Pages

Wednesday, 10 June 2020

ڪجھ مريخ بابت

ڪجھ مريخ بابت

خلائي کوجين جي وڏي تعداد مريخ تي اماڻي وئي آهي ۽ اميد آهي تہ جيڪڏهن زمين کان سواءِ زندگي ان سياري تي ممڪن هجي 
زمين کانپوءِ مريخ اهو واحد سيارو آهي جنھن تي انسان سڀ کان وڌيڪ تحقيق ڪئي آهي جڏهن تہ خلائي کوجين جي وڏي تعداد بہ مريخ ڏا اماڻي وئي آهي ڇوجو اسانکي اميد آهي تہ نظام شمسي ۾ جيڪڏهن زمين کانپوءِ ڪٿي زندگي موجود ٿي سگهي ٿي اها انهي سياري تي ممڪن آهي ٻيو نہ جيڪڏهن زندگيءَ نہ بہ هجي پر انسان جو اهو ٻيو گهر تہ لازمي آهي 
سرڪاري ادارن کان سواءِ پرائيويٽ ادارا بہ مريخ تي انساني آبادي ڪاري جا منصوبا بنائڻ شروع ڪيا آهن ايئن لڳي رهيو آهي ايڪويھ صدي جي دوران ئي مريخ تي پهرين انساني ڪالوني وجود ۾ اچي ويندي 

مريخ ڪنھن دريافت ڪيو 
اهو تہ ڪو نٿو ڄاڻي تہ انکي ماضيءَ ۾ ڪنھن دريافت ڪيو ڇوجو اهو هميشہ کان مريخ کي ان ڳاڙهي رنگ جي وجھ سان زميني مٿاڇري تي سولائي سان ڏسجي ۽ سڃاڻپ ڪري پئي سگهجو ان لاءِ قديم زماني ۾ ان جو نالو ”ڳاڙهو تارو“ بہ رکيو ويو جيتوڻيڪ هي هڪ سيارو گرھ آهي 

مريخ تي اوهان پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندا
گهڻو ڪري اهو چيو ويندو آهي تہ زمين ۾ گهڻي مماثلت آهي پر پوءِ بہ مريخ اسانجي سياري زمين کان گهڻو مختلف آهي ۽ ان حوالي سان پهريو فرق مريخ ۽ زمين ۾ ڪميت ۽ انهن جي ڪشش ثقل جي مقابلي ۾ 63 سيڪڙو ڪمزور آهي، يعني جيڪڏهن سطح زمين تي اوھانجو وزن 163 پائونڊ آهي تہ مريخ تي خالي 62 پائونڊ رهجي ويندو 

ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ 
زمين جي مقابلي ۾ مريخ جو موسمي تھ ميدان ايٿموسفيئر پهريان تہ گهڻو هلڪو آهي ۽ ٻيو ان ۾ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جي مقدار بہ 98 سيڪڙو جيتري آهي، واضح رهي تہ زميني موسمي تھ ۾ نائٽروجن سڀ کان وڌيڪ 78 سيڪڙو انکان گهٽ آڪسيجن 21 سيڪڙو ۽ مختلف گيسون گهڻي گهٽ مقدار ۾ شامل هونديون آهن، جن ۾ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ خالي 0.04 سيڪڙو 400 پي پي ايم جي لڳ ڀڳ بڻجندي آهي، ان حوالي سان ڏٺو وڃي تہ اسان اهو چئي سگهون ٿا تہ مريخ جو تقريبن سڄي جو سڄو موسمي تھ خالي هڪئي گيس يعني ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ تي مشتمل آهي

نظام شمسي جو سڀ کان وڏو جبل 
زمين تي مائونٽ ايوريسٽ وڏو جبل آهي پر مريخ تي موجود مئل باھ وارو جبل”اولمپس مونز“ نظام شمسي ۾ هاڻي تائين دريافت ٿيڻ وارو سڀ کان وڏو جبل آهي جنھن جي مٿائي تقريبن 22 ڪلوميٽر ۽ ان جو قطر 600 ڪلوميٽر آهي، زمين جو موازنو ڪيو وڃي تہ معلوم ٿيندو تہ اولمپس مونز جو رقبو مرڪزي فرانس، مين لينڊ فرانس کان بہ وڌيڪ آهي، ڪجھ ماهرن موجب اهو اولمپس مونز اڃان بہ سرگرم ٻرندڙ جبل آهي 

مريخ جو هڪ ڏينهن ۽ هڪ سال 
اها ڳالھ دلچسپي پڙهي ويندي جو زمين تي هڪ پورو ڏينھن 24 ڪلاڪ جي مقابلي ۾ مريخ جو هڪ ڏينهن خالي 40 منٽ وڌيڪ آهي جنھن جو دورانيو 24 ڪلاڪ 40 منٽ آهي، مريخ جو هڪ ڏينهن”سولر ڊي“ بہ چورائبو آهي، پر مريخ جو هڪ سال اسانجي زمين زمين تي گذارڻ واري 687 ڏينهن جيترو وڏو يعني هڪ سال 10 مهينن ۽ 22 ڏينهن جيترو وڏو آهي، جنهن جي وجھ هي آهي تہ سج جي ويجهو مريخ جو مدار، زمين جي مقابلي ۾ گهڻو وڏو آهي، يعني اهو گولڊن پٽي جي آخر ۾ آهي، جنهن جو هڪ چڪر لڳائڻ ۾ مريخ کي هي وقت لڳي ويندو آهي 

زمين کان ويجهو هئڻ
ائين تہ مريخ جو زمين کان پنڌ 7 ڪروڙ 78 لک ڪلوميٽر جي لڳ ڀڳ آهي پر 2003ع ۾ اهو موقعو بہ آيو هو جڏهن مريخ ۽ زمين ۾ فاصلو 60 هزار سال تاريخ ۾ سڀ کان يعني 5 ڪروڙ لک ڪلوميٽر رهجي ويو هو، ناسا جو چوڻ آهي تہ 2,287 سال کانپوءِ مريخ هڪ ڀيرو ٻيهر زمين جي ايترو ويجهو ايندو 

مريخ تي برف، پاڻي واري
زمين جي مقابلي ۾ مريخ گهڻو ئي ٿڌو سيارو آهي جتي رات جي وقت پد زيرو ڊگري کان بہ هيٺ هليو ويندو آهي، پهريان اهو سمجهو ويندو هو تہ مريخ جي قطبين تي نظر اچڻ واريون اڇيون ٽوپيون اصل ۾ ڄميل ڪاربن ڍائي آڪسائيڊ، ڊرائي برف تي مشتمل آهن پر تازي تحقيقن مان پتو لڳو تہ انھن ۾ اهڙي ئي  برف آهي جھڙوڪ زميني قطبين تي پاتي ويندي آهي، هي بہ پتو پيو تہ مريخ تي برفاني بہ جاري رهي چڪي آهي جيڪا اڄ کان خالي 4 لک سال پهريان ختم ٿي، واضح رهي تہ زمين جي ماضي واري برفاني باري جو خاتمو اڄ کان تقريبن 10 هزار سال پهريان ٿيو هو 

زندگيءَ جا اميدوار 
دوربين جي ايجاد کانپوءِ مريخ جي ڳجهائي ختم ٿيڻ  بجائي ويتر وڌندي وئي آهي، ڪڏهن مريخ تي شاخي نظام جو تصور سامهون آيو تہ ڪڏهن وري ڪنهن کي مريخ تي انساني عڪس ڏسڻ ۾ آيا، ڇوجو ڪٿي نہ ڪٿي انسان کي اميد هئي تہ مريخ تي ويجهو ويجهو اسان جهڙي ئي زندگي موجود آهي، پر پوءِ جي تحقيقن مان ثابت ٿيو تہ هن وقت مريخ تي زندگيءَ جو ڪو وجود ناهي، پر گذريل 20 سال جي مشاهدن کان ايترو ضرور اندازو ٿيو آهي تہ شايد ان سياري تي ڪروڙين يا اربن سال پهريان زندگي پنھنجي ڪنھن نہ ڪنهن صورت ۾ موجود رهي هئي، پر اڃان ان خيال جي پڪئي تصديق ٿيڻ باقي آهي 

 مريخ تي پاڻي
ستمبر 2015ع ۾ فلڪياتي ماهرن مريخ تي ڪجھ اهڙا شاهد دريافت ڪيا جن مان اندازو ٿئي ٿو تہ شايد اتي بہ گرمين جي موسم ۾ لوڻياٺ پاڻي وهندو هوندو، پر ٻين گهڻين شين جيان هي دريافت بہ اڃان پڪئي تصديق جي هيٺ آهي 

مريخ تي آبادڪاري 
جيتري قدر ٽيڪنالوجي جو واسطو آهي تہ هن وقت بہ انسان وٽ ايتري طاقت راڪٽ ۽ خلائي جهاز موجود آهن جو ڪجھ مهينن کان وٺي ڪري ڪجھ سال تائين انساني رسائي جي قابل بڻائڻ ۾ خالي هڪ انچ جي قصر باقي آهي، پر سٺي خبر هي آهي تہ ناسا، چين ۽ روس ۽ پرائيويٽ ادارا جهڙوڪ اسپيس ايڪس بہ مريخ تائين جلد کان جلد انسان موڪلڻ جون تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن انھن سڀني ڳالهن کي ڏسندي ماهرن جو چوڻ آهي تہ مريخ تائين انساني پير 2030ع تائين پهچي ويندا ۽ ان ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ 2050ع تائين اتي انساني آبادڪاري بہ ٿي ويندي

#Sciencejedunya #Mars

No comments:

Post a Comment