Pages

Tuesday, 20 November 2018

وائجر VOYAGER حصو ٻيون

"ظهور احمد" 

5 سيپٽمبر 1977ء تي تقريبا 40 سال اڳ لائونچ ڪيو ويو. ھن 18 سيپٽمبر 1977ء تي 11.66 ملين ڪلو ميٽرن کان زمين ۽ چنڊ جي گڏيل تصوير ورتي. 5 مارچ تي ھن مشتري Jupiter جون تصويرون موڪليائين. The Great Red Spot ڳاڙھو عظيم طوفان جيڪي زمين کان ٻيڻ وڏي آھي دريافت ڪيائين. جوپيٽر جي چنڊ Callisto پڻ دريافت ڪيائين ۽ مشتري جي چنڊ آء او IO جا جوالا مکي يعني آتش فشان ڏٺائين. 

12 نومبر 1980ء تي زحل Saturn تي پھتو. سيٽرن جا چنڊ Tethys ۽ Dion  دريافت ڪيائين. سيٽرن جي چنڊ Enceladus جو مشاھدو ڪيائين. سيٽرن جي چنڊ Titan کي بغور مشاھدي کان پوء ھن کي خلاء ۾ وڃڻ جا احڪام مليا. 
وائجر1 پنھنجو سفر جاري رکندي 15دسمبر 2004ء تائين ھن 14 بلين ڪلو ميٽرن جو سفر ڪيو. 

22 آگسٽ 2012ء تائين 18.4 بلين ڪلو ميٽر يعني 123 اسٽرونوميڪل يونٽ سفر ڪيو جيڪي اسان جي نظام شمسي جي آخري حد خيال ڪيو وڃي ٿو. ھن پھريون شيء ھجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو جنھن انساني تاريخ ۾ نظام شمسي کان ٻاھر قدم رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ھي Interstellar space ۾ داخل ٿي ويو. 

ھڪ گولي جي رفتار 0.76 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ آھي . جڏھن ته وائجر1 جي رفتار 17. 2 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ آھي. ھي
 4 سيڪنڊ ۾ لاھور کان گجرانوالا 69 ڪلو ميٽر 
15 سيڪنڊ ۾ لاھور کان اسلام آباد 259 ڪلو ميٽر
22 سيڪنڊ ۾ لاھور کان پشاور 377 ڪلو ميٽر
59 سيڪنڊ ۾ لاھور کان ڪراچي 1030 ڪلو ميٽر ڪراس ڪندو آھي.
خلائي مخلوق جيڪڏھن ھن تائين پڄن ته انھن جي معلومات لاء ھن ۾ تصويرون وڊيو ۽ آڊيو پيغام ، موسيقي ، تھذيب رڪارڊر ۾ ڊيٽا رکي وئي جيئن ته اسان سان رابطو ڪري سگھن يا سمجھي وڃن ته ڪائنات ۾ ٻي به مخلوق آھي. 

ھن رڪارڊر ۾ آمريڪي صدر ۽ پاڪستاني ان وقت جي صدر جي آواز ۾ پيغام پڻ رڪارڊ ٿيل آھي. جيڪو ھن ريت آھي.
اسان ھي پيغام ڪھڪشان ملڪي وي ڏانھن موڪلي رھيا آھيون. 200 بلين ستارن ۾ رھندڙ تھذيب وارن ڏانھن. جيڪڏھن ڪو تھذيب ھن وائجر کي ڏسي ۽ ان ۾ رڪارڊ ٿيل شيل کي سمجھي سگھي ته ، اسان جو پيغام انھن لاء ھي آھي، 
آئون ھڪ ننڍي علائقي جو صدر آھيان . ھي اسان جي آواز، سائنس، فوٽو، موسيقي، خيال، ۽ احساس توھان لاء تحفو آ ھي. ٿي سگھي ٿو ته اسان ھڪ ٻئي جي مدد ڪري سگھون ڪنھن مصيبت ۾. اسان سان ساٿ ڏيو. ......

ڊاڪٽر ڪارل ساگان جي گھرواري پنھنجي دماغ جون لھرون پڻ ان ۾ رکيو ته جيڪڏھن ڪنھن ترقي يافتہ تھذيب کي ھي ملي ته اسان جي سائنس کي سمجھن. 

وائجر1 زمين سان رابطو قائم رکڻ لاء 3.7 ميٽر ڊگھي ھاءگين انٽينا استعمال ڪندو آھي . جنھن سان ھن جو پيغام روشني جي رفتار سان اسان تائين 18 ڪلاڪ ۽ 40 منٽن ۾ پڄي ٿو. 
زمين کان پڻ پيغام ھن تائين پڄڻ ۾ 18 ڪلاڪ 40 منٽ لڳن ٿا. جيڪڏھن ھي تباھ ٿئي ته اسان کي 19 ڪلاڪن کان پوء خبر پوندي.

ھن جا سگنل انتهائي ڪمزور زمين تي پڄندا آھن . جيڪي ھڪ 15 واٽ بلب جي 
0.000,000,000,000,0001 حصي برابر. يعني زيرو بلب وائجر جي سگنل کان 150,000,000,000,000,000 وڌيڪ آھي. 

ھي زمين کي 14.6 ڪلاڪن ۾ ھڪ MB ڊيٽا موڪليندو آھي. يعني في سيڪنڊ 160 بائيٽس ڊيٽا موڪليندو آھي. اڄ جو سڀني کان گھٽ نيٽ به 1 MB  10،48،576 بائيٽ في سيڪنڊ آھي. ھي 6554 فيصد وائجر کان تيز آھي. 

ھن جي ميموري 69.63 kB آھي. ھن کان آء فون جي ميموري 240،948 فيصد وڌيڪ آھي. 

ھڪ پندرنھن منٽ جي وڊيو کي سيو ڪرڻ لاء اسان کي 12،500 وائجرن جي ميموري درڪار ھوندي. 

ھن جو ڊيٽا پروسيسنگ رفتار 81،000 instruction في سيڪنڊ آھي جڏھن ته آء فون 6 جي ڊيٽا پروسيسنگ 3،360،000،000 instruction في سيڪنڊ آھي.  
ھي 1 جنوري 2016 تي 20،100،000,000 ڪلو ميٽر مفاصلو طئي ڪري چڪو ھو . ھن وقت وائجر کي براه  راست ڏسڻ لاء ھن لنڪ تي وڃو

  .https://theskylive.com/voyager1-tracker

No comments:

Post a Comment