Pages

Saturday, 17 November 2018

وٽامن بي Vitamin B


اصغر ساگر 
وٽامن بي اسان جي جسم لاء وڏي اھميت رکي ٿي. ھي وٽامنن جو مجموعو آھي. ھن ۾ وٽامن بي 1 Vitam B1 ۔وٽامن بي 2  Vitamin B2۔ وٽامن بي 3  Vitamin B3۔ وٽامن بي5  Vitamin B5۔ وٽامن بي 6  Vitamin B6 ۔ وٽامن بي7  Vitamin B7۔ وٽامن بي 9  Vitamin B9 ۽ بي 12  Vitamin B12 اچي وڃن ٿيون. ھي تمام وٽامن صحت لاء اھميت رکن ٿيون. ھنن جي گهڻي استعمال سان جسم کي نقصان نٿو پھچي ڇوجو اھي جسم اندر پاڻي ۾ حل ٿي وڃن ٿيون ۽ پيشاب جي رستي خارج ٿي وڃن ٿيون. ان جي ابتڙ وٽامن اي Vitamin A۔ وٽامن ڊي Vitamin D ۽ وٽامن اي Vitamin E چرٻي ۾ جذب ٿي چرٻي کي وڌائن ٿيون ۽ نقصان ڏين ٿيون. وٽامن بي جي کوٽ جي ڪري دل ۽ اعصاب ڪمزور ٿي وڃن ٿا ۔ چمڙي تي خارش ٿي وڃي ٿي ۽ بک گهٽ لڳي ٿي. جگر ،معدي ۽ بدن ۾ ٻين مرضن پيدا ٿيڻ جو وڏو سبب گھڻو ڪري هن وٽامن جي گهٽتائي هوندي آهي. 
وٽامن بي ڪيترن ئي مرڪبن جي ڳٽڪو آهي جن کي وٽامن بي ڪمپليڪس جو نالو ڏنو ويو آهي. ھي ڪيميائي طرح گڏيل سڏيل وٽامن هوندي آهي جنھن ۾ ٿائمين، رائبوفليوين، نائي سين، پري ڊوڪسن، فولڪ ائسڊ، نڪوٽنڪ ايسڊ ۽ سائينو ڪوبالمين شامل آهن. رائبو فليون خمير ۽ کير ۾ موجود هوندو آهي ان جي ڪمي سان فوٽو فوبيا ۽ چمڙي جا مرض پيدا ٿين ٿا. نڪوٽنڪ ايسڊ کير ۽ بيضي جي زردي ۾ موجود هوندو آهي انجي ڪمي سان پيلاگرا جو مرض ٿئي ٿو.
وٽامن بي اناج جي کلن ۽ ٻجن ۾ جام ٿئي ٿي.ڪڻڪ، چانور،
ٻاجھري ،مڪئي ۽ جوئر ۾ هن وٽامن جا خزانا موجود آهن پر ان لاءِ ضروري آهي تہ ڄاڻايل اناج جي اندرين کلن کي باقي رکيو وڃي ۽ انهن جي اٽي کي ڇاڻيو نہ وڃي .خاص ڪري هي وٽامن مشين جي پيٺل اٽي ۾ ضايع ٿي وڃي ٿي.
ڪڻڪ جي ماني انساني غذا جو وڏو ذريعو آهي. جيڪڏهن
اٽي کي نہ ڇاڻيو وڃي تہ انساني جسم ۾ وٽامن جي کوٽ جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي . وٽامن بي جي کوٽ مرضن جو اهم سبب بنجندي آهي. سايون ڀاڄيون جھڙوڪ بصر،
پٽاٽا، ٽماٽا، مٽر ۽ گجر نھايت سستا کاڌا آهن ۽ اهي وٽامن بي جا ڀرپور خزانا آهن . وٽامن بي مغزن ۽ دالين ۾ بہ چڱي انداز ۾ موجود آھي .ساين ڀاڄين کي ضرورت کان وڌيڪ رڌڻ سان انهن مان وٽامن بي ضايع ٿي وڃي ٿي.
وٽامن بي کير ۔ مڇي ۔ بيدي ۔ گوشت ۔ دال ۔ ڪيلي ۔ اسٽرابيري ۔ بادام ۔ اخڙوٽ ۔ گجر ۔ ڪيڪڙو ۔ مٽر ۔ اڇي گجر ۔ ڳاڙھي لوبيا ۔ پيز ۔ ادرڪ ۔ سنڍ ۔ بصر ۔ شملا مرچ ۔ بند گوبي ۔ کيري ۔ ٿوم ۽ پنن وارين سبزين ۾ پاتي وڃي ٿي.
وٽامن بي جي گروپ ۾ 8 وٽامن شامل آھن. ھي وٽامن پاڻي ۾ حل ٿي وڃن ٿيون. جسم ۾ پاڻي ۾ حل ٿيڻ جي ڪري جسم ۾ ذخيرو نٿيون ٿين ۽ جسم کي طاقت ڏيئي جسم مان خارج ٿي وڃن ٿيون. ان کان علاوه انهن جو وڌيڪ ڪم جسم جي اندر گهرڙاتي تبديلي ۾ ٿئي ٿو.
وٽامن بي جو ڪم نشاستي Carbohydrate ۔ پروٽين Protein  ۽ فيٽ Fat مان توانائي حاصل ڪري ۽ گهرڙن جي استعمال ۾ آڻڻ آھي. گهرڙاتي تبديلي Metabolism کان علاوه  وٽامن بي جا ڪجھ مخصوص ڪم ٿين ٿا. وٽامن بي جو اثر ڏسڻ لاء وٽامن جي کوٽ ۽ علامتون ڏٺيون وڃن ٿيون جن جي مدد سان وٽامن ڪي جي مخصوص ڪمن جو اندازو ٿي وڃي ٿو.

وٽامن بي1                                               Viatmin B1
وٽامن بي1 کي ٿيامين Thiamine بہ چيو وڃي ٿو. وٽامن بي1 اسان کي اناج ۔ اٽي ۔ ماني ۔ جيري ۔ بڪي ۔ دل ۔ ڳئون جي گوشت ۔ مڇي ۔ ڪڪڙ ۔ دالن ۔ مٽر ۔ تر ۔ ڪانجو ۔ ڦرين ۔ مغزن ۔ کير ۽ ساون پنن وارين ڀاڄين مان ملي ٿي. هي وٽامن پنهنجي اعصابي سرشتي جي سگنل کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي، خاص طور تي اهي جيڪي توهان جي جينياتي عضون ڏانهن ويندا آهن. ھي وٽامن اسان جي جسم ۾ نشاستي کي ھضم ڪري توانائي ۾ تبديل ڪري ٿي ۔ ٿڪ دور ڪري ٿي ۔ بک لڳڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ٿايامين جي کوٽ ٿي وڃي  تہ بيري بيري جي بيماري ٿي وڃي ٿي ۔ اعصابي
نظام ۾ سستي اچي ٿي ۔ وزن ۾ کوٽ ۔ ويسر ۔ ٽنگن پنين ٻانھن ۾ پٽ ۔ بي ربط ڌڙڪن ۔ جسم تي سوڄ ۔ ٿڪ ۔ ياداشت ڪمزور ٿي وڃي ٿي. شراب ۽ سگريٽ پيئڻ وارن ۾ بي 1 جي کوٽ عام ڳالھ آھي ۽ قبض ۔ ياداشت جي کوٽ ۔ پيٽ جي ڀرتي ۔ معدي ۽ آنڊي جي سوزش وغيرھ ٿئي ٿي.

وٽامن بي2                                               Vitamin B2 
ھن وٽامن کي رائبوفليون Riboflavin پڻ سڏيو وڃي ٿو.
وٽامن بي 2 اسان کي دل ۔ بڪي ۔ جيري ۔ بيدي ۔ اناج ۽ سبزين مان ملي ٿي. وٽامن بي ٽو ۾ ٻڪري جو گوشت ۔ رڍ جو گوشت ۔ کير ۔ ڏھي ۔ کنڀي ۔ پالڪ ۔ بادام ۽ سامن مڇي اچي وڃي ٿي. ھي وٽامن اسان جي چمڙي ۔ نڪ ۔ ڪن ۔ چپن ۔ ۽ زبان لاء مفيد آھي. ھن جي کوٽ جي ڪري چپ پچي وڃن ٿا ۔ زبان قرمزي رنگ جي ٿي وڃي ٿي ۔ زبان سڄي وڃي ٿي ۔ اکين ۾ جلن پيدا ٿي وڃي ٿي ۔ اکين ۾ سوزش شروع ٿي وڃي ٿي ۔ نظر گهٽ ٿي وڃي ٿي ۔ چپ ڏري پون ٿا. وٽامن بي2 جي کوٽ ۾ ڳلي ۾ بار بار خرابي ۔ اس نہ سھي سگهڻ ۔ زبان جي سوزش ۔ چمڙي ۾ خشڪي ۽ مٿي جي خشڪي شامل آھن.

وٽامن بي3                                                Vitamin B3
وٽامن بي3 کي نياسن Niacin بہ سڏيو وڃي ٿو. ھي وٽامن اسان کي ڪڪڙ ۔ گوشت ۔ منڱ ۔ بيدي۔ کنڀي ۔ ڊبل روٽي ۔ دل ۔ بڪي ۔ ڦڦڙ ۔ اناج ۔ مغز ۔ ٽونو مڇي ۽ سبزين مان حاصل ٿئي ٿي. ھي نشاستيدار کاڌن کي ھضم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. دماغي نظام ۔ چمڙي ۔ معدي ۽ آنڊن کي درست ڪري ٿي. ڪوليسٽرول لاء وٽامن بي 3 ضروري آھي. ھي وٽامن ھاضمي کي درست رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۽ چمڙي کي تر رکي ٿي.
ھن وٽامن جي کوٽ جي ڪري Pellagra جي بيماري ٿي وڃي ٿي. علامتن ۾ شديد غصو ۔ لڙائي جهڳڙو ۔ چمڙي جي خارش ۔ ننڊ جي کوٽ ۔ جسماني ڪمزوري ۔ پيٽ جي خرابي ۽ دست شامل آھن. ويسر ھن وٽامن جي کوٽ جي ڪري ٿئي ٿي ۽ ڪمزوري ۔ چمڙي جا مرض ۔ ڳڙ ۔ ڦرڙيون ۔ داڻا ۔ ٽڪا وغيرھ ٿي وڃن ٿا. ھن جي کوٽ جي ڪري ۔ دست ۔ پيچش ۽ ھاضمي جي خرابي ٿي وڃي ٿي ۔ ننڊ نہ اچڻ بہ وٽامن بي3 جي کوٽ کي ظاھر ڪري ٿي.

وٽامن بي5                                                Vitamin B5
ھن وٽامن کي پينٽاٿينڪ ايسڊ Pantothenic acid سڏيو وڃي ٿو. جيڪڏھن پينٽاٿينڪ ايسڊ جي کوٽ ٿي وڃي تہ جسم تي داڻا ۔ جسم ۾ درد ۔ طبيعت ۾ بيزاري جھڙيون علامتون پيدا ٿي وڃن ٿيون. ھن وٽامن ۾ ٽماٽو ۔ ڪڪڙ ۔ مڇي ۔ ڏھي ۽ گوبي شامل آھن.

وٽامن بي6                                              Vitamin B6
ھن وٽامن کي پارا Pyridoxine بہ سڏيو وڃي ٿو. وٽامن بي 6 جسماني قوت مدافعت کي ضابطي ۾ رکي صحتمند زندگيء جو سبب بڻجي ٿي ۔ ساهه کڻڻ واري سرشتي کي بهتر بڻائي ٿي ۽ دماغ جي صحت رکڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. پاراڊاڪسن جي ڪمي سان چمڙي ۾ سوزش ۔ خارش ۔ ڊپريشن ۔ اعصابي نظام جي ڪزوري ۔ سستي ۔ ٿڪ ۔ اکين جي ڳاڙھاڻ اچي وڃي ٿي. ھن وٽامن ۾ ڪيلو ۔ پالڪ ۔ ساڳ ۔ سبزيون ۔ اڇي گجر ۔ صوف ۔ ٿوم وغيرھ شامل آھن.

Vitamin B7   or  Vitamin B8
وٽامن بي7   يا   وٽامن بي8

ھن وٽامن کي بائيوٽن Biotin پڻ چيو وڃي ٿو. ان کان سوا وٽامن بي7 کي وٽامن بي8 يا وٽامن ايڇ سان سڏيو وڃي ٿو. بائيوٽن جي کوٽ وڏن جي بنسبت ننڍن ۾ وڌيڪ پاتي وڃي ٿي جنھن جي ڪري ٻارن جي نشونما رڪجي وڃي ٿي. ھن کي وٽامن H بہ چيو وڃي ٿو. ھن جي کوٽ جي ڪري وار ۽ ننھن ڪرن ٿا يا انهن ۾ خرابي پيدا ٿي وڃي ٿي. وٽامن بي7 ۾ بيدا ۔ بصر ۔ گوبي ۔ باداميون ۔ املوڪ ۔ ٽماٽا ۔ ڪانجو ۔ ڪيلا ۔ اسٽرابيري ۔ کير ۔ اخڙوٽ ۔ سيلمن مڇي ۽ سبزيون اچي وڃن ٿيون.

وٽامن بي 9                                               Vitamin B9
ھن کي فولڪ ايسڊ يا فوليٽ Folic acid يا Folate پڻ سڏيو وڃي ٿو. فولڪ ايسڊ يا وٽامن بِي 12 ۽ بي 9 عورتاڻي ڪينسر کان بچاء جو هڪ اهم ذريعو آهي.
 فولڪ ايسڊ جي کوٽ ٿي وڃي ٿي جنھن کي ايناميا چيو وڃي ٿو. حاملہ عورتن ۾ فولڪ ايسڊ جي کوٽ جي ڪري پيدائشي نقص وارا ٻار پيدا ٿين ٿا. ھن وٽامن ۾ چقندر ۔ گوگڙو ۔ سبزيون ۔ سفيد لوبيا ۔ ڀينڊي ۔ پالڪ ۔ بيدا ۔ دالون ۔ گوبي ۔ انب ۔ نارنگي ۔ کٽا ميوا ۽ مڇي جا ڪيترائي قسم اچي وڃن ٿا.

وٽامن بي12                                           Vitamin B12
ھن وٽامن کي ڪوبالامين Cobalamin بہ سڏيو وڃي ٿو. ڊومينيا ۔ پارونيا ۔ ڊپريشن ۔ انتھائي ٿڪ ۔ ڪمزوري ۽ روين جي تبديلي جھڙيون نفسياتي حالتون وٽامن بي 12 جي کوٽ جي ڪري پيدا ٿي سگهن ٿيون. ھن وٽامن جي کوٽ جي جي ڪري ياداشت جي کوٽ ۔ اعصابي نظام جي ڪمزوري ۔ رت جي کوٽ ۔ ٿڪ ۔ ڊپريشن ۔ سستي ٿي وڃي ٿي.
وٽامن B12 ۾ گوشت ۔ پنير ۔ کير ۔ مڇي ۔ ٽونو مڇي ۽ بيدا اچي وڃن ٿا. ڪنوار ٻوٽي وٽامن بي 12 ۾ موجود ٿئي ٿي. وٽامن بي12 اعصابي نظام کي منظم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ھي وٽامن ڳاڙھن گهرڙن جي تشڪيل ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. بيدا ۽ پنير ھن وٽامن جو وڏو ذريعو آھن. وٽامن بي 12 جي کوٽ جي ڪري پوڙھن ۾ اينيميا ۽ الجهن پيدا ٿي سگهي ٿي.

ڪمزور ٻارن لاء مفيد :-
خوراڪ جي کوٽ جي شڪار ٻارن کي جيڪڏهن خوراڪ سان گڏوگڏ وٽامن ڊي مقدار ۾ کارائي وڃي تہ هو تيزي سان تندرست ٿي وڃن ٿا ۽ انهن ۾ زبان ڄاڻڻ ۽ جسماني حرڪتن وارو نظام (موٽر سسٽم) تيزي سان بهتر ٿي وڃي ٿو. خوراڪ جي سخت کوٽ يا سيويئراڪيوٽ ميل نيوٽريشن خوراڪ جي گهٽتائي جي هڪ اهڙي شڪل آهي جيڪا بلڪل واضح نموني نظر ايندي آهي، جنھن جي ڪري ٻارن جو قد ننڍڙو ٿيندو آهي، اهي تمام گهڻو ڪمزور هوندا آهن ۽ انهن جي جسمن تي گوشت جي گهٽتائي هوندي آهي.انکاسواءِ انهن جي منھن تي، پيرن ۽ ٻين عضون تي سوڄ نمايان نظر ايندي آھي. انهن ٻارن ۾ عام طور تي وٽامن ڊي جي کوٽ هوندي آهي، جيڪا هڏن ۽ پٺن جي لاءِ تمام گهڻو ضروري هوندي آهي ۽ جسم جي دفائي نظام کي مضبوط بڻائيندي آهي. جيڪڏهن خوراڪ جي گهٽتائي وارن ٻارن ۾ وٽامن ڊي پڻ گهٽ ٿي وڃي تہ ان سان پُٺا ڳرڻ لڳندا آهن.  انڪري ماهرن جو خيال آهي تہ خوراڪ جي کوٽ جي شڪار ٻارن کي مناسب خوراڪ سان گڏوگڏ وٽامن ڊي جو مناسب مقدار کارايو وڃي تہ ان جا فوري طور تي بھتر نتيجا نڪرندا.


No comments:

Post a Comment