Pages

Wednesday, 2 October 2019

اسان جي ابن ڏاڏن ڳالھڻ ڪڏهن شروع ڪيو

اسان جي ابن ڏاڏن ڳالھڻ ڪڏهن شروع ڪيو
دريا خان:

انسان لکن ورهين تائين جھنگ ۾ شڪارين جيئان زندگي گذاريندو رهيو آهي انجي زندگي جي باري ۾ اسان وٽ گھڻيون ئي معلومات آهن پٿر جي اوزارن ڪوٺين ۾ بڻايون ويندڙ تصويرون پيرن جا نيشان پنڌ پهڻ ۽ هڏين وسيلي ۽ انجي ذريعي انسان جي کاڌ خوراڪ بيماريون ۽ تشدد واري زندگي جي معلومات پر انهي طرح جي زندگي جو شايد سڀ کان اهم حصو اهو آهي تہ پنھنجو ڪو سڌو سنئون ريڪارڊ ناهي ڇڏيندو ۽ اها آهي ڳالھ ٻول ويجهڙائي تعاون ۽ ترقي لاءِ ڳالھ ٻول واري چال ضروري آهي پر ڳالھيون پنڊ پهڻ ۽ پٿرن ۾ پنھنجو پتو ناهين ڇڏينديون انسان ڪڏهن کان ڳالھڻ شروع ڪيو ان کي اسان سائنسدانن جي طريقن سان ڏسون ٿا 

پنڌ پهڻ: جاندارن ۾ انسان سڀ کان گھڻي رينج ۾ ۽ سڀ کان مختلف آواز ڪڍي سگھي ٿو ان ڪم لاءِ آهمون سامھون ۽ ڳلي جي بناوت بہ سڀ کان الڳ آهي سائنسدانن ڏٺو تہ آواز لاءِ گھربل انسان جو منھن ۽ ڳلو گھڻو برابري لمبائي رکندا آهن ۽ ويجھو نوي جو ذريعو بڻائيندا آهن ساڄي پاسي واري هيٺ تصوير ۾ افقي ليڪون، پر ٻين جاندارن ۾ ائين ناهي هوندو انهي تصوير ۾ چمپينزي مان ئي وٺو هي مخصوص بناوت انسان ارتقا ۾ ڪڏهن حاصل ڪئي انجي لاءِ سائنسدان قديم انسانن جي پنڊ پهڻ جي جانچ ڪئي تہ پتو پيو پنجاھ هزار کان هڪ لک ورهين اڳ، هي بناوت انسان سڌو سنئون نسل هومو ايريڪٽس ۽ انجي گهڻي ويجهو ارتقائي ڪزنز هومو نندرٿل جي پنڊ پهڻ ۾ ناهي پاتي ويندي.
ڊي اين اي جو علم: اسانجي ڊي اين اي ۾ فاڪس پي ٽو جي نالي سان هڪ جين پاتي ويندي آهي جيڪا ٻين گھڻن ڪمن کان سواءِ دماغ جي عضون جي جوڙن ۽ منهن ۾ زبان جي مخصوص حرڪت ۾ مدد ڏيندي آهي جيڪي ڳالھ ٻول جي لاءِ ضروري آهن 
جن ماڻھن ۾ ان جين جو نقص هجي اهو واضع ڳالھ ٻول ناهي ڪري سگھندو فاڪس پي ٽو ارتقا جي دوران سڀني مماليا جاندارن کي ملي آهي انسان ۾ انجي جيڪا شڪل پاتي ويندي آهي اها ٻين جاندارن کان ٿورڙي کن الڳ آهي ان مخصوص شڪل جو ارتقا ڪڏهن ٿيو جينيٽڪس جو علم ٻڌائي ٿو تہ تقريبن ٻہ لک ورهين اڳ يعني جديد انسان جي شروعات سان گڏ 
صوتی آوازون: اسان جڏهن ڳالهيندا آهيون تہ هر لفظ کي چوڻ جي لاءِ ڪجھ مخصوص آوازون گهربل هونديون آهن جن کي فونم چئبو آهي سائنسدان جڏهن مختلف خطن جي پنج سئو کان وڌيڪ زبانن ۾ ان آوازن جو جائزو ورتو تہ پتو پيو انھن آوازن جو سڀ کان وڌيڪ تنوع افريڪي زبانن ۾ آهي جتان کان جديد انسان جي شروعات ٿي مثال ڪجھ ۾ هڪ سو ٽيھ کان وڌيڪ آوازون آهن ۽ سڀ کان گهٽ تنوع ڏکڻ آمريڪا ۽ آسٽريليا خطي جي زبانن ۾ جتي جديد انسان سڀ کان آخر ۾ پھتو ڪجھ ۾ صرف يارهن آوازون موازني جي لاءِ انگريزي زبان ۾ ٽيٽيھ آوازون آهن تصوير هيٺ ڇوجو زبانون وقت سان گڏوگڏ نيون آوازون گڏ ڪنديون آهن انڪري سائنسدانن ماڊل ٺاهي ڪري ڏٺو تہ آفريڪا جي تنوع زبانن پنهنجي آوازن ڪيتري وقت ۾ گڏ ڪيون هونديون انجو تخمو پٿر جي دور يا ڏيڊ کان ساڍا ٽي لک ورهين اڳ جو ٺهندو آهي يعني ان دور ۾ انسان اهوئي آوازون ڪڊهڻ شروع ڪيون جيڪي جديد زبان ۽ لفظن جي اڪائيون آهن ائين انسان جانورن جيان آوازون ڪڊهڻ کانپوءِ سادن لفظن کان ڏکين لفظن تائين پئي زبانون ايجاد ڪرڻ ۾ وڏو عرصو ورتو آهي

No comments:

Post a Comment