Pages

Monday, 30 March 2020

ڪورونا وائيرس، افواهون ۽ ذهني صحت

ڪورونا وائيرس، افواهون ۽ ذهني صحت
”دريا خان“

ڪورونا وائيرس جيتوڻيڪ گنڀير وائيرس آهي، جتي انکان هوشيار ۽ حفاظت ڪرڻ جي
ضرورت آهي، پر ان باري ۾ معلومات جي ڏي وٺ، خطرا ۽ غلط افواهون ڪجھ صحيح تہ ڪجھ وري غلط، هر هر پڙهڻ سان ذهني مونجھ جو سبب بڻجي رهي آهي، جيڪو هڪ وڏو گنڀير خطرناڪ ۽ اهم مسئلو بڻجي سگھجي ٿو، انجو حل انکي نظر انداز ڪرڻ يا لاپرواهي ڪرڻ بلڪل ناهي، پر لاپرواهي ۽ وڌيڪ ري ايڪشن جي وچ بہ رستو آهي، جنھن طرح ڪورونا وائيرس کان هوشيار رهڻ جا ڪجھ ٽپس آهن، ائين ئي ذهن کي انجي طيش کان بچائڻ جو بہ 
خبرن لاءِ ڪنھن ھڪ سٺي چينل جي چونڊ ڪجي جنھن سان ٿوري گھڻي خبر پوندي رهي پر انجو اهو مطلب ناهي تہ اوهان سڄو ڏينهن ڪورونا بابت خبرون ڏسي ڪري وڌيڪ پريشاني ۾ هليا وڃو، ڏينھن ۾ هڪ يا ٻہ ڀيرا ڪجھ منٽن لاءِ خبرون ٻڌجن پر هر هر بلڪل بہ نہ، جيئن تہ ھي ھڪ وبائي بيماري آهي نڪي ڪو خطرناڪ طوفان جنھن کان باخبر رهجي انڪري جيترو ٿي سگھجي، خبرون ٻڌڻ کان پاڻ کي پري رکو،
شوشل ميڊيا کان پاسو ڪريو، جيئن تہ سڄي خلق هاڻ فيسبوڪ، ٽوئيٽر، يوٽيوب، بلاگرز، ۽ ويب سائيٽس تي اچي وئي آهي، جتي ٿوري ٿوري دير کانپوءِ اوهانکي ڪورونا بابت اپڊيٽ ڏسڻ لاءِ ملندي، انکان پاسو ڪريو، جيڪي ذهني صحت لاءِ نقصانڪار ۽ پريشان ڪندڙ غير سائينسي ۽ افواهون ماڻھون پکيڙي رهيا آهن، جيڪي بنا ڪنھن تصديق يا مطالعي جي هجن ٿيون، انکان پاسو ڪريو ۽ پاڻ کي بہ اهڙيون خبرون اڳتي وڌائڻ کان پھريان ريسرچ لازمي ڪريو 
پنھنجي زندگي جي بنيادي ضرورتن تي غور ڪريو، ۽ انٽرنيٽ تان ڪجھ سکڻ جي ڪوشش ڪريو، ۽ گهر وارن سان خوشگوار رهڻ جي ڪوشش ڪريو، پوري ننڊ ۽ ورزش ڪريو، صحتمند خوراڪ واپرايو، گڏوگڏ احتياطي تدابيرون بہ اپنايو، غير ضروري تبصرن کان پرهيز ڪريو ۽ ڪنھن سان غلط معلومات ونڊڻ کان پاسو ڪريو


Sunday, 29 March 2020

ويڪسين ڇا آهي ۽ اها ڪيئن ڪم ڪندي آهي!!؟

ويڪسين ڇا آهي ۽ اها ڪيئن ڪم ڪندي آهي!!؟

”امتياز علي“

ڇا ويڪسين صرف وائرس جي خلاف مزاحمت پيدا ڪندي آهي، صرف بيڪٽيريا جي خلاف، يا ٻنهين جي خلاف؟ ويڪسين کي بيماري کان پهريان ڏنو ويندو آهي، يا بيمار ٿيڻ کانپوءِ، ۽ ان کي بيماري کان پهريان يا بيماري کانپوءِ ڏيڻ جا ڪهڙا نتيجا سامهون ايندا آهن؟

لفظ (Vaccine) بنيادي طور تي بيماري سان جڙيل آهي. سائنسي اصطلاح ۾ جسم جا بنيادي افعال ۾ گڙبڙ ٿيڻ يعني (Abnormality) بيماري آهي.
هي گڙبڙ ننڍي پيماني کان وٺي وڏي پيماني تائين ٿي سگهي ٿي ۽ انهي لحاظ کان هن جي اسان جي جسم تي اثرات ٿيندا آهن. (Robert Koch) پنهنجي (Germ theory) ۾ ٻڌايو آهي تہ جڏهن بہ ڪنهن فرد کي ڪا بيماري ٿيندي آهي تہ ان سان جڙيل ڪو نہ ڪو خوردبينيءَ جاندار اسان کي ان جي جسم ۾ ضرور ملندو آهي. ۽ ان ڳالھ تي پڪئي تصديق ثابت ڪرڻ جي لاءِ آيا، اهو جاندار هي مذڪور بيماري جي وجھ آهي اسان هن جاندار کي جسم کان الڳ ڪري (Grow) اڀاري سگهون ٿا، ۽ ڪنهن صحتمند فرد ۾ هن کي وجهڻ جي صورت ۾ جيڪدهن ڄاڻايل بيماري جون علامتون ٻيهر ظاهر ٿين ٿيون تہ اسان ان نتيجي تہ پهچندا آهيو تہ ڄاڻايل خوردبينيءَ جاندار ئي ڄاڻايل بيماري جي وجھ آهي.

بيماري ڇا آهي؟ ان جي وجھ ڇا آهي؟ اهڙن بنيادي سوالن جا ڪجھ جواب ڄاڻڻ کانپوءِ اسان پنهنجي اڳئين ۽ بنيادي سوال وٽ هلون ٿا تہ بيماري کي ختم ڪيئن ڪجي؟ هن جا ٻہ طريقا ٿي سگهن ٿا.  پهريون علاج ۽ ٻيو احتياط يعني (Prevention) آهي. تقريبن علاج ڪرڻ وقت ڪنهن بہ طبيب جي نظر ۾  وابستگي خوردبينيءَ جاندار کي جان سان مارڻ هوندو آهي تہ جيئن هن خوردبينيءَ جاندارن جي جسم مان خارج ٿيڻ واري جنهن رطوبتين (Secretions) جسم جي عمومي افعال (Normal Physiological Functions) ۾ داخل اندازي جو سبب بڻجي رهيون آهن، ان کان جان ڇڏائي سگهجي، ان کانپوءِ احتياط هوندو آهي. 
هو چوندا آهن نہ تہ احتياط علاج بهتر آهي. هن احتياط ۾ طبيب اهڙي صحتمند ماڻهو جنهن کي بيماري هجڻ جو شڪ هوندو آهي انهن جي مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائڻ تي ڪم ڪندا آهن. هن کي (Immunization) چيو ويندو آهي. ۽ ٻين طريقن تي عمل پيرا ڪري جسم جي حفاظتي نظام کي خوردبينيءَ جراثيمن سان گڏ بهتر اندازي سان وڙهڻ جي اهليت ڏني ويندي آهي، اها (Vaccination) چورائيندي آهي. ان کي بهتر طريقي سان سمجهڻ جي لاءِ ضروري آهي تہ اسانجي جسم جو مدافعتي نظام ڪهڙي ريت ڪم ڪندو آهي هن کي ڄاڻي وٺون ٿا. 
اسان جي رت ۾ هر وقت ڪجھ هزار نہ بلڪي لکين خليا (Cell) اهڙا موجود هوندا آهن جيڪي جسم ۾ اچڻ واري ڪنهن بہ سڄي (Protein) کي ڳهي ڇڏيندا آهن. هر خوردبينيءَ جراثيمن جي سڃاڻپ ان جي سطح تي موجود (Surface Proteins) سان هوندي آهي. هن (Proteins) جو اصطلاحي نالو (Antigens) آهي جنهن جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ رت جا اڇا خليا (White Blood Cells) فورن (Antibodies) جو نيڪال ڪندا آهن. ۽ هي ائين ئي خوردبينيءَ جراثيم پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهندا آهن. پر ان خوردبينيءَ جراثيمن ۾ ان ڀاڳي فرق (Variety) ڳولهي ويندي آهي ۽ ان ۾ ڌوڪو ڏهيءَ جي صلاحيت بہ کنهڻ گھڻي هوندي آهي. اصل ۾ اسان ڪندا هيئن آهيون تہ (Bacteria ۽ Viruses) کي نيم مئل حالت ۾ رت جي اندر (Inject) ڪندا آهن. اهي ئي نيم مئل خوردبينيءَ جاندار هي بنيادي طور تي (Vaccine) چئوراندي آهي. ۽ اهڙي طرح اسان جو رت انهن جراثيمن جي اڳيان (Expose) ٿي ويندو آهي ۽ ان کي معلوم ٿي ويندو آهي ته هي دشمن (Proteins) آهن اصل ۾ هو ان جي خلاف مخصوص (Antibodies) ٺاهڻ جي صلاحيت حاصل ڪري وٺندو آهي. هاڻ جيئن هي ( Viruses ۽ Bacteria) نيم مئل حالت ۾ هوندا آهن ۽ انهن کي آساني سان ڳهي (Phagocytose) سگهجي ٿو. 

هي بلڪل ائين ئي آهن جيئن طالب علم (Past Papers) جو سهارو وٺندا آهن. جيڪڏهن انهن کي معلوم ئي نہ هجي تہ پيپرن ۾ ڪهڙي پِيٽرن جي تحت سوال اچڻا آهن تہ هو امتحان جا روز بهتر پرفارم نہ ڪري سگهندا. هي ويڪسين بہ بلڪل ائين ئي آهي جنهن ۾ اسان جي فوجين کي دشمن سان شناسائي ڪرائي ويندي آهي تہ جيئن ميدان جنگ ۾ دوست ۽ دشمن ۾ فرق ڄاڻي وٺن.
حاصل مقصد 
ڪنهن به فرد کي (Vaccine) بيماري جا پيش، خطرن سبب بيماري کان پهريان ڏني ويندي آهي. بيماري ٿي وڃڻ کانپوءِ (Vaccine) ڏيڻ ائين ئي آهي جيئن ڪنهن قلعي تي دشمن فوج پهريان ئي قابض ٿي چڪي هجي ۽ هاڻ دشمن فوج جي لاءِ لولن لنگڙن سپاهين کي اتي موڪليو وڃي تہ قلعي جا اصل مالڪ ان کي ماري شايد دشمن فوج جا راز ڄاڻي ۽ مٿائون ٿي وڃي.
گھڻو ڪري (Vaccines کي Bacteria ۽ Viruses) ٻنهين جي خلاف مزاحمت پيدا ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. پر (Viruse) ۾ (Mutate) هئڻ جي صلاحيت ايتري قدر وڌيڪ آهي تہ هر نئين حملي ۾ هي اهڙي خاصيت سان گڏ ايندا آهن جنهن سان هي اسان جي (Security)  نظام جي اکين ۾ مٽي وجھي سگھن. اها ئي وجھ آهي تہ (AIDS) جي (Vaccine) تيار ناهي ڪئي وئي.
واضح رهي تہ (Antibiotics) جو استعمال بيماري جي علاج جي وقت ڪيو ويندو آهي. جڏهن تہ ويڪسين خیال آڌرڀاءُ جي طور تي ڏني ويندي آهي. وڌيڪ هي هيئن آهي تہ (Antibiotics ۾ Bacteria) سان وڙهڻ جي خاصيت هوندي آهي. هي (Viruses) جو ڪجھ نٿيون بگاڙي سگهن.

Friday, 27 March 2020

ڪورونا وائيرس بابت جعلي هٿرادو طبي مشورن کان پاس ڪريو

ڪورونا وائيرس بابت جعلي هٿرادو طبي مشورن کان پاس ڪريو

هن وقت شوشل ميڊيا تہ اوهانکي جعلي هٿ ٺوڪيا، غير سائينسي طبي مشورن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪي اوهانجي زندگي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگھن ٿا، جيڪڏهن ڪٿي نظر پئي بہ وڃي تہ انکي رپورٽ ڪري ڇڏيو، اوهان ڏٺو هوندو تہ ڪجھ ماڻھن پاران ادرڪ، ٿوم، بسر وغيرھ کائڻ جو چيو ويندو، اها حقيقت آهي تہ ادرڪ صحت ڏيندڙ غذا آهي، پر انجو ڪو سائينسي ثبوت نہ آهي تہ، انکي کائڻ سان ڪورونا وائيرس کان بچي سگھجي ٿو، ايم ايم ايس جنھن بابت دعوي ڪئي پئي وڃي تہ اها ڪورونا وائيرس جو مڪمل خاتمو ڪري ڇڏيندي آهي، پر عالمي اداري (FDA فوڊ ۽ ڊرگ ايڊمنسٽريشن) موجب انکي پيئڻ سان ابتَو صحت جي لاءِ خطرا وڌي سگھن ٿا، ان بابت ڪا بہ تحقيق اهو نٿي چئي تہ اها ڪنھن بيماري ۾ مددگار ثابت ٿي سگھجي ٿي. آئن لائن طريقن سان گھرن ۾ ٺاهيا ويندڙ هٿرادو جراثيم مار مڪسچر، جن ۾ ھينڊ سينيٽازر بہ شامل آهن، ماهرن موجب انھن ميلاپن مان شامل ڪيل شين، جو ريشو ”ڊرگ اينڊ ڪنٽرول پيماني موجب نٿو هجي، انڪري اهو انساني چمڙي کي ڪينسر جهڙا مرض ڏئي سگھن ٿا، اهڙن غير سائينسي طبي مشورن کان پاسو ڪريو ۽ پاڻ لاءِ وڌيڪ خطرا پيدا نہ ڪريو
#ScienceJeDunya

Wednesday, 25 March 2020

شمسي پٽي Solar pannel جي روشني مان ڌار Current ڪيئن پيدا ٿيندو آهي؟!

شمسي پٽي Solar pannel جي روشني مان ڌار Current ڪيئن پيدا ٿيندو آهي؟!

”امتياز علي“

حصو پھريون

 شمسي پٽي Solar pannel تي ڳالهائڻ کان پھرين اسان غور ڪنداسين تہ ڌار Curent ڇا آهي؟
جڏهن بہ ڪنھن پسري Conductor مان اليڪٽرانن جو گُذر ٿيندو آهي تہ اسان ان کي ڪرنٽ يا ڌار يا برقي رو چوندا آهيون.
ڌار Current گذرڻ جي لحاظ کان شين کي ٽن درجن ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي.

1- سٺي درجن جي پسرن ۾  ٽامو - جست ۽ لوھ اچي وڃن ٿا.
2- وچولي درجي جي پسرن ۾ سيليڪون اچي وڃي ٿي.
3- بيڪار درجي جي پسرن ۾ لڪڻ، مٽي ۽ پٿر وغيرھ اچي وڃن ٿا.

شمسي پٽي جي ڪم کي سمجهڻ لاءِ اسان کي وچولي درجي جي پسرن Conductors جي ضرورت پوندي جنهن جو اهم جز سليڪا (ريت) يا سليڪا مان ٺھيل شيون آهن مثال ٻرو Diode، تختي چپون Chips boards، جيڏ Rem، ڪمرو Room وغيره.
شمسي پٽي جي ڪم کي سمجهڻ لاءِ هڪ ننڍڙي ٻرو Diode جي مدد وٺبي آهي. ٻرو Diode ۾ ٻہ حصا هوندا آهن. هن جو هڪ حصو پنهنجي اندر واڌڳ چارج رکندو آهي جڏهن تہ ٻيو حصو ڪاٽو چارج رکندو آهي هن جي وضاحت هيئن آھي تہ ٻري Diode جي ٻنهي حصن بنيادي مواد  سليڪا آهي. جيئن تہ پگهريل سليڪا جي جنھن حصي ۾ بورن کي ملايو ويندو آهي اهو واڌو حصو بڻجي ويندو آهي ۽ جنهن حصي ۾ سفورو Phosphorus کي ملايو ويندو آهي اهو حصو ڪاٽو بڻجي ويندو آهي. ڪاٽو حصي ۾ الڪيٽرانن جي گهڻائي کي جمع ڪرڻ لاءِ انتھائي ننڍڙا  (Tinny) سوراخ هوندا آهن.
جڏهن ٻري جي ان واڌو ۽ ڪاٽو حصن کي جوڙيو ويندو آهي تہ هڪ برقي عمل جنم وٺندو آهي.

ڪائنات ۾ زمين جو وجود

ڪائنات ۾ زمين جو وجود
”رياض احمد بروهي“

ڪائنات ۾ زمين جي اھميت اڄ کان تقريبا 400 سئو سال پھريان دوربين جي ايجاد سان ٿي، خاص ڪري گذريل صدي ۾ ان بابت اسان جو فھم ڪافي حد تائين وڌيو آھي،
شروع ۾ انسان زمين کي ڪائنات جو مرڪز سمجھندو آيو .۽ ان ۾ موجود اھي تارا جيڪي عام اک سان ڏسڻ جي قابل ھئا اھي سڀ ڪائنات جو حصو تسليم ڪيا ويندا ھئا سترھين صدي ڌاري سر ويليم ھرشل ھڪ نظريو پيش ڪيو، جنھن ۾ سج کي ڪائنات جو مرڪز قرار ڏنو ويو. پر ان وقت ھن نظرئي تي ڪافي تنقيد ٿي، پر بعد ھن نظرئي کي تسليم ڪيو ويو  ۽ بعد ۾ ويليم ھرشل ۽ ٻين سائنسدانن ھن ڳالھ جي ثابتي ڏني تہ سج ڪائنات جو نہ بلڪ نظام شمسي جو مرڪز آھي ”سج مرڪز“ وارو نظريو ھرشل کان اڳ "نڪولس ڪوپرنيڪس" پيش ڪيو ھو پر اهو دور مذهبي عروج تي هئڻ سبب ان وقت جي عالمن ان ڳالھ کي مڃڻ کان انڪار ڪيو  ۽ مذهبي عالمن ان کي قدرت جي خلاف ورضين جي الزام ھيٺ  موت جي سزا ڏني وئي. 

ان کان علاوه ھرٽزپرنگ رسل ،اينيجنپ ڪينن ۽ سسلئا پين وڌيڪ تارن جي ڪلاسيفيڪيشن ڪئي  ۽ مختلف بنيادن تي تارن  کي ورھايو ويو ۽ ان وقت ڪائنات جي حد صرف انھن تارن تائين تسليم ڪئي ويندي ھئي 
ويھين صدي جي شروعات ۾ (ايڏون ھبل) نالي فلڪياتدان پنھنجن ڪيل مشاھدن ۾ ٻڌايو تہ ڪائنات ۾ وڏي مفاصلي تي ستارن جا ميڙ موجود آھن، ۽ اھي عربين ستارن تي مشتمل آھن. ھن وڌيڪ ٻڌايو تہ انھن جھرمٽن جو تعداد تمام وڌيڪ آھي، ۽ ھڪٻئي کان وڏي مفاصلي، وٿي تي موجود آھن،
۽ اھڙي طريقي سان ڪائنات جي اصل حقيقت انسان ذات جي سامھون آئي
جيئن اجڪلھ اھا ڳالھ واضع ٿي چڪي آھي تہ ڪائنات جو ڪوبہ مرڪز ۽ سرحد نہ آھي. انڪري اھڙو ڪوبہ نقطو ھن ڪائنات ۾ نہ آھي جنھن جي نسبت سان اسان زمين جي جائي موجودگي بيان ڪري سگھون، پر  مشاهدي هيٺ ڪائنات ان حدن تائين مشتمل آھي جيڪا  مشاھدين جي زير نظر آھي ،ان ڳالھ کي نظر ۾ رکندي زمين کي ڪائنات جو مرڪز تصور ڪري سگهجي ٿو پر اج تائين اھا ڳالھ بہ واضع ناهي ٿي سگهي آهي تہ آيا ڪائنات محدود آهي يا لامحدود ڪجھ اهڙا بہ مفروضا موجود آهن جيڪي اسان جي ڪائنات کي گھڻين ڪائناتن مان هڪ ڪائنات جهڙي هڪ مثال آهي  پر اڄ تائين گھڻين ڪائناتن واري مفروضن تي ڪوبہ واضع مشاهدن سان لاڳاپيل جواب ناهي ڏئي سگهيو
#Universe #Earth #ScienceJeDunya

ناول ڪورونا وائرس ڪووڊ 19

ناول ڪورونا وائرس ڪووڊ 19،  Novel corona virus covid-19 

”رياض احمد بروهي“

ڪووڊ 19 جنهن جو تعلق ڪورونا وائرس فيملي سان آهي ،جنهن جي شروعات چائنا جي شهر ووهان مان ٿي ،جديد ڪورونا وائرس ساھ کڻڻ جي سرشتي Respiratory system کي بري طرح سان متاثر ڪندو آهي، جنهن سان گڏ متاثر شخص کي بخار سان گڏ خشڪ کنگھ ۽ ساھ کڻن ۾ ڏکائي پيش ايندي آهي ۽ آخر ۾ نمونيا جي شڪل اختيار ڪري ويندي، هن مرض جون علامتون متاثر مريض ۾ سراسري  14 ڏينهن ۾ ظاهر ٿينديون آهن، جنهن  ۾ خشڪ کنگھ ،بخار ،ساھ ۾ تڪليف ۽ بک جو نہ لڳڻ شامل آهي ۽ بروقت علاج نہ ٿيڻ سان متاثر فرد جي حالت  ڳڻتي جوڳي ٿي سگهجي ٿي،

ڪووڊ 19 جو ڦهلاو ڪيئن ٿيندو آهي؟

ڪووڊ 19 جو ڦهلاو يا پکيڙ هڪ ماڻهو کان ٻئي ماڻهون ۾ ٿيندي آهي، جنهن وقت ڪو متاثر فرد کنگهدو يا نڇندو يا ساھ کڻندو  تہ ان وقت اها با آساني پکڙجي سگهي ٿي، ڇو تہ ان وقت ساھ واري نالي يا وات مان هوا\ پاڻي جي ذرڙن سان گڏ وائرس بہ ماحول ۾ پکڙجي ويندو آهي ۽ ان وقت  جيڪڏهن ڪو راهگير اتان کان لنگهندو ۽ ساھ کڻندو تہ ان ۾ وائرس وڃي سگھي ٿو، يا جنهن وقت ڪو  فرد  ڪنهن ٻئي فرد سان طبعي رابطو physical contect رکندو تہ ان وقت بہ ان ماڻهون ۾ وائرس وڃي سگھي ٿو، ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي هن کي عالمي وبا جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ هن وقت دنيا جي 192 ملڪن ۾ ڦهلجي وئي آهي   

ڪووڊ 19 جو ڦهلاء انسانن ۾ ڪڏهن ٿيو؟

ڪووڊ 19 جي سڃاڻپ ڊسمبر 2019 چين جي شهر ووهان مان ٿي، پر هن وقت تائين ماهرن کي ڪوبہ پختو ثبوت نہ مليو آهي تہ هن جي شروعات ڇا مان ٿي ، ڪجھ ماهرن جو خيال آهي تہ هي وبا چائنا جي شهر ووهان ۾ سامونڊي کاڌن جي منڊي sea food market  مان شروع ٿي ،هڪ آرٽيڪل موجب ڪووڊ 19 جو پهريون ڪيس 1 ڊسمبر تي سامهون آيو ۽ وڏي تيزي سان ڦهلجڻ لڳو
،
ڪووڊ 19 جي سڃاڻپ ڪيئن ٿيندي آهي ؟

نئي ڪورونا وائرس يا ڪووڊ 19 جي سڃاڻپ ڪرڻ ٿوري مشڪل آهي ڇو تہ هن جو نشانيون عام نزلي ۽ زڪام سان ملندڙ جلندڙ آهن، ۽ صرف ليبارٽري ٽيسٽ جي وسيلي، هن جي سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي،

ڇا هن  مرض جو علاج ممڪن آهي ؟

هن وقت ڪووڊ 19 جو ڪوبہ  خاص، علاج نہ آهي، پر گھڻي حد تائين متاثر مريضن کي ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو جيڪڏهن  ان علامتن جي سڃاڻپ جلد ٿي سگهي يا،جيڪڏهن متاثر مريض اڳ ۾ صحتياب هجڻ ڪري طاقتور قوت مدافعت جو مالڪ آهي ،

چا هن وبا جي ڪري ڪنهن مريض جو موت ٿي سگهي ٿو ؟

جي ها ، جيڪر ڪو متاثر وقت بروقت احتياط ۽ علاج نہ ٿو ڪري تہ اهو ماڻهون موت جو شڪار ٿي سگهي ٿو ،صحت جي عالمي اداري موجب هن مرض جي ڪري 3 کان 4. سيڪڙو ماڻهو موت جو شڪار ٿي سگهن ٿا جڏهن تہ 97 کان 96 سيڪڙو متاثر صحتياب ٿي سگهن ٿا ، هن وقت دنيا ۾ 14000 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن ،۽ هڪ لک کان وڌيڪ صحتياب ٿي چڪا آهن 
۽ ٽوٽل مريضن جو انگ 350000 کان وڌيڪ آهي ،۽ وڏي تيزي سان انگ وڌي رهيو آهي ،

ڇا هي وبا سارس SARS وبا وانگر آهي؟

سارس  SARS (sever  acute raspiratory  syndrome) جو مفهوم آهي ۽ هي ڪووڊ 19 سان ملندڙ جلندڙ آهي، پر هن جي ڦهلجڻ جي رفتار ڪووڊ 19 کان گهٽ آهي اها وبا يعني سارس جي  شروعات بہ چائنا ۾ 2003 ۾ ٿي ۽ 2004 جي ختم ٿيڻ وقت  مختلف  ملڪن ۾ ڦهلجي وئي  هئي. ڪووڊ 19 وائرس سارس وائرس وانگر ئي آهي  جيڪو ڪورونا وائرس فيملي coronavirus family سان  تعلق رکي ، هن فيملي جو ڪم صرف ساھ کڻن واري سرشتي respiratory system کي متاثر ڪرڻ آهي ،پر سارس وائرس جي پکڙجڻ جي  رفتار ڪووڊ 19 کان گهٽ آهي ،۽ پڻ مريض کي گهٽ متاثر ڪري ٿو.

اسان پاڻ کي ڪووڊ 19 ڪورونا وائرس کان ڪيئن بچائي سگهون ٿا؟

سٺي صحت ،سٺي غذا اسانجي قوت مدافعت کي وڌائيندي، جنهن سان انسان ۾ وائرس جي  مقابلي جي صلاحيت تيز ٿي ويندي.ان کان علاوه احتياط بہ انسان  جي زندگي ۽ مرض کان بچائي سگهي ٿي،
هڪ ٻئي سان هٿ ملائڻ ،کان پاسو ڪريو ، دستانا ۽ ماسڪ لازمي پايو  جيڪڏنهن اوهان پاڻ کي ۽ ٻين کي بچائڻ چاهيو ٿا تہ ،  ڪنهن بہ طريقي جي ميلاپ (يعني ڪنهن شي يا انسان کي ڇهڻ ) کان پوءِ  هٿ صابڻ يا سينيٽائزر سان بار بار واش ڪيو،

ڪورونا وائرسن جي بابت ڪجه معلومات: something about coronaviruses

*ڪوروناوائرس مختلف جانورن ۾ عام آهن ،پر اهڙا ڪجھ ئي ڪورونا وائرس آهن جيڪي انسانن کي بہ متاثر ڪن ٿا.

* ڪورونا وائرس جا ڪيترائي قسم آهن ،انهن  مان ڪجھ صرف زڪام جو سبب بڻجن ٿا ،پر ڪجھ اهڙا بہ آهن جيڪي ڦڦڙن کي سخت متاثر ڪن  ٿا ، ۽ گھڻو بخار،کنگھ جو سبب بڻجن ٿا .

*ڪجھ ڪورونا وائرس گھڻو ساھ جي سرشتي جي  بيمارين جو سبب بڻجن ٿا .جن ۾ سارس SARS ( severe acute respiratory syndrome )
۽MERS (middle east respiratory syndrome)جو سبب بڻجن ٿا.
 *  ڪورونا وائرس جو نالو  مائڪرواسڪوپ ۾ نظر ايندڙ ان وائرس جي شڪل جي ڪري رکيو ويو جنهن جي شڪل تاج  وانگر نظر  آئي .انڪري انکي ڪورونا جو نالو ڏنو ويو.
#Novel #Coronavirus #COVID-19 #ScienceJeDunya

ڪورونا وائيرس ۽ ڌرتيءَ جي آلودگي ۾ گهٽتائي

ڪورونا وائيرس ڪارڻ هوائي آلودگي ۽ مٿاڇري تھ ۾ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جي انگ اکرن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي 
”دريا خان“

ماهرن موجب ڪجھ وڏي آبادي وارن شهرن ۾ هوائي مٿاڇري آلودگي ۽ پد وڌائڻ وارين گيس ۾ گهٽتائي ڏسڻ لاءِ ملي آهي، انجو بنيادي سبب وڏي انگ ۾ گاڏين ۽ آلودگي پيدا ڪندڙ ڪارخانن جو بند ٿيڻ آهي، ڪاربن مونو آڪسائيڊ جو ريشو پوئي سال جي ڀيٽ ۾ تقريبن پنجاھ سيڪڙو گهٽ ٿي چڪو آهي. 
ياد رهي تہ ڪاربن ڊائي گيس گرم پد گيس آهي، جنھن جي نيڪالي ۾ بہ گھڻي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، گڏوگڏ ميٿين جي سطح ۾ بہ گهڻي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي 
آب ۽ هوا تي تحقيق ڪندڙن چيو آهي تہ خوش ٿيڻ جي ضرورت ناهي، سندن موجب ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جي نيڪال ۾ هڪ سيڪڙو ئي هن سال گهٽتائي آئي آهي، 
نائٽروجن ڊائي آڪسائيڊ جيڪا هڪ اهم آلودگي ۾ هٿيِ وٺرايندي آهي جيڪا سيارن جي گرم پد جي واڌاري جو ڪم ڪندي آهي، چائنا ۽ اٽلي ۾ ان گيس ۾ بہ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، ماهرن موجب گڏوگڏ ان ڳالھ جو بہ خطرو آهي تہ هن عالمي وباء کانپوءِ گيسن جي ريشي ۾ تيزي وڏي انگ ۾ وڌي سگھي ٿي

هيٺ ڏنل تصويرون جيڪي انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن کان ورتيون ويون آھن، اوهان زميني مٿاڇري تھ ڏسي سگھو ٿا جيڪا صاف نظر اچي رهي آهي، سيارا ۽ تارا دزي کان پاڪ ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن
#Earth #Atmosphere #ScienceJeDunya

چائنا ۾ ڪورونا ٽيسٽ جا نمونا وٺڻ لاءِ الٽراسائونڊ ڪرڻ وارو روبوٽ تيار

چائنا ۾ ڪورونا ٽيسٽ جا نمونا وٺڻ لاءِ الٽراسائونڊ ڪرڻ وارو روبوٽ تيار

”امتياز علي“

چائنا ۾ هڪ اهڙو روبوٽ ٺاهيو ويو آهي جيڪو خطرناڪ وبائي بيمارين ۽ ماحول ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ  ۾ ڪورونا وائيرس جي ٽيسٽ لاءِ ٿُڪ جا نمونا جمع ڪري چڪاس ڪري سگهي ٿو، ۽ مريض جو الٽراسائونڊ ڪري سگهي ٿو، مريض جي عضوون جي آواز ٻُڌي ڪري ان ۾ مرض جي خاصيت جو اندازو بہ لڳائي سگهي ٿو.

ڪورونا جي خطرناڪ عالمي وباء کي نظر ۾ رکندي ٺاهيو ويندڙ هي روبوٽ ڪيترن ئي طريقن سان ڊاڪٽرن جي رهنمائي ڪندو آهي، ۽ ان طرح سان هي سڀ کان اڳيان، اڳيان موجود طبعي عملي کي اڻ ڏٺل خطرن کان پري رکڻ ۾ مدد پڻ ڏيندو آهي.
هن جي تياري جو خيال ماهرن کي چنڊ تي وڃڻ واري هڪ روبوٽ کي ڏسي آيو آهي جنهن پنهنجي روبوٽ هٿن سان چنڊ تي موجود پڪي مٽي جي کوٽائي جي لاءِ ٺاهيو ويو هو، هن ۾ لڳل جديد ترين مشيني ڪپھي، سوٽي هٿ وسيلي مريض جي لعاب  Saliva جا نمونا وٺي سگهي ٿو ۽ الٽراسائونڊ پڻ ڪري سگهي ٿو.
پري ويٺل ڊاڪٽر ڪنهن موبائيل فون يا ليپ ٽاپ وسيلي ان روبوٽ کي ڪنٽرول ڪري سگھي ٿو، ماهرن موجب روبوٽ جو مقصد وبائي صورتحال ۾ انفيڪشن کي ڦھلائڻ کان روڪڻ ۽ طبي عملي جي مدد ڪرڻ آهي

Saturday, 21 March 2020

تارو ڇا آهي

تارو ڇا آھي What is a star

”رياض احمد بروهي“

تارو  جمع تارا(star) رات جو زميني مٿاڇري تي چمڪندڙن ٽٻڪن کي چيو ويندو آھي، اهوئي تارا ڌرتيءَ کان گھڻي وڏي مفاصلي، پنڌ تي آھن، سج ڌرتيءَ کي سڀ کان ويجھو تارو آھي. تارا هائيڊروجن (Hydrogen) ۽ هيليم (Helium) گيس جا ٺهيل هوندا آهن، انهن جي مرڪز وچ ۾ گرمي پد ڪجھ ڪروڙ ڊگري سينٽي گريڊ هوندو آهي،ايتري گرمي هجڻ جي ڪري هائيڊروجن جو فيوزن ري ايڪشن جوهري ردعمل ٿيندو آهي، يعني هائيڊروجن جا نيوڪليس پاڻ ۾ ضم ٿي هيليم جا نيوڪليس ٺاهيندا آهن، جنهن سان تمام گھڻي توانائي خارج ٿيندي آهي، اها توانائي ئي پوءِ روشنيءَ جي صورت ۾ تاري مان ٻاهر نڪرندي آهي. تارن جي سطح تي گرمي پد مرڪز جي ڀيٽ ۾ گھڻو گھٽ هوندو آهي ۽ اڪثر ڪري ڪجھ هزار ڊگري سينٽي گريڊ ئي هوندو آهي.

ڪائنات جي بگ بينگ سان شروعات ٿيڻ کانپوءِ ستت ئي تمام وڏي مقدار ۾ هائيڊروجن ۽ هيليم جا عنصر ٺهيا، جڏهن ڪائنات ڦهلجي وڏي ٿي ۽ نتيجي ۾ ٿڌي بہ ٿي تڏهن انهن عنصرن ڪشش ثقل جي زير اثر پهريان تارا (First Generation Stars) ٺاهيا، تارا جڏهن هائيڊروجن استعمال ڪري ڇڏيندا آهن تہ پوءِ وري هيليم فيوزن ڪري بيريليم (Beryllium) ۽ ڪاربان (Carbon) وغيره ٺاهيندا آهن. هيليم جي خاتمي کانپوءِ ڪاربان ۽ ٻيا عنصر جيڪي تارن ۾ ئي ٺهيا انهن کي فيوز ڪندا آهن ۽ آڪسيجن (Oxygen) ۽ ٻيا عنصر ٺاهيندا آهن. اهو چڪر ائين هلندو رهندو آهي ۽ لوھ (Iron) جي ٺهڻ تي ختم ٿيندو آهي. هن اسٽيج تي تاري جي مرڪز ۾ لوھ ۽ ٻاهرين تهن (Layers) ۾ مٿي بيان ڪيل عنصر هوندا آهن، ڇو تہ مٿين تهن ۾ گرمي پد گھٽ هجڻ ڪري فيوزن ري ايڪشن نہ ٿيندو آهي. لوھ تمام اسٽيبل (stable) هجڻ جي ڪري مرڪز ۾ بہ فيوز نہ ٿيندو آهي. نتيجي ۾ تارو ٿڌو ٿيندو آهي. ٿڌي ٿيڻ جي ڪري ڪشش ثقل غالب اچي ويندي آهي ۽ تارو تمام جلدي سڪڙجي ڪري تباھ ٿي ويندو آهي، ان عمل کي سپر نووا ڌماڪو (Supernova Explosion) چئبو آهي. سڪڙجندي تاري جي مرڪز ۾ گرمي پد يڪدم وڌي ويندو آهي ۽ تمام تيزي سان لوھ جي فيوزن بہ شروع ٿي ويندي آهي. لوھ جي فيوزن سان ئي وڏا عنصر جھڙوڪ چاندي، سون، جست، پارو وغيرھ ٺهندا آهن. هي عمل ايترو تيزي سان ٿيندو آهي جو ٻاهريان تھ گرمي پد جي شديد واڌ جي ڪري تيزي سان پري اڇلاجي ويندا آهن ۽ تارو پنهنجي عمر ۾ جيڪي عنصر ٺاهيا هوندا آهن اهي بہ خلاءِ ۾ پکڙجي ويندا آهن. تاري جا صفا اندريان تھ نيوٽران تاري (Neutron Star) يا بليڪ هول (Blackhole) ۾ تبديل ٿي ويندا آهن ۽ تارو گم ٿي ويندو آهي،
#Star

Friday, 20 March 2020

ڇا وائرسن کان بچاءَ لاءِ سينيٽائزر ضروري آهي يا عام صابڻ؟

ڇا وائرسن کان بچاءَ لاءِ سينيٽائزر ضروري آهي يا عام صابڻ؟ 
”دريا خان“

 سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس بابت عوام ۾ بيچيني ۽ خوف واري صورتحال پيدا ٿيل آهي، سينيٽائزر جيڪو عام ملندو هو هاڻي اهو ڳولهيو نٿو لڀي، جي مليو بہ وڃي تہ هٿرادو ريٽن تي 
ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي ويلز يونيورسٽي سڊني ۾ ڪيميا ڪيمسٽري جي پروفيسر”پيلي ٿورڊارسن“ واضح ڪيو آهي تہ جيڪڏهن هٿن کي صاف صابڻ ۽ پاڻي سان سٺي نموني ڌويو وڃي تہ ٻين وائرسن سان گڏوگڏ ڪورونا وائرس بہ بلڪل ختم ٿيو وڃي 
ڪورونا وائرس سميت، ڪنھن بہ وائرس جو تمام جينياتي مواد هڪ سالماتي ڪوڏي ۾ بند هوندو آهي، جنھن ۾ چڪناهٽ لپڊ جي ٻئي چادر lipid bilayer ڪنھن حفاظتي چادر جو ڪم ڪندي آهي 
چڪناهٽ جي اها ٻئي تھ عام صابڻ جي اڳيان بہ گھڻي ڪمزور ٿي ويندي آهي
ڇوجو صابڻ جو هڪ ڪم چڪناهٽ، سڻڀ جو خاتمو ڪرڻ بہ هوندو آهي 
جڏهن اسان آلن هٿن سان سٺي نموني صابڻ هٿن کي هڻندا آهيون تہ ٻين چڪناهٽن سان گڏوگڏ وائرس جي حفاظتي تھ تہ بہ حملو ڪندا آهن ۽ ڪيميائي عمل ڪندي، سيڪنڊن ۾ ان تھ کي تباھ ڪري ڇڏيندا آهن 
وائرس ۾ موجود جينياتي مواد، جنھن کي اهو پنھنجي وبائي ڦهلائڻ دوران استعمال ڪندو آهي، ان قدر نازڪ هوندو آهي جو اهو حفاظتي تھ جي تباھ ٿيندي ئي وکرجي ويندو آهي، ائين وائرس مڪمل ختم ٿي ويندو آهي، ائين اوهانکي هينڊ سينيٽائزر هڻڻ جي ضرورت ناهي ۽ پريشان ٿيڻ جي بہ، ۽ نہ ئي ڪو مھانگو صابڻ وٺڻ جي،
عام صابڻ وائرس جي حفاظتي تھ تي حملو ڪري انکي تباھ ڪري ڇڏيندو آهي جنھن سان وائرس ٽٽي ڪري وکري ويندو آهي.