اسان جو شمسي نظام
"زاهد آرائين"
ڏهون حصو۔
يورينس۔ URANUS ۔
يورينس مفاصلي جي لحاظ کان اسانجي شمسي نظام جو ستون نمبر گرھ آھي۔ جديد زماني جو دريافت ٿيندڙ ھي پھريون گرھ آھي.
ان کان پھرين قديم اسٽرونومرز رڳو مرڪري، زھرہ ، مريخ ، مشتري ۽ زحل تي ڳالھائيندا ھئا ۽ انھن تي ريسرچ ڪندا ھئا. يورينس جي کوجنا اسان جي نظام شمسي جي حدن کي اڳيان وڌائي ڇڏيو جيڪي مشتري تائين محدود ھو. ھي گرھ 13 مارچ 1781ء ۾ سر وليئم مارشل دريافت ڪئي. ھي ٽيلي اسڪوپ ذريعي دريافت ٿيندڙ پھريون گرھ پڻ آھي . جيتوڻيڪ ھن کي پراڻي زماني ۾ ڪڏھن به گرھ نه مڃيو ويو . ڇو ته ھي گھٽ چمڪندو آھي ۽ ھن جو چڪر پڻ آھستي آھي. ڏسڻ ۾ ھي صفا ستارن وانگي نظر ايندو آھي. شروع ۾ ھرشل به ھن کي ستارو سمجھندو رھيو. ھرشل کان علاوه به ڪئي علم نجوم جي ماھرن ھن کي ستارو سمجھندا رھيا. سويڊش علم نجوم جي ماھر Anders John Lexell ھن جي مدار تي ريسرچ ڪيائين ۽ ان کي سياري وانگي ڏٺائين. ھن ٻڌايو ته ھرشل جو دريافت ڪيل آسماني جسم درحقيقت ھڪ گرھ آھي جيڪو ٻين گرھن وانگي سج کي مدار ۾ پڻ ڦري ٿو.
ھن جو نالو King George 3 رکيو ويو پر ھي نالو قبول عام نه ڪيو ويو. ٻين گرھن وانگي ھن جو نالو به رومن ميٿالوجي جي تحت يورينس رکي ھن کي قبول عام ڪيو ويو. جيڪو رومن ميٿالوجي ۾ زحل جو پي ۽ مشتري جو ڏاڏو آھي. رومين جو آسماني ديوتا پڻ آھي.
يورينس اسان جي نظام شمسي جو وزن ۾ چوٿون وڏو گرھ آھي. ھي سج کان ٽي بلين ڪلو ميٽر پري آھي. سج جي روشني ھن تائين پڄڻ ۾ اڍائي ڪلاڪ لڳن ٿا. گھڻو پري ھئڻ ڪري سج جي روشني زمين جي مقابلي ۾ 400% سيڪڙو گھٽ پڄي ٿي.
يورينس سج جو چڪر 84 زميني سالن ۾ مڪمل ڪندو آھي. پنھنجي مدار ۾ ھي ھڪ چڪر 17 ڪلاڪ چوڏھن منٽن ۾ پورو ڪندو آھي. ھن چڪر دوران ھن تي رات ڏينھن ناھن ٿيندا. ڇو ته ھي 90 ڊگري تي جھڪيل آھي. ڪجھ وقت لاء ھن تي رات ڏينھن وارو ڦيرو ٿئي ٿو.
يورينس جسم ۾ نيپچون کان ٿورو وڏو آھي. ھن جا 27 چنڊ آھن. يورينس کي چوڌاري تيرنھن کن گول دائرا زحل وانگي پڻ آھن. جيڪي پٿر ۽ برف جا ٽڪڙا آھن. اھي رنگ اسان مشتري ، زحل، نيپچون تي پڻ ڏٺا آھن. ھن جي چنڊن جا نالا پوپ ۽ شيڪسپيئر جي ڪردارن مان ورتل آھن.
يورينس جو درجه حرارت ڪاٽو 224 ڊگري آھي. جيڪو اسان جي نظام شمسي جو سڀ کان ٿڌو گرھ آھي. ان لاء ھن کي ۔Ice Giant۔ برفاني پربت چئبو آھي. ھن تي ھوا جي اسپيڊ 560 ميل في ڪلاڪ تائين ھجي ٿي. سج کان ھن جو مفاصلو زحل کان ٻيڻ آھي.
هڪ تازي تحقیق ۾ فلڪيات جي ماهرن چيو آهي ته جيڪڏهن يورينس کي شمسي نظام جو سڀ کان وڌيڪ بدبودار سيارو چيو وڃي ته غلط نه هوندو. ڪيترن ئي ڏهاڪن جي تحقيق بعد پهريون ڀيرو اهو چيو ويو آهي ته هن جي بادلن ۾ هائيڊورجن سلفائيڊ موجود آهي جيڪو تمام جلد بدبو جو سبب بڻبو آهي. ان کان اڳ جهڙ جي ڪيميائي ترڪيب ڄاڻن لاءِ ڪو به بهتر طريقو سامهون نه آيو هو پر ايتري ڄاڻ هئي ته ميٿين گيس جي موجودگي ۾ هي سيارو نيلگون مائل ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ان بعد ناسا جو وائيجر ٻيو خلائي جهاز جڏهن يورينس جي ڀرسان گذريو ته هن اتي هائيڊروجن ۽ هيليئم جي موجودگي جو انڪشاف پڻ ڪيو. ان بعد هي خلائي جهاز يورينس کان پري ٿيندو ويو ۽ ان سياري تي خاص تحقيق نه ٿي سگهي. هاڻي خبر پئي آهي ته يورينس تي پاڻي، امونيا ۽ هائيڊروجن سلفائيڊ پڻ لڌا ويا آهن. طاقتور جيمينائي دوربين سان آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ماهرن هڪ خاص قسم جي اسپيڪٽرو اسڪوپي جي ذريعي جڏهن يورينس جي جهڙ کي ڏٺو ان ۾ گيس جي هڪ باريڪ پرت نظر آئي جيڪا هائيڊروجن سلفائيڊ تي ٻڌل آهي. اهڙي نموني يورينس تي امونيا ۽ هائيڊروجن سلفائيڊ ٻئي موجود آهن ۽ اهي ٻئي تيز ڌپ پيدا ڪندڙ گيس آهن، فلڪيات جي ماهرن موجب هائيڊروجن سلفائيڊ جي دريافت مان هن سياري جي ڪيترن ئي رازن جي کلڻ ممڪن بڻجي ويو آهي. يورينس جو اوسط درجه حرارت 200 درجه سينٽي گريڊ آهي. ياد رهي ته هائيڊروجن سلفائيڊ اهڙو گيس آهي جيڪو تيل جي کوهن مان پڻ خارج ٿيندو آهي، جڏهن هن جي ڌپ سڙيل انڊي جهڙي تيز ۽ سخت تڪيلف ڏيندڙ آهي.
20 آگسٽ 1977 تي موڪليل وائجر2
24 جنوري 1986 ۾ يورينس جي سسٽم داخل ٿيو. وائجر 2 يورينس ڏانھن موڪليل پھريون ۽ آخري اسپيس ڪرافٽ آھي.
ناسا مسقبل جي منصوبن ۾ 2020 کان 2023 جي وچ تائين وائجر 2 کان بھتر ۽ جديد خلائي جهاز یورینس ڏانهن موڪليندي، جيڪو مریخ، مشتری ۽ زحل کان ٿيندو 13 سال جي سفر کانپوء یورینس تي وڃي پهچندو۔۔۔
No comments:
Post a Comment