Pages

Saturday, 15 February 2020

ڇا ٿيندو جيڪڏهن اسانجو سج اوچتو گم ٿي وڃي تہ پوءِ

ڇا ٿيندو جيڪڏهن اسانجو سج اوچتو گم ٿي وڃي تہ پوءِ
”دريا خان“

اسان مان گھڻا ماڻهون ھميشہ سائنس کي سمجھي ڪري پڙهندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن انھن جو شوق ان ڀاڱي وڌي ويندو آهي جو اهوئي اهڙا سوال ڪندا آهن، جيڪي ظاهري طور بہ معني لڳندا آهن پر انھن جي پٺيان لڪيل سائنس جو علم هر دلچسپي رکندڙ ماڻهون کي هجڻ گھرجي، ان مان هڪ گھڻو ئي مشھور سوال آهي تہ، ڇا ٿيندو جيڪڏهن سج اوچتو گم ٿي وڃي، هتي اوهان ان سوال جو جواب ڄاڻي حيران ٿي ويندا، جيڪڏهن سج اوچتو گم ٿي وڃي تہ ڇا ٿيندو؟ ان سوال جا ٻہ پاسا آهن، پهريون هي تہ ان جو نظارو ڪيئن هوندو.! ۽ ٻيو هي تہ ان سان زمين تي موجود سڀني جاندارن تي ڇا اثر پوندا.! جيڪڏهن اوچتو سج گم ٿي وڃي تہ تڏهن بہ زمين تي زميني واسين کي انجي خبر بہ نہ پوندي ۽ انجي روشني انھن تائين ايندي رهندي، اها روشني اٺ منٽن تائين جاري رهندي، اسان ڄاڻون ٿا تہ خلا ۾ روشني تقريبن ٽي لک ڪلو ميٽر في سيڪنڊ ھوندي آھي، ۽ زمين کان سج تائين جو ويجھو پنڌ پندرهن ڪروڙ ڪلو ميٽر آهي تہ ان پنڌ کي پورو ڪرڻ ۾ روشني کي اٺ منٽ جي دوري پوري ڪرڻي پوندي آهي. سج کان روشني جيڪا اوهان هن وقت ڏسي رهيا آهيو، اها اٺ منٽ اڳ سج کان روانو ٿي هئي، ائين ان ڳالھ جو اندازو بہ لڳائي سگھجي ٿو تہ روشني جيڪا هن ڪائنات جي سڀ کان تيز رفتار شيءٍ چورائبي آهي، اها بہ وقت جي ڪجھ حصي ۾ زمين تائين پهچندي آهي، گھڻن ماڻهن جو خيال هوندو آهي تہ جيڪڏهن زمين سج جي ڪشش جي وجھ سان ان جي ويجهو محور آهي تہ جيئن ئي سج گم ٿيندو، انهي وقت زمين بہ پنھنجي مدار کان هٽي ڪري سڌ ۾ هلڻ لڳندي پر ائين بلڪل بہ ناهي، جيڪڏهن اوهان آئنسٽائين جي نظري اضافيت کي پڙهيو آهي تہ انجو هڪ پاسو اهو بہ آهي تہ ڪائنات ۾ زمان ۽ مڪان جي هڪ چادر موجود آهي، جنھن شيءِ جو جيترو گھڻو مادو هوندو، اها ان چادر ۾ اوترو ئي خم- ور پيدا ڪندي ۽ ان جي ويجھو لاھي تي ننڍيون شيون جن ۾ سيارا، سيارچا وغيرھ شامل آهن. ڦيرو ڏيندا آئنسٽائين بہ اهو ٻڌايو هو تہ جيڪڏهن ڪو مادو ان چادر تي حرڪت ڪندو يا اوچتو گم ٿي ويندو تہ ان چادر ۾ لھرون، جن کي گريوٽيشنل ويوز جو نالو ڏنو ويو آهي، بڻجنديون ۽ انھن لهرن جي ڦهلجڻ جي رفتار روشني جي رفتار جي برابر هوندي. انجو مطلب هي تہ سج جي گم ٿيڻ جي اٺ منٽ کانپوءِ اسانکي انجي گم ٿيڻ جو علم ٿيندو، گڏ ئي گڏ منٽ کانپوءِ ئي زمان ۽ مڪان جي چادر ۾ لاھ ختم ٿيندو ۽ ان وقت زمين پنھنجي مدار کان هٽي ڪري سڌي رستي تي اچي ويندي، سج جي گم ٿيڻ کانپوءِ دنيا ۾ ڏينھن جو وجود منڌ کان ئي ختم ٿي ويندو ۽ نظام شمسي جا سڀ سيارا اونڌائي ۾ هليا ويندا، سج زمين تي روشني جو هڪ واحد ذريعو آهي، جي ان جي گم ٿيڻ کانپوءِ سڀ سيارا اونڌائي سان گڏ گھڻي ٿڌ بہ پنھنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيندي عين ممڪن آهي ڪجھ ڏينھن ۾ پوري گولي تي زندگي جو نالو نشان باقي نہ رهي. پر هي سوال ذهن ۾ ايندو آهي تہ ڇا سج جي موت باقي ٻين تارن جيان ئي ٿيندي، اسان ڄاڻون ٿا تہ سج جي مرڪز ۾ هائيڊروجن ۽ هيليئم جي ويجهو ڪيميائي عمل جاري آهي جنھن جي وجھ سان روشني ۽ حرارت بہ پيدا ٿيندي آهي پر ان عمل جي نتيجي ۾ ڪجھ ٻيا مادنيات بہ بڻجندا آهن جن مان لوھ بہ شامل آهي، انجي بڻجڻ جي وجھ سان سج جي جسامت آهستي آهستي وڌي رهي آهي، سائنسدانن موجب اڄ کان تقريبن پنج ارب سال کانپوءِ سج جي جسامت ايتري وڌئي ويندي جو نظام شمسي جي پهريان ٻہ سيارا، مرڪوري ۽ وينس کي تہ پنھنجي اندر ڳهي وٺندو ۽ زمين بہ سج ۾ ضم ٿيڻ واري هوندي، سج ان حالت ۾ گھڻو ڳاڙهو ٿي ويندو، انھي وجھ سان انکي فلڪياتي اصطلاح ۾”ريڊ جائنٽ“ چئبو آهي، ان حالت ۾ پهچڻ کانپوءِ سج وڌيڪ وڏو نہ ٿيندو بلڪي باقي تارن جيان ئي ڦاٽي پوندو، ۽ صرف انجو مرڪز جيڪو ان وقت انجي پنهنجي جسمات سان لاڳاپيل ننڍو هوندو ئي رهجي ويندو، ڇوجو اهو ننڍو ۽ اڇو روشن تارو هوندو ان لاءِ انکي”اڇو بونو تارو“ جو نالو ڏنو ويو آهي سج جي ڦاٽڻ کانپوءِ خلا ۾ پکڙيل مادو بلڪل انهيءَ طرح ئي لڳندو جيئن اڄ جو خلا ۾ نيبيولا ڏسندا آهيو، جنھن ۾ سڀ کان مشھور”اورين نيبيولا“ آهي، انکان پوءِ اهو مادو ضائع نہ ٿيندو بلڪي ان مان ٻيا بہ تارا وجود ۾ ايندا مزي جي ڳالھ اها آهي تہ سج بہ پنج ارب سال اڳ پاڻ کان وڏي تاري جي بچيل مادي مان بڻيو هو، سج جي موت جي وقت ۽ ان کانپوءِ يقيقنن زمين جو وجود ٿيندو ۽ نہ زمين تي وسندڙ ماڻھن جو، ٿي سگھي ٿو تڏهن تائين اسان انسان ڪائنات جي ڪنھن تاري جي ويجهو ڪنھن زمين کي کوجي وٺون
۽ اتي لڏو  کڻي چڪا هجون.

نيبيولا
https://sciencejeduniya.blogspot.com/2019/10/blog-post_79.html?m=1

نظريو اضافيت
https://sciencejeduniya.blogspot.com/2020/02/blog-post_17.html?m=1

اڇو بونو
https://sciencejeduniya.blogspot.com/2019/10/white-dwarf.html?m=1

No comments:

Post a Comment