويڪسين هئي، ڊسمبر 1990ع جو انکي ٻہ ارب ڏھ ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ۾ انجا حصا وڪرو ڪري ڇڏيا 

 جينن ٽيڪ جن 2001ع ۾ بائيوٽيڪ جي تحقيق جو دنيا جو سڀ کان وڏو مرڪز بڻايو جنهن ۾ ايڪڙن تي پکيڙيل شيشي جي ماڙ هئي، انجي باني جنهن خالي هڪ لک ڊالر جي سرمايا ڪاري حاصل ڪئي هئي ادارو شروع ڪيو هيو، انجو مجسمو انجي سامهون لڳايو ويو، اهوئي هي ڪيمپسس ڏسڻ جي لاءِ زندھ نہ هيا، انھن جي موت ٻاونجاھ ورهين جي عمر ۾ 1999ع ۾ دماغ جي ٽيومر جي هٿان ٿي چڪو هيو 

هلندڙ...

گڏ لڳل تصوير جينن ٽيڪ جي دفتر جي آهي

نئي قسم جي اُپاءَ - جين ڪلوننگ - جين (15)
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2717429631872444/

 #ScienceJeDuniya 

No comments:

Post a Comment