Pages

Wednesday, 2 October 2019

ستارن کي فيول ٻارڻ ڪٿان ملندو آهي



ستارن کي فيول ٻارڻ ڪٿان ملندو آهي
دريا خان:

ستارا هائيڊروجن جي وڏن ڪڪرن جي سڪڙجڻ سان جنم وٺندا
 آهن هائيڊروجن جا هي ڪڪر بگ بینگ جي وقت کان موجود آهن جڏهن هي ڪڪر سڪڙبا آهن تہ انھن جي مرڪز ۾ گھڻي دٻاءُ ۽ پد جي وجھ سان جوهري فيوزن جو عمل شروع ٿي ويندو آهي يعني هائيڊروجن جا مرڪز پاڻ ۾ ضم ٿي ڪري هيليئم جا مرڪز ٺاهيندا آهن ان عمل ۾ گھڻي توانائي نيڪال ٿيندي آهي جنھن وجھ سان ستارا روشني ۽ پد نيڪال ڪندا آهن اربن سال کانپوءِ جڏهن هائيڊروجن جا مرڪز ختم ٿي ويندا آهن تہ هيليئم جا مرڪز پاڻ ۾ ضم ٿي ڪري وڌيڪ حرارت پيدا ڪندا آهن 
انهيءَ طرح اهو عمل جاري رهندو آهي ايستائين جو ستاري ۾ لوهہ جا مرڪز ٺهڻ لڳندا آهن لوھ جي مرڪزن جو پاڻ ۾ ضم ٿي ڪري وڏو مرڪز ٺهڻ ستاري جي اندر ممڪن ناهي هوندو انڪري ستاري جو مرڪز هڪ دم ٿڌو ٿي ويندو آهي جنھن وجھ سان ستارو ڦاٽي ڪري سپر نووا بڻجي ويندو آهي جيڪڏهن ستاري جو ماس هڪ خاص حد کان وڌيڪ هجي تہ انکي ستاري جي موت چئبو آهي 
۽ اسانجي ڪهڪشائن ۾ جتي جتي هائيڊروجن جا ڪڪر پاتا ويندا آهن اتي نيا ستارا جنم وٺي رهيا هوندا آهن

No comments:

Post a Comment