مادو ۽ توانائي
گهڻا ڀيرا ان قسم جي شيءِ پڙهڻ لاءِ ملندي آهي جيئن تہ مادو ۽ توانائي هڪئي سڪي جا ٻہ پاسا آهن ۽ پوءِ ڪيترا ڀيرا وري شاعري پڻ ملندي آهي تہ بگ بينگ ۾ سڀ مادو ۽ توانائي بڻي، ڪنھن بہ سائينسي ليکڪ لاءِ ان قسم جا محاورا پريشان ڪندڙ آهن ڇوجو اهو نہ خالي غلط آهي پر ان قسم جي ڳالهين سان اهوئي ماڻهون جيڪي سائنسدان تہ نہ آهن اهوئي غلط تصور وٺندا آهن ۽ جيڪو فزڪس سٺي نموني ناهي ڄاڻيندو انھن کي ان قسم جي ڳالھ گهڻو پريشان ڪندي آهي تہ اهوئي پوءِ هي سمجھي وٺندا آهن تہ هر شيءِ يا تہ مادو آهي يا توانائي جيڪو سراسري غلط آهي
1: مادو ۽ توانائي هڪ شيءِ ناهين ۽ انھن کي ذهن ۾ گڏ جوڙڻ غلط آهي
2: مادو پاڻ هڪ اڻ چٽو اصطلاح آهي، انجي هڪ تعريف ناهي ۽ جنھن جڳھ تي هي اصطلاح جنھن جڳھ تي استعمال ٿي رهي آهي، انجو مطلب جو واسطو ان سان آهي
3: انجي ابتر توانائي اڻ چٽي ناهي، هي پاڻ ڪا شيءِ ناهي بلڪي ٻين شين جي خاصيت آهي
4: ڪاري توانائي کي اڃان فلحال الڳ رکو ڇوجو اسان انجي تفصيل کان واقف ناهيون
5: فوٽونز کي توانائي يا نج توانائي چوڻ غلط آهي، سڀهي پارٽيڪلز فيلڊز جو جنبش آهن ۽ توانائي رکندا آهن، فوٽونز ان باري ۾ ٻين کان مختلف ناهين، فوٽون هڪ شيءِ آهي، توانائي ناهي
6: جنھن شيءِ سان ڪائنات بڻي آهي اها فيلڊز آهن (جيڪي ڪائنات جا بنيادي جز آهن) ۽ انھن جا پارٽيڪل، هي نقطو نظر 1973ع کانپوءِ جو آهي
مادو ڇا آهي؟
هي اصطلاح پاڻ اڻ چٽي آهي، انجون گهٽ ۾ گهٽ ٽي مختلف تعريفون ٿي سگهن ٿيون 1: ايٽمز کي مادو چئي سگھجي ٿو، اسان جنھن کي ميٽيريل چوندا آهيون، ميز، هوا، پٿر، اک، ڪيلي جي کل، انکان اڳتي وڃون تہ اليڪٽران، نيوٽرون ۽ پروٽون
2: انکي پوءِ ڪڏهن بنيادي ميٽر پارٽيڪل جي طور تي ورتو ويندو آهي، اليڪٽران، موؤن، ٽاؤ ۽ پوءِ ڇهين طرحن جا ڪوراڪ، فورس پارٽيڪل کي الڳ ڪري ڇڏيو، تہ باقي بنيادي پارٽيڪل، هگز پارٽيڪل گهڻي سولائي سان فٽ ناهي ٿيندو
3: ڪو بہ اهڙو پارٽيڪل جيڪو ڪائنات ۾ آهي ۽ اوريج سراسري روشني جي رفتار سان گهڻو گهٽ رفتار تي سفر ڪندو آهي
هاڻي انھن تعريفن کي ڏسي وٺو تہ اليڪٽران مادو آهي پر ڪائنات جي بلڪل شروعات ۾ نہ هئا، ٻنهي ڊيفينيشن کي ڏسو تہ پوءِ موؤن بہ مادو نڪرندا، ٽي ڊيفينيشن کي ڏسو تہ نيوٽرينو مادو ٿي بہ سگهن ٿا نہ بہ، ڪاري مادي کي ان معيار تي ڏسو تہ اهو مادو ئي چورائبو ڀلي اهو فورس پارٽيڪل نڪري اچن، جيڪڏهن اوهان پريشان ٿي رهيا آهيون تہ، هي ڄاڻڻ ضروري آهي ڇوجو مختلف ڪتابن ۽ مضمون انجي لاءِ فرق تعريف استعمال ڪندا آهن
توانائي ڇا آهي؟
ان تي فزڪس ۾ اتفاق آهي، پر عام زبان ۾ انجو ايترو فرق مطلب آهي تہ ان تي بہ پريشان ٿيڻ سولو آهي، هاڻي ايترو سمجهي وٺو تہ توانائي پاڻ ڪو آبجيڪٽ ناهي، ايٽم هڪ شيءِ آهي، توانائي ناهي، ڪنھن شيءِ يا انجي گروپ ۾ توانائي هوندي، توانائي هڪ خاصيت آهي جيڪا انھن شين جو عمل ۽ پوءِ انھن وٽ پاڻ ۾ واسطو کي مخصوص ڪندي آهي نظريہ اضافيت کي فلحال الڳ رکي ڪري هي سمجهي وٺو تہ هي ٻن قسمن جي هوندي، ماس ۽ انرجي ۽ موشن انرجي
ڇا پارٽيڪل ۽ اينٽي پارٽيڪل جو ملاپ مادي کي توانائي م ناهي بدلي ڇڏيندو؟
نہ... ايئن چوڻ ڪيترين وجهن ڪارڻ غلط آهي، اسان مٿي ڏٺو تہ فوٽون کي نج انرجي جي طور تي سوچڻ صحيح ناهي، هي ڪنھن بہ ٻئي پارٽيڪل جيان آهن، يعني پنهنجي فيلڊ تي جنبش ۽ پوءِ ڪجھ توانائي رکيل، جڏهن ميٽر ۽ اينٽي ميٽر ملن تہ توانائي کي ڪنزرو رهڻو آهي، اها توانائي انھن فوٽونز جي خاصيت بڻي، هي عمل پاڻ خالي ايئن آهي جو پارٽيڪل ۽ اينٽي پارٽيڪل جي ملاپ سان هڪ ٻيو پارٽيڪل ۽ انجو اينٽي پارٽيڪل بڻيا
ڇا هر شيءِ مادو ۽ توانائي ناهي؟
نہ... اوهان وٽ فيلڊ ٿي سگهي ٿو جنھن جو ڪو بہ پارٽيڪل نہ هجي، جيڪڏهن اوهان وٽ اليڪٽرڪ فيلڊ آهي تہ اهو اوهانجي هر پاسي ڦهليل آهي، ۽ بنيادي ذرن کي ڪيمت ڏئي رهيو آهي، فيلڊز ۽ پارٽيڪلز توانائي رکي سگهن ٿا پر هي پاڻ ۾ توانائي نہ
ميٽر پارٽيڪل ۽ فورس پارٽيڪل ۾ ڇا فرق آهي؟
جيتوڻيڪ بنيادي فرق ناهي پر هي تفريق سولائي جي وجھ سان ڪئي ويندي آهي، هگز پارٽيڪل هڪ مثال آهي تہ اهو انهن مان ڪنھن ڪلاس ۾ ناهي، اسان ٻيون بہ فيلڊز دريافت ڪري سگهون ٿا، جن سان گڏ ايئن ٿي، سولائي جي لاءِ ايئن چئجي سگهجي ٿو تہ جنھن فيلڊ جو بنيادي ذرو فرميون هجي اهو مادي جو پارٽيڪل هوندو ۽ جنهن جو بوزون هجي اهو فورس جو پر اڳتي هلي ڪري هي بہ بدلجي سگهجي ٿو، فرميون ۽ بوزون جي بجائي مادو ۽ قوت استعمال ان لاءِ ڪيو ويندو آهي جو عام فهم آهي پر اڳتي هلي هي بدلجي سگهي ٿو
ڪاسمولوجي ۾ مادو ۽ توانائي ڇا آهن؟
جڏهن ڪائنات کي پڙهندا تہ مادو، ڪارو مادو، شعاعين ۽ ڪاري توانائي جا لفظ ٻڌڻ ۾ ملندا، ڪاسمولوجسٽ جنھن طرح انکي استعمال ڪندا آهن اهو بہ ان وقت جي ڪانٽيڪسٽ تي لاڳاپيل آهي
مادو ۽ ضد مادو، مادو جي جيڪا تعريف مٿي لکيل آهي، انهي طرح ضد مادو بہ آهي ۽ انجي ضد ذرات آهن، مادي جا ذرات ضد مادي جي نسبت گهڻا عام آهن
مادو ۽ ريڊ ايشن، جيڪڏهن انھن جي تفريق پڙهو تہ مادي جي ٽئي تعريف ڏسي وٺو، ڪائنات جو ڪجھ پد حرارت آهي جيڪو شروع ۾ گهڻو وڌيڪ هو ۽ ٿڌو ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي پوڻا ٽي ڊگري ڪيلون آهي، ان منظر ۾ مادي جو ذرو اهو آهي جنھن جو ماس انرجي ان پد جي اوريج سراري موشن انرجي کان گهڻا وڌيڪ هجن ۽ اهڙو پارٽيڪل روشني جي رفتار کان گهڻو گهٽ تي سفر ڪندو، انجي ابتڙ ريڊي ايشن جو ماس ۽ انرجي گهڻو گهٽ هوندي اها روشني جي رفتار جي ويجهو سفر ڪندي
ان منظر ۾ ڏسون تہ پوءِ مادو ڇا آهي ۽ ڇا ناهي جو واسطو پد سان آهي ۽ پوءِ پد حرارت جو واسطو وقت سان آهي، ڪائنات جي شروع ۾ جڏهن پد حرارت کربين ڊگري هو تہ ڪاسمولوجسٽس جي ويجهو اليڪٽران ريڊي ايشن هئي، هاڻ جڏهن تہ هي پد حرارت گهڻي گهٽ آهي تہ هي مادو آهن، ان وقت جي ڪائنات ۾ نيوٽرينو جي ٽن قسمن مان گهٽ ۾ گهٽ ٻہ مادو آهن ۽ شايد ٽهي هجن پر هڪ وقت ۾ هي بہ ريڊ ايشن هيون، فوٽون هميشہ ريڊ ايشن رهيا آهن ۽ رهندا
ڪارو مادو ڇا آهي، تارن جي حرڪت ۽ ڪجھ ٻيا مظاهرن جي عام پارٽيڪلز وضاحت ناهين ڪندا ۽ پارٽيڪلز جي هڪ ٻئي قسم انهن مظاهرن جي وضاحت ڪندي آهي، پر اسان انجي باري ۾ وڌيڪ نٿا ڄاڻون، خيال هي آهي تہ هي ڪنھن فيلڊ جا وزني ذرا آهن جنھن کان اسان اڃان واقف ناهيون
ڪاري توانائي ڇا آهي؟ ڪائناتي پکيڙ جي تيز ٿيندڙ رفتار اسانکي انجو پتو ڏيندي آهي پر هي پاڻ توانائي ناهي، ٽينشن آهي، يعني پريشر ۽ توانائي جي ڊينسٽي جو ملاپ، انکي توانائي ڇو چئبو آهي؟ شايد ان لاءِ جو ڊارڪ ٽينشن چوڻ عجيب لڳي ها، پر جڏهن سائنسدان ان لفظ کي استعمال ڪندا آهن تہ اهوئي ڄاڻيندا آهن تہ هو ڇا چئي رهيا آهن ۽ هي لفظ ايتري پريشاني پيدا ناهي ڪندو، هي بہ فيلڊز جي ملاپ ۽ اسپيس ٽائيم جي خاصيت آهي، اسان گهڻو واقف ناهيون
ڇا اوهانکي خبر آهي تہ جڏهن فلڪيات ۾”ميٽل“ يا”دهات“ جو لفظ استعمال ٿيندو آهي تہ انجو ڇا مطلب آهي؟ اهو ناهي جيڪو اوهان سمجهندا آهيو
#ScienceJeDunya
No comments:
Post a Comment