Pages

Tuesday, 20 November 2018

سيريز CERES

"ظهور احمد" 

اسان جي نظام شمسي جو سڀني کان ننڍي ۾ ننڍي بونو گرھ Dwarf planet مريخ ۽ مشتري جي وچ ۾ موجود پٿرن جي لنگھ يا واٽ Asteroid Belt ۾ موجود آھي. سڀني کان ننڍو ھجڻ باوجود نندن ۾ آنڱريون ڏيندڙ Mystery آھي. ھن جو نالو سيريز CERES آھي. 

1 جنوري 1801ء تي اٽلي جي تارن جي ڄاڻو گوزپ پيازي Giuseppe Piazzi ھن ننڍي گرھ جي کوج ڪئي. 1772ء ۾ John Elert Board اھو خدشو ظاھر ڪيو تہ مريخ ۽ مشتري جي وچ ۾ ڪو گرھ ٿي سگھي ٿو. جنھن جي کوج اڄان نه ٿي آھي. 1800ء ۾ 24 تجربه ڪارن جي ھڪ ٽولي ٺاھي وئي. جن کي نئي گرھ جي کوج جو ڪم ڏنو ويو. ھن ٽيم ڪافي شھابيا کوج ڪيا پر ڪو اھڙو شي نه مليو جنھن کي گرھ جو نالو ئي سگھجي. ان کان پوء گوزپ پيازي کي ان ٽيم ۾ شموليت جي دعوت ڏني وئي. دعوت کان پھريائين 1 جنوري 1801ء تي گوزپ ھڪ اھڙو شيء کوجي ورتو ھو جيڪو ڏسڻ ۾ ڪنھن تاري وانگر ھو. گوزپ ھن آسماني جسم کي 24 ڀيرا ورائي ورائي ڏٺو. ھن کي لڳو ته ڪو شھابيو آھي. 24 جنوري تي ھن پنھنجي ٻن دوستن کي خط لکي ھن کوج جي ڄاڻ ڏني.  ھن کي سيريز جو نالو ڏنو ويو. Ceres رومين جي ٻني ٻاري جي ديوي جو نالو ھو.

سيريز کي John Elert Board اھو غائب گرھ مڃيو جنھن جي اڳڪٿي ڪئي وئي ھئي. سيريز کي گرھ جو نشان به پڻ ڏنو ويو. ان زماني جي سڀني تدريسي ڪتابن توڙي رسالن ۽ اخبارن ۾ ھن کي گرھ جو درجو ڏنو ويو. ڪئي سالن تائين ھي اسان جي نظام جو پنجون گرھ سڏجندو رھيو. جڏھن ھن جي اوسي پاسي ننڍين ننڍين شين جي کوج ٿيندي وئي ته 1802ءتي سر وليئم ھرشل انھن کي Asteroids جو نالو ڏنو .  1860ء تائين ويليئم جي وضاحت کي قبول ڪيو ويو. ڇو ته اسان وٽ گرھ جو ڪو خاص بيان ڪرڻ جو طريقو نه ھو. 

پلوٽو جي کوج کان پوء ھڪ دفعو ٻيھر سيريز گرھ جي لسٽ ۾ اچي ويو. ڇو ته ان وقت تائين گرھ جي وضاحت لاء ٻه نڪتا ھئا.

1 شيء وٽ ايترو ماس ۽ گريوٽي ھجي جنھن سان ھن جو آڪار لڳ ڀڳ گول ٿي وڃي.
2 آسماني جسم جيڪو ڪنھن تاري جي چوڌاري ڦرندو ھجي جڏھن ته ھو پاڻ تارو يا ڪنھن گرھ جو چنڊ نه ھجي. 

سيريز انھن شرطن کي پورو ڪندي ٻيھر گرھ بڻجي ويو. 
24 آگسٽ 2006 ۾ ھن وضاحت کي وڌايو ويو ۽ ان ۾ ھڪ نڪتو اڃان شامل ڪيو ويو. 

3 ڪنھن بہ آسماني جسم کي تڏھن گرھ مڃيو ويندو جڏھن اھو ايترو وڏو ھجي جو پنھنجي حفاظت ڪري سگھي. 

ان آخري نڪتي تي سيريز پورو نه لٿو ڇو ته سيريز سان گڏ پٿرن جي وھڪري جا لکين پٿر به ھن سان گڏ سج جو چڪر ھڻن ٿا . ايئن سيريز ۽ پلوٽو ٻئين 24 آگسٽ 2006 تي گرھ جي ڀيٽ کان ٻاھر ٿي ويا. انھن لاء ھڪ نئون نالو بونا گرھ Dwarf planet متعارف ڪرايو ويو. 

سيريز 21 ھين صديء تائين ڪيئي مرحلن کان گذريو . اڄ اسان ھن کي بوني گرھ مڃون ٿا. سيريز اسان جي نظام شمسي جو سڀني کان ويجھو بونو گرھ آھي. سج کان لڳ ڀڳ 413،700،000 ايڪيتاليھ ڪروڙ ستٽيھ لک ڪلو ميٽر پري آھي. پٿرن جي وھڪري ۾ موجود سيريز ھڪ چڪر 1680 ڏينھن يعني 4.61 سال ۾ پورو ڪندو آھي. سيريز تي ھڪ ڏينھن 9 ڪلاڪ چار منٽ جو ٿيندو آھي. ھن جو ڊائيا ميٽر 950 ڪلو ميٽر آھي. جسامت جي ڳالھ ڪجي ته سڄي شھابين جي وھڪري جو 1/3 ٽيون حصو آھي

 جيڪو اسان جي چنڊ جو رڳو چار سيڪڙو آھي. سيريز جي بنياد پٿريلي آھي. ھن جي بنياد جي مٿان برف جي 100 ڪلو ميٽرن جي تھ آھي. ھن ۾ 200 ڪيوبڪ پاڻي ڄميل آھي جيڪي اسان جي ڌرتي جي پيئڻ جي پاڻي جا ڪيئي ڀاڱا وڌيڪ آھي. 

ھن جو مٿاڇرو Iron rich minerals , ڪاربونيٽ منرلس ۽ اھڙن انيڪ ھائيڊريٽ منرلن سان ٺھيل آھي جيڪي ھن جي اندر پاڻي ھجڻ جا مضبوط اشارا ڏين پيا. ھن جي وايو منڊل ۾ گھڻي مقدار ۾ Water Vaper ھجڻ جا ثابتي ملن ٿا. سيريز جي مٿاڇري جي گرمي پڌ 1991ء ۾ ماپيو ويو جيڪو ڪاٽو 38 ھو. ھتي گرمي پڌ ايترو آھي جو جو زندگي سولائي سان جنم وٺي سگھي ٿي. 

ڇا سيريز جي اتاھ اونھائين ۾ زندگي ساہ کڻي پئي؟ 

27 سيپٽمبر 2007 تي ناسا 4 ويسٽا ۽ سيريز جي مطالعي لاء Dawn خلائي مشن موڪليو. 6 مارچ 2015 تي ھي سيريز جي مدار ۾ ڪاميابيءَ سان داخل ٿي ويو. ھن سيريز جي چمڪندڙ علائقن جي کوج پڻ ڪئي. 2016 تي ناسا دعوا ڪئي ته سيريز تي چمڪندڙ علائقن جي ڪارڻ اڪيلي ۽ وڏي جوالا مکي آھون ٿي سگھي ٿو. ھي جولائي مکي 4 ڪلو ميٽر آھي. جنھن مان ڄميل برف ، امونيا ۽ ڪيئي لوڻ ٻاھر نڪرندا آھن جيتوڻيڪ ٻاھر نڪرندي ئي ڄمي ويندا آھن. ان نموني آھون جبل ٺھيو. 

سيريز اسان جي نظام شمسي جو اھو اڪيلو بونو گرھ آھي جنھن کي چنڊ نه آھي. ڪنھن وقت ھن کي جيولوجيڪل مئل چيو ويو پر ھاڻي اسان کي خبر آھي تہ ھي ٿورو ئي سھي پر زنده آھي. 

اھيا ڳالھ تعريف جوڳي آھي جو اسان سيريز ڏي توجھ ڏيون پيا ھن کان اسان کي ڪائنات جا ڪيئي راز پڻ ملي سگھن ٿا. ان لاء جو ھي نظام شمسي جي حيران ڪندڙ جاين مان ھڪ آھي


No comments:

Post a Comment