Pages

Tuesday, 20 November 2018

اسان جو شمسي نظام ستون حصو . Mars مريخ

اسان جو شمسي نظام
"زاهد آرائين" 

ستون حصو
......................... Mars مريخ ۔۔....................
مريخ نظامي شمسي جو ڇوٿون گرھ آھي ۽ ٻيو ننڍي ۾ ننڍو گرھ آھي مشتري کان پوء . مريخ جو نالو روم جي جنگي ديوتا جي نالي پٺيان رکيو ويو آهي هن کي ڳاڙو گرھ بہ چئبو آهي ڇاڪاڻ تہ مريخ جو مٿاڇرو آئرين آڪسائيڊ جي مٽي سان ڍڪيل آهي جيڪو ان کي ڳاڙو ڪلر ڏي ٿو. مريخ ڌاتو ۽ پٿريلي مادو جو ٺهيل گرھ آھي جنهن جو ماحول ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جي تھ سان ڍڪيل آهي. هن جو مٿاڇرو زمين سان مشابهت رکي ٿو . مريخ تي ريگستان واديون قطبن تي برف سان ڍڪيل پهاڙ موجود آهن هن جي گردش ۽ موسم جو چڪر پڻ زمين سان ملندڙ آھي . مريخ تي جبل اولمپس موجود آهي جيڪو نظامي شمسي جو ٻيو وڏو جبل ۽ وڏو ولڪينو پڻ آهي. مريخ تي موجود واڌي مرينرز نظامي شمسي جي وڏي گهري واڌي آهي. مريخ کي ٻہ قدرتي چنڊ آهن ڊائيموس ۽ فوبوس جيڪي ننڍا ۽ بيڍولا آهن.

چنڊَ........ ٻہ (ڊائيموس)، (فوبوس)
قطر.................... 6780 ڪلو ميٽر
نيم قطر............. 3389.5± ڪلو ميٽر
ايراضي.... 144789500 ايسڪوئر ڪلو ميٽر
گرمي پڌ........................... 35 ڊگري
گردش(ڏينهن)........... 24 ڪلاڪ ۽ 40 منٽ
چڪر(سال).......................... 687 ڏينھن
ماحول.... 95.97 سيڪڙو ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ
سج کان فاصلو............... 228 ملين ڪلو ميٽر

مريخ تي هلندڙ تحقيق اتي ماضي ۾ انساني آبادڪاري ۽ زندگي جا آثار تلاش ڪرڻ ۾ مصروف آهي جڏهن تہ مريخ جي مٿاڇري تي اڃا تائين پاڻي پاڻياٺ واري حالت ۾ نہ مليو آهي ڇاڪاڻ تہ مريخ تي زمين جي ڀيٽ ۾ گهٽ داٻ آهي . پر مريخ جي ٻنهين قطبن تي برف جي تھن سان ڍڪيل آهن. ان جو ڏکڻَ وارو برف تھ اگر پگرجي تہ لڳ ڀڳ سموري مريخ جي مٿاڇري کي ڇهن فوٽن سان ڍڪي ڇڏيندو. ناسا وارن 2016 ۾ يوٽوپيا پلينٽيا واري علائقي ۾ زير زمين برف جو هڪ وڏو تھ دريافت ڪيو هو جنهن جي پاڻي جو مقدار ليڪ سوپيرير جي برابر آهي. مريخ کي کليل اک سان زمين تان آساني سان ڏسي سگهجي ٿو.۔۔۔
هيٺ ڊنل مريخ جي تصوير ناسا جي هبل دوربين سان نڪتل آھي جڏھن مريخ زمين کان 68 ملين ڪلوميٽر پري هو۔

No comments:

Post a Comment