Pages

Wednesday, 2 October 2019

ڪجھ انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن بابت

ڪجھ انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن بابت 
دريا خان:
جيڪڏھن اوھان انساني ترقي کي پرکڻ ۽ ڏسڻ چاهيو ٿا تہ هڪ اهڙي شيء موجود آهي جيئن هي چونڊ بلڪل صحيح آهي ڇوجو هي اها واحد شيء آهي جتي هر وقت ڪجھ انسان خلا ۾ رهي ڪري تجربن ۽ مشاهدن ۾ رڌل آهن جيڪڏهن اوهان وٽ هڪ سٺي دوربيني آهي تہ اوهان بہ انکي گھر وٺي ڏسي سگهو ٿا جيڪا انساني تاريخ جي هاڻي تائين سڀ کان بھترين شي پڻ آهي جيڪڏهن اوهان کان ڪو ماڻھو اهو پڇي تہ ڪائنات ۾ انساني هٿن جي ٺاهيل سڀ کان قيمتي شي ڪھڙي آهي تہ اوهان جو جواب انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن هجڻ گھرجي ڇوجو ان تي هاڻي تائين سترهن ملڪ ملي ڪري ٻہ سو ارب ڊالر خرچ ڪري چڪا آهن انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن کي اڻويهه سو اٺانوي ع ۾ اماڻيو ويو هي اڄ تائين خلا ۾ زمين جو چڪر لڳائي رهيو آهي جيڪو هڪ ڦيرو نوي منٽن ۾ پورو ڪندو آهي زمين کان چار سو ڪلوميٽر مٿي پنج لک ڪلو وزني هي خلائي اسٽيشن زمين جي ويجھو اٺ ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان چڪر لڳائي رهيو آهي ان خلائي اسٽيشن ۾ ڇھ خلا باز هر وقت موجود هوندا آهن جيڪڏهن اوهانکي زميني مٿاڇري تي ڪو ٽٻڪو تيز رفتار سان هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين ويندي ڏيکارجي تہ اهو انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن ئي آهي اهو اسانجي مستقبل ۾ ان وقت گھڻو ڪم ايندو جڏهن انسان مريخ ۽ چنڊ تي گھر ٺاهيندو انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن ٻہ هزار ٽيھ ع تائين ڪم ڪندو انکي ڏسندي ٻہ هزار اٺاويهه تائين ناسا نيو خلائي اسپيس اسٽيشن ٺاهڻ ۾ رڌل آهي ان سان گڏوگڏ چين بہ تيانگانگ ۽ انڊيا گگن يان نالي خلائي اسٽيشن موڪليندو جيڪو ڪجھ وقت جي لاءِ زميني مداري ۾ رهندو جڏهن تہ روس اهو پهريون خلائي اسٽيشن اماڻيندو جيڪو زمين جي بجائي چنڊ جي مداري جو چڪر لڳائيندو. 

  
گھر جي اڳڻ مان اوھان کي انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن ڪيئن ڏيکاربو انکي ڏسڻ لاءِ هيٺ لنڪ 
https://youtu.be/OsYzuBscBhU

هن وقت انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن ۾ ڪھڙا خلا باز موجود آهن هن لنڪ سان 
https://www.ariss.org/current-iss-crew.html

جيڪڏهن اوهان سندھ ۾ يا اسلام آباد لاهور ۾ آهيو تہ هي لنڪ اوهانکي نوٽيفڪيشن جي سهولت ڏيندو آهي جڏهن جڏهن خلائي اسٽيشن اوهانجي زون ۾ داخل ٿيندو اوهانکي ٻڌائيندو 
https://spotthestation.nasa.gov

انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن مان زمين جا تازا منظر ڏسڻ لاءِ هن لنڪ سان ڪڏهن ڪڏهن ٽيڪنيڪل مسئلي ڪارڻ تازه ترين ڪٽجي ويندو آهي جنھن کي ٻيھر ڏسڻ لاءِ ڪلاڪ کانپوءِ ڏسي سگھجي ٿو 
https://youtu.be/7pRev3usGPA

هڪ ٻيو لنڪ جنھن سان بہ ڏسجي سگهجي ٿو 
http://www.ustream.tv/channel/live-iss-stream

هي خلائي اسٽيشن هن وقت ڪٿي آهي اوهانجي گھر مٿان ڪڏهن گذرندو ان بابت هن لنڪ تان 
https://www.n2yo.com/satellite/?s=25544

انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن جا ڪجھ منظر ۽ زمين جو نظارو تصويرن سان

ملندڙ ليک... 

سويوز ڇا آهي
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2274820412800037

اسپيس سوٽ بابت
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2255230994758979

No comments:

Post a Comment