اسان جو شمسي نظام
"زاهد آرائين"
ٽيون حصو
...............Earth۔۔زمين۔۔ (Part-1).................
نظام شمسي ۾ زمين سج کان ٽيون نمبر گرھ (planet) آھي ۽ اڄ تائين جي انساني ڄاڻ مطابق ڪائنات جو واحد گرھ آھي جنھن ۾ زندگي موجود آهي ريڊيو ميٽرڪ تاريخن جي طريقي مطابق زمين جي عمر 4.5 ارب آهي. زمين شمسي نظام جو پنجون وڏو گرھ آھي. کيس ھڪ قدرتي سيٽلائيٽ آھي جنھن کي زمين جو چنڊ سڏيو ويندو آهي. سائنسدانن مطابق زمين گولڊيلاڪس زون ۾ واقع آھي. ان زون ۾ سج جي ڀرسان اھڙا گرھ اچي وڃن ٿا جيڪي نہ زياده ٿڌا ھوندا آھن نه وري زياده گرم ان ڪري اھي زندہ مخلوقن جي رھائش لاء موافق ھوندا آھن. زمين جو سج جي چوڌاري گردش وارو مدار (orbit) جملي 149,600,000 ڪ م آھي جيڪو سج کان 1.00 آسٽروناميڪل يونٽ جي فاصلي تي آھي. زمين جو قطر diameter جملي 12,756.3 ڪ م آھي ۽ ان جو مايو (mass)_ 5.972e24 kg آھي. اھو واحد گرھ آهي جنھن جو نالو يوناني يا رومن ڏند ڪٿائن مان ناھي ورتل. ان جو نالو ارٿ پراڻي انگلش ۽ جرمنيڪ مان نڪتل آهي. زمين جا ٻين ٻولين ۾ به سو کان وڌيڪَ نالا آھن.
۔۔ زمين جا تھ ۔۔
سورھين صديءَ ۾ سڀ کان اول ڪوپرنيڪس ٻڌايو تي زمين بہ ھڪ گرھ آهي ، ان کان اول ان ڳالھ جي خبر ڪانه پئي ھئي. زمين مختلف تھن ۾ ورھايلآھي ھر تھ جون ڪيميائي ۽ ڀونچالي خاصيتون الڳ الڳ آھن. زمين جي تھن جي اونھائي ڪلوميٽرن ۾ ھيٺين ريت آھي:
مٿاڇرو (Crust) مٿان کان 40 ڪ م تائين.
مٿيون تھ(Upper mantle) جملي40 کان400ڪ.م
ٽرانزيشن ريجن 400 کان 650 ڪ.م.
ھيٺيون تھ (Lower mantle)جملي 650 کان 2700ڪ.م.
ڊي ليئر جملي 2700 کان 2890 ڪ.م.
ٻاھريون ڪور ٽوٽل 2890 کان 5150 ڪ.م.
اندريون ڪور 5150 کان 6378 ڪ.م.
زمين جو ڪرسٽ يا مٿاڇرو ۽ انر ڪور سخت ھوندا آھن. آئوٽر ڪور ۽ مينٽل ليئرن جا قسم پلاسٽڪ وارا ۽ نيم پاڻياٺ ھوندا آھن. زمين جي ڪور ۾ گھڻي ڀاڱي لوھ يا نڪل موجود آهي. خيال آھي ته ڪجھ ھلڪا عنصر به اتي ٿي سگھن ٿا .زمين جي ڪور جي وچ جو گرمي پد 7500k آھي جيڪو سج جي مٿاڇري جي گرمي کان به زياده آھي. اڄ تائين رڳو اپر مينٽل ليئر جو سيمپل ملي سگھيو آھي جيڪو ٻرندڙ جبل جي لاوا مان ورتل آهي باقي ٻيا ھيٺيان تھ اڃان تائين پھچ کان ٻاھر آھن. انھن اندروني تھن بابت ڄاڻ ۽ اندازا سيسمڪ ٽيڪنڪس ذريعي مليا آهن.
ماس ايڪسٽنڪشن نالي مختلف وقتن تي ٿيل 5 وارداتن زمين تي پيدا ٿيل 99 سيڪڙو جنسن کي ختم ڪري ڇڏيو. ان جي باوجود به هن وقت زمين تي جاندارن جون 10 کان 15 لک جنسون موجود آهن. اسان جي شمسي نظام ۽ ڌرتيءَ ساڍن چئن کان 5 ارب سال اڳ وجود ورتو. ان کان پوءِ ڌرتيءَ تي جاگرافيائي ۽ ارضياتي ڀڃ ڊاهه ۽ تبديلين جو ڊگهو سلسلو هليو، جنهن مختلف وقتن ۾ مختلف قسمن جي حياتين کي جنم ڏنو، نابود ڪيو يا تبديل ڪيو. سائنسدان انهن ارضياتي تبديلين جو رڪارڊ ٺاهڻ ۾ وڏي حد تائين ڪامياب ٿي ويا آهن.
۔۔۔زمين جي تاريخ۔۔۔
ڌرتيءَ جي جنم کان وٺي پري ڪئمبرين تائين جو ڊگهو عرصو ازوئڪ جُڳ ھيو ، جيڪو ڌرتيءَ جي عمر جي اڌ کان وڌيڪ حصي تي ٻڌل آهي، ان عرصي ۾ زمين تي ڪابه زندگي ڪونه هئي. ڪئمبرين کان اڳيون وقت (Pre-Cambrian Period): هڪ ارب 20 ڪروڙ سال اڳ کان وٺي سٺ ڪروڙ سال اڳ تائين جو اهو دؤر جڏهن ڌرتيءَ جا سڀ کان قديم جبل ۽ ٽڪريون ٺهڻ شروع ٿيون. ان عرصي ۾ زندگي جنم وٺي چڪي هئي، پر تمام گهٽ.
ان کان پوءِ پيليوزوئڪ جُڳ (Palaeozoic Era)شروع ٿيو، ماهرن هن جُڳ کي ڌرتيءَ جو اوائلي ارتقا وارو جڳ ڪري ليکيو آهي، جيڪو سٺ ڪروڙ سال اڳ کان شروع ٿي، ساڍا ٻاويهه ڪروڙ سال اڳ ختم ٿي ويو. ڌرتيءَ ۽ زندگيءَ جي ارتقائي مرحلن جو تعين ڪرڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ماهرن پيليوزوئڪ جُڳ کي ڇهن زمانن ۾ ورهايو آهي:
1. ڪئمبرين زمانو: سٺ ڪروڙ سال اڳ کان پنجاهه ڪروڙ سال اڳ تائين پکڙيل هن دؤر ۾ ابتدائي سامونڊي مخلوق جنم ورتو، جيڪا لڳلڳدار مادي جهڙي هئي
2. آرڊوويشين زمانو: پنجاهه ڪروڙ سال اڳ کان چوئيتاليهه ڪروڙ سال اڳ تائين، ان عرصي ۾ سامونڊي زندگيءَ ڪوڏن جي صورت تائين ترقي ڪئي.
3. سليورين زمانو: چوئيتاليهه ڪروڙ سال اڳ کان چاليهه ڪروڙ سال اڳ تائين جو زمانو، جنهن ۾ سامونڊي سُرڻن جنم ورتو.
4. ڊيوونين زمانو: چاليهه ڪروڙ سال اڳ کان 35- ڪروڙ سال اڳ تائين وارو زمانو، جنهن ۾ اسٽار فش ۽ ٻيون مڇيون نظر اچن ٿيون. پنج ڪروڙ سالن جي عرصي ۾ پکڙيل هن زماني ۾ پهريون ڀيرو اهڙا جانور به نظر اچن ٿا، جيڪي هڪ ئي وقت پاڻي ۾ ۽ خشڪيءَ تي رهي پئي سگهيا. انهن کي جل ٿلي (Amphibian) مخلوق چئجي ٿو.
5. ڪاربانيفيربس زمانو: ماهرن هن زماني کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. پهريون ۽ پويون. مجموعي طور تي هي زمانو اڄ کان 35 ڪروڙ سال اڳ شروع ٿي ستاويهه ڪروڙ سال اڳ ختم ٿي ويو. هن دؤر ۾ ڪوئلو به وجود ۾ آيو. حياتياتي لحاط کان هن عرصي ۾ خشڪيءَ جي زندگيءَ به وجود ورتو. جنهن ۾ کجي ۽ ناريل جهڙا وڻ ۽ اڏامندر ننڍڙا جيت به هئا.
6. پرمين زمانو: هي عرصو ستاويهه ڪروڙ سال اڳ کان ساڍا ٻاويهه ڪروڙ سال اڳ تائين برقرار رهيو، جنهن ۾ چئن پيرن تي هلندڙ مخلوق وجود ورتو.
۔۔جاري آھي۔۔
No comments:
Post a Comment