Pages

Thursday, 3 October 2019

خلا ۾ زندھ رهندڙ جاندار ۽ چنڊ تائين جو سفر

خلا ۾ زندھ رهندڙ جاندار ۽ چنڊ تائين جو سفر 
”دريا خان“

ٽارڊيگريڊ ننڍو جاندار آهي سوئي جي چوهنڀ کان بہ ننڍو جن کي وڏي سولائي سان زمين جي تاريخ جو سڀ کان ڪامياب جاندار چئجي سگھجي ٿو ڇو جو هي منفي ٽي سئو ڊگري فارن هائيٽ کان وٺي مثبت ٽي سئو ڊگري فارن هائيٽ پد ۾ زندھ رهي سگھن ٿا ۽ جيڪڏهن اوهان انکي ڪره هوائي دٻاءُ مان ڇھ هزار سيڪڙو وڌيڪ دٻاؤ ۾ رکيو وڃي جنھن سان گاڏيون ۽ ماڙيون بلڪل چنبڙي وڃن اڀرندڙ لاوا ۾ وجھي ڇڏيو يا بغير آڪسيجن جي رکيو يا وري سج جي خطرناڪ جيڪي صحت لاءِ نقصانڪار آهن شعائن ۾ رکيو جيڪو انسان لاءِ حد کان وڌيڪ هزار سيڪڙو خطرناڪ پڻ هجي تہ بہ هي ان حالتن ۾ زندھ رهي سگھندا آهن جنھن ۾ زمين جي ٻئي ڪا حيات زندھ نہ رهي سگھي، ٻہ هزار ست ۾ هڪ تجربي ۾ انهن کي ڏهن ڏينھن لاءِ خلا ۾ موڪليو ويو ۽ هي اتان کان بغير مرڻ جي واپس آيا هئا 
پر هي ان حالتن ۾ ايترا ڪامياب ڇو آهن جن ۾ زمين جون ٻيون سڀ زندگيون مري وڃن ان لاءِ ٽارڊيگريڊ مختلف طريقا هيٺ رکيا آهن مثال هي پنھنجي جسم مان پاڻي نيڪال ڪري پاڻ کي ڊي هائڊريت ڪري وٺندو آهي ان جو فائدو هي تہ گھڻي گهٽ پد تي پاڻي ڄمڻ يا گھڻي شديد پد تي پاڻي جا بخارات ٺھي ڪري اڏامڻ سان انجي خلين کي نقصان ناهي پهچندو پر هي مڪمل طور تي پاڻي کي نيڪال ناهين ڪندا بلڪ جسم ۾ هڪ کان ٽي سيڪڙو تائين پاڻي رکندا آهن انجي ٽٽڻ کان ڪيئن بچجي ان لاءِ هي هڪ خاص قسم جي شوگر ٺاهيندا آهن جيڪا خلوي اجزاءَ مرڪزه ميٽوڪونڊريا رائبو سوم وغيره، جي ٽٽڻ ڦٽڻ کي روڪيندي آهي 
پر جيڪڏهن خطرو پد جي شدت سان بہ نہ هجي بلڪ آڪسيجن جي گهٽتائي مان ٿئي تہ، ان لاءِ هي گھٽ آڪسيجن ۾ پنھنجي جسم کي ڦهلائي وٺندو آهي تہ جيئن فضا مان وڌ کان وڌ آڪسيجن جذب ڪري سگھي ان سان گڏ هي پنھنجي خلوي ڪيميائي افعال يا ميٽابولزم کي بہ نارمل سطح کان ڏھ ھزار سيڪڙو تائين ڪم ڪري وٺندا آهن تہ جيئن انھن کي خوارڪ ۽ آڪسيجن جي ضرورت ئي نہ پئي پر ٽرڊيگريڊ پنھنجي بقا لاءِ هڪ ٻيو ميڪانزم بہ ڌاريو آهي ٻين سڀني جاندارن ۾ گھڻو ڪري ڊي اين اي اسانکي پنھنجي والدين کان ملندو آهي پر ڊي اين اي جو ٿورو کن حصو اسان پنھنجي ماحول ۾ پاتا ويندڙ ٻين جاندار کان سڌو سنئون وٺندا آهيون ان عمل کي افقي جين ٽرانسفر چئبو آهي سڀني جاندارن ۾ افقي جين ٽرانسفر انھن جي هڪ سيڪڙي کان بہ گھٽ ڊي اين اي ڏيندا آهن پر ٽارڊيگريڊ ۾ اهو تعاون سترهن سيڪڙو آهي
يعني ضرورت جي وقت هي ٻين جاندارن جراثيمن ننڍن ٻوٽن ۽ سائي الجي مان سترهن سيڪڙو تائين ڊي اين اي وٺي ڪري پنھنجي جسم ۾ لڳائي سگھي ٿو تہ جيئن خراب حالتن ۾ انجي خصوصيتون اپنائي ڪري زندھ رهي سگھي هي ائين آهي جيئن هڪ گوشت خور جانور کي کاڌو نہ ملي تہ اهو سبزي خور جانورن مان ڊي اين اي وٺي ڪري زندھ رهڻ لاءِ گاھ کائڻ شروع ڪري ڏئي 
انڪري ان ۾ ڪا حيرت جي ڳالھ نہ آهي تہ هي جاندار زمين تي ٻين جي خاتمي جي پنجن سفرن کي ڪاميابي سان منھن ڏئي چڪا آهن جن ۾ زمين تي موجود گھڻيون ٻيون زندگيون ختم ٿي ويون هيون

چند تائين جو سفر 
اسان يقين سان چئي سگهو ٿا تہ چنڊ تي زندگي موجود آهي هي دعوا ڪرڻ جي لاءِ اسانکي چنڊ تي بہ وڃڻ جي ضرورت نہ آهي ان  لاءِ تہ هي زندگي زمين کان ئي چنڊ تي پھتي آهي
اوهانکي ياد هوندو تہ ڪجھ مھينا اڳ اسرائيل پاران چنڊ تي هڪ خلائي جھاز اماڻيو ويو هيو جيڪو لھڻ کان پھريان تباھ تي ويو ان خلائي جھاز ۾ هزارن جي تعداد ۾ ٽارڊيگريڊز بہ موجود هئا ٽارڊيگريڊز جسامت ۾ هڪ ملي ميٽر کان بہ گھٽ هوندا آهن جيئن مٿي بيان ڪيل آهي تہ اهوئي خطرناڪ موسمن ۾ بہ زندھ رهڻ جي صلاحيت رکندڙ پڻ آهن جڏهن تہ سائنسدانن انھن کي ٽيھ سالن تائين فريز ڪرڻ کانپوءِ ٻيھر زندھ ڪري چڪا آهن 
 اسرائيل پاران اماڻيل خلائي جھاز ۾ ٽارڊيگريڊز کي ڪيترن ئي مختلف پيڪيجزن ۾ رکيو ويو هيو ڪجھ کي انساني ۽ غير انساني حياتياتي خلين سان گڏ اپوڪسي ۾ بند ڪيو ويو هئو ۽ وري ڪجھ کي هڪ ٽيپ سان گڏ پيلٽ ۾ چنبڙايو ويو هئو ۽ انھن سڀني کي ڊي هائيڊريٽ ڪيو ويو هئو جنھن سان سڄو پاڻي نيڪال ڪيو ويو هئو بظاهر انھن کي چنڊ تي اماڻن جو مقصد مستقبل هيٺ مشن انھن جي جائچ ڪري سگھي ۽ انھن تي چنڊ جي ماحول جو اثر ۽ جائزو ورتو وڃي چنڊ تي انھن جي پنھنجي نسل جي واڌ ويجھ بابت اسان يقين سان نٿا چئي سگهون بلڪ مستقبل هيٺ خلائي مشن اتي انھن جي کوجنا ڪندا

No comments:

Post a Comment