انٽرنيٽ جي سڃاڻپ
:- دريا خان
انٽرنيٽ انساني زندگي ۾ انقلاب آندو ڪروڙين ماڻهن کي روزگار مليو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ماڻھن تائين رسائي ملي
ليري رابرٽس جيڪو 21 ڊسمبر 1937ع ۾ پيدا ٿو ۽ 81 سال جي عمر کانپوءِ 26 ڊسمبر 2018ع ڪيليفورنيا جي ريڊوڊ شھر ۾ وفات جنھن کي اٺن کان مٿي ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو
رابرٽس ميسا چوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ايم آئي ٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي جتي 1959ع ۾ بيچلر جي ڊگري ۽ 1960ع ۾ ماسٽر جي ڊگري ۽ 1963ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي
ليري رابرٽس جن 1960ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا جي ايڊوانس سرچ پروگرام ايجنسي جون ذميواريون سنڀاليون دنيا کي انٽرنيٽ جو تحفو ڏيندڙ سائنسدانن جي گروپ ۾ شامل ٿيو
سندن کي ڪمپويٽر نيٽ ورڪ جي ذميواري پڻ ڏني وئي سندن جي ان پروگرام کي دنيا ارپانٽ جي نالي سان ياد ڪندي آهي انجينير ۽ سائنسدان ليري رابرٽس جن ڪيترا ئي آپريٽنگ پروگرام ۽ سافٽ ويئرن جي تياري ۾ بہ اهم ڪردار ادا پڻ ڪيو ارپانٽ نيٽ ورڪ دنيا کي هڪ اهڙو تحفو ڏنو جيڪو انسان هميشہ لاءِ ياد رکندو
ليري رابرٽس انھن چئن سائنسدانن مان هڪ هئا جن انٽرنيٽ جي ايجاد جي لاءِ سائنيسي فارمولا ڏنا ٻين ساٿين ۾ شامل پوپ ڪان، فينٽ سيرف، ۽ ولين ڪلائنروڪ شامل هئا.
No comments:
Post a Comment