حاضر دماغ
”امتياز علي“
مشھور رياضي دان ۽ سائنس دان البرٽ آئن اسٽائن جڏهن ڪٿي ليڪچر ڏيڻ ويندو هو تہ ان جو ڊرائيور ھال جي پڇاڙ ۾ ويھي ليچڪر ٻُڌندو هو. هڪ چڪر ڪنھن يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ جڏهن گاڏي ۾ ويٺو تہ ڊرائيور چيو
”جناب! مان اوهان جا ليڪچر ٻُڌي ٻُڌي تنگ ٿي پيو آهيان، سچ هي آهي تہ مون کي اوهان جا ليڪچر ياد ٿي ويا آهن“.
اهو ٻُڌي آئن اسٽائن چيو
”ٺيڪ آهي، اڄ جنھن يونيورسٽي ۾ منھنجو ليڪچر آهي اتفاق سان اهي مون کي سُڃاڻندا ناهن، انهي ڪري منهنجي جڳھ تون ليڪچر ڏيئي ڇڏ“.
وڌيڪ زور ڪرڻ تي ڊرائيور مڃي ويو. پوءِ ڊرائيور آئن اسٽائن ۽ اصلي آئن اسٽائن ڊرائيور ٿي ويٺو.
ڊرائيور يونيورسٽي ۾ تمام بھترين طريقي سان ليڪچر ڏنو. ليڪچر ڏيڻ کان پوءِ هڪ شخص نقلِي آئن اسٽائن کان پڇيو
” جناب! توهان ليڪچر ۾ جيڪو فلاڻو فارمولو ٻُڌايو آهي، اهو مون کي صحيح طرح سمجھ ۾ ناهي آيو، مھرباني ڪري وضاحت ڪريو“.
نقلي آئن اسٽائن چيو
”جناب! هي فارمولو ايترو تہ آسان آهي جو اهو منھنجو ڊرائيور بہ اوهان کي سمجهائي سگهي ٿو“.
اهو چئي هن ڊرائيور کي آواز ڏنو ۽ چيو
” اچو ۽ هن صاحب کي فلاڻو فارمولو سمجهائي ڇڏيو.“
#ScienceJeDuniya
No comments:
Post a Comment