ڊپريشن جي شڪار ماڻھن جي مدد ڪيئن ڪئي وڃي
” دريا خان“
هي سڀ تنهنجو وھم آهي پريشاني جي ڪا ڳالھ ناهي، خوش رهڻ جي ڪوشش ڪندو ڪر، توهان سٺو محسوس ڪندا
هي سڀ ڳالھيون ڪنھن ڊيابيطس جي مريض کي ناهين ٻڌڻيون پونديون پر جڏهن ذهني مريض جي ڳالھ ٿيندي آهي تہ اسانجي معاشري ۾ گهڻا ماڻھون اهڙا عجيب مشورا ڏيندا رهندا آهن
عام تہ پري جي ڳالھ پر گھڻو ڪري علاج ڪندڙ بہ اهڙيون اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن جيڪي مريض کي سمجھ ناهين اينديون تہ اهو کلي يا روئي ڪيترا ئي ڀيرا ڊاڪٽر صاحب پاڻ ئي عقيدو ٺيڪ ڪرڻ ۽ نماز باقاعدگي سان پڙهڻ جو نسخو ڏئي ڪري پنھنجي جان ڇڏيندا آهن.
نفسيات جي ماهرن موجب ڊپريشن ڪنھن کي بہ ٿي سگھي ٿو جيڪڏهن اوهانجي روز مرھ جي ڪم ڪارن ۾ دلچسپي ناهي لڳندي اوهان گھڻا اداس آهيو مايوس يا بيزار رهندا آهيو يا گهٻراهٽ بي چيني ۽ بي حسي جو شڪار رهندا آهيو تہ امڪانن اوهان بہ ڊپريشن جو شڪار آهيو جيتوڻي اها ڳالھ ڪيترا ئي ماڻھون قبول ناهين ڪندا پر ڊپريشن بہ هڪ بيماري آهي ان جي ٻين علامتن ۾ صحيح سان ننڊ نہ اچڻ، بک جو نہ لڳڻ، يا وزن ۾ گهٽتائي فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ توجھ ۽ ياداشت جي گهٽتائي جھڙا مسئلا بہ هيٺ آهن ايستائين جو انجي بيماري جو شڪار ماڻهون پنھنجي پاڻ کي مارڻ جي باري ۾ بہ سنجيدگي سان سوچڻ لڳندا آهن
جيڪڏهن هي ڪيفيت گھڻي دير تائين جاري رهي تہ انسان کي زندگي مان مايوسي محسوس ٿيڻ لڳندي آهي جنھن کي طبي ۾ ڪلينيڪل ڊپريشن چئبو آهي
انکان سواءِ طبي ماهرن جي راءِ ۾ ڏندن ۽ مٿي ۾ سور هاضمي جي خرابي ساھ کڻڻ ۾ مسئلو ۽ ٻيو علامتون هيٺ آهن ۽ اهڙيون شڪايتون بہ ٿي سگھن ٿيو جن جو ظاهري ڪنھن بيماري سان ڪو واسطو نٿو هجي
ماهرن نفسيات موجب ڊپريشن ڪنھن کي بہ ٿي سگھي ٿو جيڪڏهن اوهان جو روز جي ڪمن ۾ دلچسپي ناهي لڳندي اوهان گھڻا اداس مايوس يا بيزار رهندا آهيو يا گهٻراهٽ بي چيني ۽ بي حسي جو شڪار رهندا آهيو تہ پوءِ اوهان بہ ڊپريشن جا شڪار آهيو
ڊپريشن ڇو ٿيندو آهي؟
ماهرن موجب گھڻو ڪري نفسياتي بيمارين جي وجھ خانداني بيماريون ۽ هر فرد جي ويجھو اهوئي حالات ۽ ماحول هوندو آهي
سندن موجب جيڪڏهن ڀيڻ ڀائرن ماءُ پيءَ والدين يا ڪنھن ٻئي رشتيدار مان ڪو بہ ڊپريشن جو شڪار رهيو آهي تہ امڪان آهي تہ هي اوهان کي بہ ٿي سگھي ٿو
انکان سواءِ جيڪڏهن اوهان مالي حالتن ۽ ويجھڙائي جو ماحول خراب آهي تہ بہ هي ذهني دٻاءُ جو ڪارڻ بڻبو آهي جنھن ڪارڻ ڪوبہ ماڻھون ڊپريس محسوس ڪندو آهي
سندن موجب هي بيماري اهڙن ماڻھن تي بہ اثر وجهندي آهي جيڪي ڪنھن ٻئي بيماري ۾ ورتل جيئن ڪينسر دل جا مرض يا ٻئي ڪنھن دائمي بيماري جو شڪار هوندا آهن
ڊپريشن اوهانجي روز مرھ زندگي جي سرگرمين کي بہ متاثر ڪندو آهي اوهان ماڻھن سان ملڻ کان لوانيدا آهيو
بلڊ پريشر ۽ ٻين بيمارين جي لاءِ استعمال ڪيون ويندڙ دوائون بہ ڊپريشن ۾ واڌاري جو سبب بڻبيون آهن
ڊپريشن جو علاج ڪيئن ممڪن آهي؟
ماهرن موجب جيڪڏهن اوهان ڊپريشن جي مسئلن ۾ گھڻو ورتل نہ آهيو تہ اوهان گهڻن مسئلن جو شڪار ناهيو تہ ان ڏيک ۾ اوهان پنھنجي خوارڪ صحيح رکي ڪري ننڊ پوري ڪري ۽ باقاعدگي سان ورزش ڪري پاڻ کي بہ صحيح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهو ٿا
جيڪڏهن اوهانجي ڊپريشن جي علامتن ۾ گهڻائي ايتري آهي جو اوهان جا روز مرھ جا ڪم ڪار متاثر ٿي رهيا آهن يا گھر وارا دوست يا ويجهڙائي وارا ماڻهو چئي رهيا آهن تہ اوهان ۾ ڪا واضع تبديلي آئي آهي تہ انجي صحيح جانچ لاءِ اوهانکي پروفيشنل جي مدد وٺڻ گھرجي اهو پروفيشنل اوهان جو جنرل فزيشن ماهر نفسيات ڊاڪٽر يا ٿراپسٽ بہ ٿي سگھي ٿو
سائيڪالوجسٽ عام طور تي سائيڪو ٿراپي ڪونسلنگ يا سائيڪالوجيڪل سيشن جا علاج ڪندا آهن جڏهن تہ سائيڪيٽرسٽ ڪجھ مخصوص ٽيسٽن کانپوءِ اوهانجي دوائون چونڊ ڪندا آهن
عام طور تي انھن ڏينھن ۾ ڪو هڪ يا ٻہ علاج گڏوگڏ هلندا آهن
ڇا شوشل ميڊيا ڊپريشن جي گهٽتائي يا گهڻائي جو ڪارڻ بڻبو آهي
هڪ سروي ۾ گھڻن ماڻھن جو چوڻ هئو تہ روز مرھ جي زندگي ۾ پيش ايندڙ ڪنھن بہ مشڪل جو اظھار فائديمند هوندو آهي ڇو جو ائين ڪرڻ سان اوهان جو ٻوجھ هلڪو ٿيندو آهي
سندن موجب احساسن جي سماجي رابطن واريون ويب سائيٽس تي اظهار ڪرڻ جو نثار ان ڳالھ تي آهي تہ اوهان جنھن سان ڳالهي رهيا آهيو اهو ڪنھن حد تائين اوهانکي سمجھي رهيو آهي ۽ ان جو رد عمل ڇا آهي اهو گھڻو اهم آهي انھن مان اوهانکي هي بہ ٻڌڻ لاءِ ملي سگھي ٿو تہ ڪجھ بہ ناهي سڀني کي ائين ئي لڳندو آهي نماز پڙهو پنھنجو عقيدو ٺيڪ ڪيو سڀ صحيح ٿي ويندو هي هڪ اهڙي بيماري آهي جنھن جو ڪو علاج فلحال نہ آهي انجي علاج لاءِ ڏنيون ويندڙ دوائون نشي واريون آهن جن کي سڄي زندگي لاءِ استعمال ڪرڻو پوندو آهي
اهو بہ ٻڌڻ لاءِ ملي سگهي ٿو تہ اوهان ناڪارا ٿي ويا آهيو ۽ ڊپريشن جو علاج صرف خودڪشي آهي
مدد ڪيئن ڪئي وڃي
نفسياتي ماهرن موجب جيڪڏهن اوهانجي خاندان يا ويجهڙائي ۾ ڪو ڊپريشن جي علامت ظاهر ڪري رهيو آهي تہ ان صورت ۾ اوهان انکي الڳ ويهاري ڪري پڇو تہ اهو ڪيئن محسوس ڪري رهيو آهي
۽ سندس کان پڇيو وڃي تہ اهو ڪهڙي مسئلن جو شڪار آهي ۽ ڇا انکي ڪنھن بہ قسم جي مدد گهربل آهي ماهرن موجب بھتر رھندو تہ اوهان انھن تي نظر رکيو ۽ انھن کي پاڻ ڏا توجھ ڪرائيو تہ اهو ڪنھن ماهر نفسيات يا پروفيشنل کان مدد وٺي
جيڪڏهن اهو ائين ڪرڻ کان معنہ بہ ڪري تہ اوهان پاڻ وڃي ڪري ڪنھن علاج ڪندڙ سان مشورو ۽ پڇا ڪري سگهو ٿا تہ ان صورت ۾ اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي ماهرن جو اهو بہ چوڻ آهي تہ انکان سواءِ اوهان انٽرنيٽ مان بہ معلومات گڏ ڪري سگهو ٿا
اسانجي سماج ۾ ڊپريشن جي مريض کي پنھنجي سر اڪيلو ڇڏيو ويندو آهي ۽ سندس سان نفرت پڻ ڪئي ويندي آهي جيڪا تمام غلط ڳالھ آھي جيڪڏھن اسان ئي انھن سان ڳالھ ٻول ۽ مسئلن بابت پڇا نہ ڪنداسين تہ اهوئي اڃان وڌيڪ انهيءَ بيماري جو شڪار ٿي خودڪشي ۽ غلطيا عملن ڏا سوچڻ تي مجبور ٿيندا
جيڪڏهن اوهان سان ڪو ڊپريشن بابت ڳالھ ٻول ڪري ٿو يا اوهانکي ڊپريشن جو مريض لڳي ٿو تہ انجي گھرن وارن کي آڳاھ ڪيو ۽ سندن کي ڪنھن ماهر نفسيات ڏا رخ ڪرڻ جو چيو
اسان سڀني جو اهو فرض ٿو بڻجي تہ ڊپريشن جي مريض کي بجائي غلط ڏس يا نسخا ڏيڻ جي ڪنھن ماهر نفسيات سان رابطو ڪرڻ جو چئون تہ جيئن سندس جا مسئلا حل ٿين
No comments:
Post a Comment