“Phloem Bundle اوڄي تندون ۔ تاندوري ڳنڍون”
"اصغر ساگر"
ڪيلو اھو ميوو آھي جيڪو مڪمل غذائيت رکي ٿو. ھي وٽامنن جومجموعو آھي. ڪيلو سپر فوڊ جي حيثيت رکي ٿو پر ان جي کل بہ ڪمال جي شي آھي گڏوگڏ ڪيلي جي اندر تار جھڙي کل بھترين فائدا رکي ٿي. ڪيلي جي اندرين تارن کي اوڄي تندون يا تاندوري ڳنڍون چئبو آھي.
Those banana strings are called ''Phloem.'' Their job is to distribute nutrients up and down the banana as it grows and their scientifically name is Phloem bundle.
ڪيلي جي انهن تارن کي فلوئم چئبو آھي. انهن جو ڪم ڪيلي کي غذائيت پھچائڻ آھي جيئن اھو واڌ ويجھ ڪري ٿو ۽ ھنجو سائنسي نالو فلوم بنڊل آھي. ڪيلي جي اوڄي تندن Phloem Bundle ۾ ايتري غذائيت آھي جيتري ڪيلي ۾ اچي وڃي ٿي. ڪيلي جي اوڄي تندن Phloem Bundle ۾ پوٽيشم ۔ تاندورا ۔ وٽامن اي ۽ وٽامن بي 6 وافر مقدار ۾ موجود ٿئي ٿي. اوڄي تندون Phloem Bundle
تاندورا ٿين ٿيون جيڪي مختلف ميون ۾ پاتيون وڃن ٿيون. ھن جو ڪم غذائيت پھچائڻ آھي. اوڄي تندون Phloem Bundle زندھ گهرڙن مان ٺھن ٿيون ۽ ھي کاڌي ۽ شڳر کي ٻوٽي جي مختلف حصن تي پھچائن ٿيون ۽ ڪيلي جون اوڄي تندون بہ ساڳو ڪم سرانجام ڏين ٿيون. ھي اوڄي تندون رڳن وانگر پوري ميوي کي غذائيت ۽ پاڻي پھچائين ٿيون تہ جيئن ميوو پوري طرح پروان چڙھي. ھي اوڄي تندون ڪيلي جي واڌ ويجھ ۾ مدد ڪن ٿيون. توھان جڏھن بہ ڪيلو کائو ڪيلي ۾ موجود اوڄي تندن يعني تارن کي کائو تہ جيئن وڌيڪ غذائيت حاصل ٿئي ڇوجو اوڄي تندون ڪيلي جيتري غذائيت رکن ٿيون.
اسان کي ذھن نشين ڪرڻ کپي تہ جيڪي ميوا اسان کان ٿا انهن جي اندر اوڄي تندون يا تاندوري ڳنڍون Phloem يا Phloem bundle ٿين ٿيون جيڪي ميوي وانگر ساڳا فائدا رکن ٿيون. جيڪڏھن اسان انهن اوڄي ڳنڍن کي وٽامن بي17 ۾ شمار ڪريون تہ ڪري سگهون ٿا ڇوجو اھي ميوي جو جوھر يا ست رکن ٿيون جيڪي مرض کي جلدي ختم ڪري سگهن ٿيون. نارنگي ۔ مالٽا ۔ ڪيلي يا اھڙن ميون ۾ اوڄي تندون ٿين ٿيون جن کي کائي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا
No comments:
Post a Comment