Pages

Thursday, 16 April 2020

مليريا جي پهرين ويڪسين

مليريا جي پهرين ويڪسين
”امتياز  علي “

مليريا پراڻي بيماري آهي. اسان کي کپي ها تہ اسان ان کي سمجهون ها پر هي هر سال پنج لک ماڻهن جي موت جي وجھ بڻبي آهي ان ۾ گھڻو انگ ٻارن جو آهي . ان سان مرض ٿيڻ جي وجھ اها آهي تہ اڃان تائين ان جي خلاف ڪم ڪندڙ ويڪسين ٺاهڻ مشڪل ثابت ٿيو آهي. مئي 2019ع ۾ صحت جي عالمي اداري اعلان ڪيو تہ آخرڪار مليريا جي ويڪسين ريگوليشن جون رُڪاوٽون پار ڪري منظور ٿي وئي آهي ۽ آفريقا جي ملڪ مالاوي ۾ ڏني پئي وڃي. پروگرام ۾ شامل ٿيڻ وارو ٻيو ملڪ هو ۽ سيپٽمبر 2019ع ۾ ڪينيا ۾ انجي شروعات ڪئي وئي، ان پائلٽ پروگرام ۾ هي ٻن سالن کان گهٽ عمر جي  ٻارن کي ڏني ويندي ۽ اها هڪ سال ۾ انهن ٽن ملڪن جا ساڍا ٽي لک ٻار ان پروگرام جو حصو هوندا. مليريا جو راتو رات خاتمو تہ نٿا ڪري سگهون پر جيڪڏهن هي سڀ ڪجھ ٺيڪ هلندو رهيو تہ  مليريا جي خلاف جنگ ۾ اها ويڪسين هڪ اهم هٿيار هوندو.

مليريا جي خلاف ويڪسين جي تياري جون ڪوششون ڪيون پئي ويون پر انهن کان پهريان ڪو بہ انهي مرحلي تائين پهچي نہ سگهيو. RTS,S نالي ان ويڪسين کي تيار ڪرڻ ۾ 30 سالن کان وڌيڪ وقت لڳو آهي. ان جا جانورن تي تجربا، انسانن ۾ حفاظت ۽ اثرائتو رهڻ جا تجربا ۽ سڀني مرحلن کان گذارڻ کانپوءِ اهو ممڪن ٿيو تہ ان کي پائلٽ ڪرڻ جو وڏو فيصلو ڪري سگهجي.

هي ويڪسين گھڻي ڀاڳي ڪمال جي تہ ناهي.  ڪيلنيڪل ٽرائل ٻُڌائين ٿا تہ هي چاليھ سيڪڙو اثر رکندي آهي. ( خسري جي ويڪسين هڪ ڊوز کانپوءِ %93 سيڪڙو فيصلو جڏهن تہ ٻن ڊوزن کانپوءِ %97 سيڪڙو اثرائتو آهي). اثرائتو ٿيڻ جو هي گهٽ عدد جڏهن پهريون ڀيرو پڌرو  ٿيو تہ ڪيترن سائنسدانن جي لاءِ حيران ڪندڙ هو. ۽ ان ويڪسين جو مسئلو صرف هي عدد ناهي. چاليھ سيڪڙو تائين پهچڻ جي لاءِ ٻارن کي ٽي ڊوز ۽ هڪ بوسٽر جي ضرورت آهي. جنهن جو مطلب هي آهي تہ اهو يقيني بڻائڻ تہ ٻار ان ڪورس کي مڪمل ڪري سگهن، ايترو سولو ناهي. ۽ هي انهن ٻارن تي سڀ کان سُٺو ڪم ڪندو آهي جنهن جي عمر پنج مهينن کان 17 مهينن جي ويجھو هجي.

پر صحت جي ماهرن ان مان وڏي اميد رکن ٿا تہ هي ڏھ هزار ٻارن جون زندگيون بچائي وٺندي. ۽ حقيقت اها آهي تہ ان کان بهتر هٿيار اسان وٽ آهي ئي ڪون. ڇو تہ مليريا جي ويڪسين ٺاهڻ گهڻو مشڪل ڪم آهي ۽ ان جي پڻ وجھ آهي.

پهريان هي تہ مليريا جي ويڪسين تي تحقيق فارمسيوٽيڪل ادارن جي لاءِ پرڪشش ناهي. هي بيماري دنيا جي غريب علائقن ۾ وڌيڪ آهي. هي اڻ وڻندڙ حقيقت آهي. جن ملڪن ۾ هي وڏو مسئلو آهي، اتي ادارا اها صلاحيت ۽ وسيلا نٿا رکن تہ هي ڪم پاڻ ڪري سگهن ۽ فنڊنگ جي لاءِ عالمي ادارن تي آسرو ڪرڻو پوندو آهي.

ٻيو هي تہ جنن ان تي وقت ۽ وسيلا لڳايا آهن، انهن کي هڪ کانپوءِ ٻين رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

مليريا سڄي عمر جي لاءِ اميونٽي ناهي ڏيندو. يعني اوهان کي مليريا ٿي وڃي تہ سڄي عمر ان کان محفوظ نہ ٿي ويندا. اهڙين بيمارين جي ويڪسين ٺاهڻ سولو نہ آهي. ڇو تہ ويڪسين جو بنيادي اصول هي آهي تہ اها ڪنهن شخص جي مدافعتي نظام کي بيمار ڪرڻ کان سواءِ متحرڪ ڪندي آهي تہ جيئن سڄي عمر ان بيماري کان محفوظ رهي سگهن. گهڻو ڪري ويڪسين بيماري جي گهٽ ۽ بہ اثر ڊوز ڏيندي آهي. مدافعتي نظام ان کي سُڃاڻي وٺندو آهي ۽ ان جي خلاف اينٽي باڊيز ٺاهي ڇڏيندو آهي. اينٽي باڊيز واءِ جي شڪل جي پروٽين آهي جيڪا شين سان گڏ سختي سان چنبڙي ويندي آهي ۽ مدافعتي نظام انهن کي تباھ ڪرڻ جو اشارو ڪندو آهي. جيڪڏهن جسم ڪنهن خاص پيٿوجن جي خلاف اينٽي باڊيز هجن تہ اچڻ واري انفيڪشن جي خلاف ان کي استعمال ڪري سگهجي ٿو.

پر مليريا جي خلاف هي دفاعي ۽ ڪارآمد ناهي رهندو. ان جي هڪ وجھ هي آهي تہ ڪنهن وائرس يا بيڪٽيريا سان ناهي ٿيندو. هي پلازموڊيم جينس جي ڪجھ قسمن جو ڪم آهي. هڪ گهرڙي جاندار هڪ عام پيٿوجن جي مقابلي ۾ الهاءِ گهڻا ڳجھا آهن. ۽ نہ صرف مليريا گهڻئي قسمن جو ڪم آهي بلڪي هڪ قسم جي پنهنجي اندر گهڻئي طرهن جا فينوٽائپ آهن. ۽ هر فرد ۾ هئڻ وارو مليريا جو سبب ٺهڻ وارو پيٿوجن جي شڪل مختلف ٿي سگهي ٿي، جنهن جي وجھ سان مدافعتي نظام جي لاءِ ان جي سڃاڻپ ٺيڪ طريقي سان ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي.

انهن جي زندگي جو سفر ڳجهو آهي جيڪو انساني جسم جي مختلف عضون ۽ مڇر جي جسم ۾ مڪمل هوندو آهي. انسانن کي ان جو انفيڪشن ان وقت ٿيندو آهي جڏهن اهڙو مڇر ان کي چڪ هڻي جنهن ۾ پلازموڊيم آهي. پوءِ هي جگر ۾ وڃي ڪري ڪجھ دير لاءِ گهر ٺاهيندا آهن. هتي وڌندا آهن ۽ پنهنجي تعداد ۾ اضافو ڪندا آهن. هي هفتن کان سالن تائين بہ خاموش رهي سگهن ٿا ۽ پوءِ پنهنجو منھن رت جي ڳاڙهين خلين ڏا ڪندا آهن. اتان انهن جي وڌڻ جو طريقو مختلف هوندو آهي ۽ ان عمل جي دوران هي ان خلين کي ماري ڇڏيندو آهي.

مليريا جي اها اسٽيج آهي جڏهن علامتن جي ظاهري ٿيندي آهي ۽ هي ماري بہ سگهي ٿو. هر اسٽيج تي پلازموڊيم جي شڪل مختلف هوندي آهي ۽ ڪا هڪ اينٽي باڊي ناهي جو سڀني سان گڏ چنبڙي وڃي.

هي فيصلو ڪرڻ تہ مدافعتي نظام کي ان مان ڪهڙي اسٽيج جي تربيت ڪرائي وڃي، سولو ناهي. اها ئي وجھ آهي تہ مليريا جي ويڪسين هڪ وڏو چيلينج آهي ۽ اها ئي وجھ آهي تہ RTS,S ايتري حوصلو ڏيندڙ خبر آهي.

هي بيماري پيدا ڪرڻ واري ان قسم خلاف بچائيندي آهي جيڪا سڀ کان گهڻي خطرناڪ آهي. ۽ ائين ڪرڻ جي لاءِ هڪ پروٽين جي خلاف اينٽي باڊي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي جيڪا سي ايس پروٽين آهي. پلازموڊيم هي پروٽين مليريا جي پهرين اسٽيج جي وقت نيڪال ڪندا آهن جڏهن هي جگر جي اندر هوندا آهن ۽ هي پروٽين ان جگر جي خلين ۾ پهچڻ ۾ مدد ڪنديون آهن. هي صرف چاليھ سيڪڙو اثرائتو ان ڪري آهي تہ اها پروٽين جي هڪ خاص قسم کي ٽارگيٽ ڪري سگهي ٿي. جيڪا پيراسائٽ هي استعمال ناهن ڪندا، ان جي خلاف وڌيڪ اثرائتي ناهي.

بيماري جي ان اسٽيج کي ٽارگيٽ ڪرڻ جو مطلب هي آهي تہ هي پيراسائٽ جگر ۾ رهندڙ ناهن، ٿي سگهندا. پوءِ رت ۾ ناهن وڃي سگهندا ۽ مليريا جي بيماري ناهن ڪري سگهندا.

گهڻن ئي سائنسدانن جو خيال آهي تہ ٽارگيٽ ڪرڻ جي لاءِ بهترين پروٽين ناهي. اهي ماڻهو جنن ۾ وري وري مليريا ٿي وڃڻ جي سبب ان جي خلاف اميونٽي پيدا ٿي ويندي آهي، انهن جو مدافعتي نظام ان پروٽين تي حملو ناهي ڪندو. جيڪڏهن اهو صحيح آهي تہ ان جو مطلب هي آهي تہ ڪنهن ڏينهن ان ويڪسين سان گڏ واڌاري ويڪسين تيار ٿيڻ جو امڪان آهي. ٻنهين کي الڳ الڳ ڏيڻ سان ان بيماري جي خلاف تمام سٺي طريقي سان بچاءُ ڪري سگهبو.

پر اڃان ڊاڪٽر اهو استعمال ڪري رهيا آهن جيڪو موجود  آهي. هن وقت مليريا تقريبن هر ٻن منٽن کانپوءِ هڪ ٻار جي موت جو سبب بڻجندو آهي. ۽ هي خوفناڪ لڳڻ وارو عدد پهريان کان وڌيڪ بهتر آهي. الهائي زندگيون حفاظتي قدم جيئن تہ مڇرن کي پري رکڻ وارين شين، مڇرداني ۽ مڇرن جي موسم ۾ ڪيڙا مار دوائن جي استعمال کان بچايون پيون وڃن. ان بيماري جي خلاف هڪ ٻيو هٿيار، ٿي سگهي ٿو الهائي وڌيڪ اثرائتو نہ بہ هجي، گھڻو وڏو فرق وجهي سگهي ٿو.

جيڪڏهن مالاوي، ڪينيا ۽ گهانا ۾ فوتگيون روڪڻ ۾ مدد ٿي تہ مليريا ويڪسين گهڻن ملڪن جي هيلٿ پروگرامز جو مستقل حصو بڻجي سگهي ٿو. ۽ ان جي ڪارآمد هئڻ جا سبب ان کي ايتري فنڊنگ ملي سگهي ٿي تہ تحقيق جي رفتار تيز ڪري سگهجي. ان ٽن ملڪن ۾ پائلٽ پروگرام جي بنياد پورائي 2023 ۾ ٿي سگھي ٿي 

جڏهن تہ هي ويڪسين هر مسئلي جو حل ناهي پر هڪ پير خطرناڪ بيماري جي خلاف هڪ اهم وٿي آهي.

No comments:

Post a Comment