Pages

Tuesday, 11 February 2020

ايڇ ون اين ون انفلوئنزا

ايڇ ون اين ون انفلوئنزا
”دريا خان“ 

ايڇ ون اين ون”انفلوئنزا Influenza“ هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا انفلوئنزا وائرس جي وجھ سان ٿيندي آهي، هن وائرس جون چار اهم قسمون آهن، انفلوئنزا وائرس اي، انسان ۽ پکين کي متاثر ڪري سگھي ٿو انفلوئنزا وائرس بي، هڪ انسان کي متاثر ڪندو آهي، انفلوئنزا وائرس سي جيڪو انسانن، ڪتن ۽ سور کي متاثر ڪندو آهي ۽ انفلوئنزا وائرس ڊي، مال ڍڳي کي متاثر ڪندو آهي، انفلوئنزا وائرس اي جون ٻہ اصل قسمون هونديون آهن ۽ انھن ٻنھي جا مختلف ڪم هوندا آهن ۽ ان وائرس جي وجھ سان ٿيڻ واري بيماري کي فلو، زڪام چيو ويندو آهي، هي وائرس آر اين اي وائرس هوندا آهن 
انساني تاريخ ۾ انفلوئنزا جي تاريخ پراڻي آهي پکين ۾ انفلوئنزا کي پھريون ڀيرو هڪ اطالوي سائنسدان پاران 1878ع ۾ کوجيو، جڏهن تہ انسانن ۾ ان انفلوئنزا نالي بيماري جو ذڪر 2400 سال اڳ جي تاريخ ۾ پاتو ويو آهي، انسانن ۾ انفلوئنزا جي بيماري جو باقدو ريڪارڊ 1580 ۾ ملندو آهي جڏهن انفلوئنزا جي بيماري روس کان شروع ٿي ڪري يورپ تائين ڦهلجي وئي، انفلوئنزا جي بيماري مسلسل سترين ۽ ارڙهن صدي ۾ بہ جاري رهي ۽ يورپ ۾ ان بيماري 1830ع کان 1833ع تائين گھڻي تباهي آندي، جڏهن تہ 1918ع ۾ ان انفلوئنزا بيماري کي عالمي بيماري طور سڃاتو ويو جنھن جي نتيجي ۾ هڪ اندازي موجب ڏھ ڪروڙ ماڻهون ان جو شڪار ٿيا، ان وائرس جي هڪ قسم 2009ع ۾ ميڪسيڪو کان ايڇ ون پوري دنيا ۾ ڦهلجي ويو جنھن بہ گھڻي ڀاڱي ماڻھن کي متاثر ڪيو
اها هڪ مشھور بيماري آهي جيڪا هڪ ماڻهون کان ٻئي ماڻهون تائين وڃي سگهي ٿي، انفلوئنزا وائرس هڪ ماڻھون کان ٻئي ماڻھون تائين کي ڦڦڙن جي نظام جي وسيلي، کنگھن، نڇڻ، وغيرھ سان ڦهلجندي آهي ۽ جيڪڏهن متاثر ماڻھون ٻئي ڪنھن کي خراب هٿن سان هٿ لاهي تہ بہ هي وائرس ٻئي ماڻھون ۾ ويندو آهي، هڪ تحقيق موجب انفلوئنزا وائرس سڀ کان اڳ متاثر ماڻھون جي ڦڦڙن مان اڳتي وڌندو آهي، ۽ اهو هوا، کنگھ يا نڇڻ ڏيڻ وسيلي ٿيندو آهي جڏهن تہ انفلوئنزا کان متاثر ڪجھ ماڻھون اهڙا هوندا آهن جن ۾ ڪنھن بہ قسم جون علامتون ظاهر ناهين ٿينديون، پر ان ماڻھون ۾ بہ اهو وچڙندڙ هوندو آهي ۽ اهو ماڻھون ٻئي ماڻھون کي اهو ڄاڻي سواءِ انفيڪشن اڳتي اماڻي سگھن ٿا اهو پاڻ بہ ان انفلوئنزا انفيڪشن ۾ جڪڙيل آهي، هڪ تحقيق موجب انفلوئنزا جي بيماري کان متاثر ٿيڻ وارا ماڻھون انجي علامت ظاهر ٿيڻ کان اڳ ئي ان وائرس جو شڪار ٿي چڪا هوندا آهن ۽ ان مشھور بيماري جي علامت عام طور تي پنج يا ست ڏينھن تائين رهندي آهي، فلو زڪام جو ڪو بہ مريض ان بيماري جي پيچيدگين کان گذري سگھي ٿو پر وڏي عمر، پنج سال کان گھٽ عمر جا ننڍا ٻار، خاص طور تي ٻہ سال کان گھٽ عمر جا ٻار صحت بابت ڪجھ مخصوص مريضن کان جن ۾ شڳر، ڦڦڙ ۽ دل جون بيماريون، سڪل سيل اينيما، ڌمو ساھ جون بيماريون، گڙدي ۽ جگر جي بيماري، ڪمزور مدافعتي نظام جا شڪار ماڻھون جن کي ايڇ آئي وي يا ڪينسر جي بيماري ۾ ورتل، ٿلھا ماڻھون، پيٽ واريون عورتون ۽ هيلٿ ڪيئر سان واسطيدار ماڻهون گھڻو جلدي ان بيماري جو شڪار ٿي ويندا آهن هڪ رپورٽ موجب هڪ خاص فلو جي موسم ۾ 65 يا انکان وڏي عمر جي ماڻھن جون فلو مان فوتين ۾ نوي سيڪڙو حصو هوندو آهي 

انفلوئنزا جون علامتون موسمي فلو زڪام سان واسطو رکندي آهي جنهن ۾ اوچتو تيز بخار جيڪو گھڻو ڪري 98 ڊگري کان بہ وڌيڪ ٿي ويندو آهي ۽ بخار کانپوءِ ڏڪڻي واري ڪيفيت، کنگھ جيڪا گھڻي خشڪ هوندي آهي ۽ اها کنگھ وڌيڪ بہ ٿي سگھي ٿي جيڪا تقريبن ٻہ هفتا يا انکان وڌيڪ تائين رهندي آهي، فلو، مٿي جو سور، ڳلي ۾ خراش، ٿڌ، جسم ۾ سور ۽ نظام ڦڦڙن جي مٿي حصي جو انفيڪشن ٿيڻ آهي 
انفلوئنزا کان ٿيڻ واري بيماري هلڪي کان وٺي ڪري گهڻي بہ ٿي سگھي ٿي جنھن جو دارومدار مختلف وقتن تي هوندو آهي جنھن ۾ وائرس جي قسم مريض جي عمر، مريض جي حالت ۽ ڪجھ مخصوص بيمارين تي مشتمل ماڻهون فلو زڪام جي گهڻي پيچيدگين کي منھن ڏيندا آهن جيڪڏهن هي وائرس گھڻو ٿي وڃي تہ، نمونيو، ڦڦڙن ۾ انفيڪشن، ساھ کڻڻ ۾ تڪليف ۽ پوءِ ساھ بند ٿيڻ ڪارڻ مريض جي موت بہ ٿي ويندي آهي، فلو جو گھڻي ٿيڻ تي رنگ نيرو سرمائي ٿي سگھي ٿو 

 انفلوئنزا جي علامت ظاهر ٿيڻ شرط پنھنجي ويجھي ڪنھن ڊاڪٽر کي ڏيکاريو، جيڪڏهن پيٽ واري عورت ۽ کير پياڪ عورت ٻہ سال کان گھٽ عمر جا ٻار، ڌمو يا ساھ جي مريضن، ٿلهي ماڻھن ۽ ٻين وڌيڪ ڪنھن ٻين بيمارين يعني شڳر، دل جون بيماريون جو شڪار ماڻهون ۾ جيڪڏهن انفلوئنزا جي علامت جي نشاندهي ٿي وڃي تہ انھن کي جيترو ٿي سگهي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ گھرجي، انفلوئنزا بيماري جو علاج ڪرڻ جي لاءِ عام طور تي آرام ڪرڻ، پاڻي جو گھڻو استعمال ڪرڻ ۽ علامت ظاهر ٿيندي ڊاڪٽر جون ٻڌايل دوائيون جو استعمال لازمي آهي، ۽ فلو زڪام جي حالت ۾ تازيون صحتمند غذائون کائڻ گھرجن، ۽ پوري ننڍ ڪرڻ گھرجي، انفلوئنزا جي متاثر مريض کي ورزش رواني جي بنياد تي ڪرڻ گھرجي، کليل هوا ۾ وڏا ساھ کڻڻ گھرجن ۽ ڪنھن بہ قسم جي ذهني پريشاني ۽ دٻا کان پرهيز ڪرڻ گھرجي ڇوجو ان جي جسم ۾ موجود قوت مدافعت ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي انفلوئنزا کان بچاو لاءِ، صاف سٿري ۽ کليل هوا ۽ جي اچ وڃ جي جڳھ جو انتظام هجي، سج جي روشني جو باقاعدگي سان بھتر طريقي سان هٿن کي وري وري ڌوئڻ انفلوئنزا انفيڪشن کي هڪ ماڻهون کان ٻئي ماڻهون تائين ڦهلجڻ جي امڪانن کي گھٽ ڪري سگھي ٿي
جيتوڻيڪ زڪام عام آهي پر اها گهٽ مدافعتي نظام واري ماڻھن جي لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو، ماڻھن کي سال ۾ ڪنھن بہ وقت فلو زڪام ٿي سگھي ٿو پر هي موسم خزان ۽ سياري ۾ عام آهي 

فلو زڪام جون عام علامتون 

بخار
جسم ۾ سور
مٿي جو سور
کنگھ
ڳلي ۾ خراش 
ڪمزوري 

#Influenza
Group/Page @World Of Science سائنس جي دنيا

No comments:

Post a Comment