Pages

Monday, 19 November 2018

نيرن نہ ڪرڻ جا نقصان


“Disbenefits of not having breakfast”

"اصغر ساگر"

نيرن جسم جو ٻل آھي ۽ سڄي ڏينھن جي قوت سھيڙيندڙ آھي. نيرن پيٽ ڀري ڪرڻ کپي ڇوجو نيرن جسم تي مثبت اثر مرتب ڪري ٿي. نيرن ڇڏڻ سان قوت مدافعت ڪمزور ٿئي ٿي ۽ ڪافي عارضا جنم وٺن ٿا. ان ڪري نيرن ڪرڻ صحت لاء مفيد آھي. نيرن نہ ڪرڻ جي ڪري عارضا جنم وٺن ٿا.

⏪شڳر :-
نيرن نہ ڪرڻ شڳر جھڙي موضي مرض جو خطرو وڌائي ٿو خاص ڪري عورتن لاء تباھڪار آھي. طبي رپورٽن جي مطابق جيڪي عورتون نيرن نہ ٿيون ڪن شڳر نمونو 2 ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو ٻين مرضن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رھي ٿو.

⏪دماغ جي رڳ جو ڦاٽڻ Brain hemorrhage :-
اوساڪا يونيورسٽي جي ماھرن پنھنجي 13 سالا تحقيق ۾ دعوا ڪئي آھي تہ نيرن ڇڏڻ جي عادت ٿولھ سان گڏ فالج جوخطرو 30 سيڪڙو وڌائي ٿي. اھڙي تحقيق دوران 45 کان 74 سال جي 80 ھزار ماڻھن ۽ عورتن جي نيرن جي عادتن جو جائزو ورتو ويو جن ۾ انهن کان پھرين ڪينسر يا رت جي شريانين جي مرضن جي ڪابہ تاريخ نہ ھئي. تحقيق مان معلوم ٿيو تہ جيڪي ماڻھو ھفتي ۾ 5 بار نيرن نٿا ڪن انهن ۾ برين ھيمرج (دماغ جي رڳ ڦاٽڻ) جو خطرو نمايان طور تي وڌي وڃي ٿو.

⏪ٿولھ وڌي ٿي :-
صبح جو نيرن نہ ڪرڻ سان ٿولھ جا امڪان وڌي وڃن ٿا. تحقيقن مطابق نيرن ڪرڻ جي عادت جسماني وزن کي پورو پنو برقرار رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي. تحقيقن مان اھو بہ ثابت ٿيو آھي تہ جيڪي ماڻھو ناشتو نٿا ڪن اھي لاشعوري طور تي گهڻو کائي وٺن ٿا.

⏪گهرڙاتي تبديلي Metabolism متاثر ٿئي ٿي :-
ناشتي نہ ڪرڻ ۽ گهرڙاتي تبديلي جي رفتار گهٽ ٿيڻ درميان واسطو موجود آھي. جڏھن بہ ڪنھن بہ وقت جو کاڌو ڇڏيو وڃي ٿو تہ ان جو اثر جسماني فعلن تي پوي ٿو جسم جو گهرڙ بدلاء شرح ڪري پوي ٿو تہ جيئن حرارن Calories جي کوٽ جو ازالو ڪري سگهجي. جيڪڏھن توھان ڪافي وقت کان کاڌو نٿا کائو تہ توھان جي جسم جي ڪيلرين ڳارڻ جي صلاحيت متاثر ٿئي ٿي.

⏪چڙچڙوپن :-
ناشتو نہ ڪرڻ يا وڏي وقت تائين بکيو رھڻ سان مزاج متاثر ٿئي ٿو. ھڪ تحقيق مطابق جيڪي ماڻھو نيرن ڪرڻ جا عادي ٿين ٿا انهن جو مزاج نيرن نہ ڪرڻ وارن کان وڌيڪ خوشگوار ٿئي ٿو. نيرن نہ ڪرڻ جي ڪري رت شڳر جي سطح ڪري ٿي جيڪا چڙچڙي پن جو سبب بنجي ٿي.

⏪دل جا مرض وڌن ٿا :-
جيڪي ماڻھو روزانو ناشتو ڪن ٿا انهن ۾ دل جي مرضن جو سبب بنجندڙ عنصرن جو خطرو گهٽ رھي ٿو. ھڪ طبي تحقيق مان ھي ڳالھ پڌر پٽ ٿي آھي ناشتو ڇڏڻ بلڊ پريشر ۾ اضافي، رت شڳر وڌائڻ ۽ انسولين جي مزاحمت جو سبب بنجي ٿو.

 ⏪ساھن ۾ ڌپ اچي ٿي :-
ناشتو نہ ڪرڻ صحت لاء نقصانڪار آھي ان سان گڏ سماجي زندگي تي اثرانداز ٿئي ٿو ڇوجو ھن عادت جي نتيجي ۾ ساھن ۾ ڌپ جو مسئلو اڳيان اچي وڃي ٿو. ان ڪري ناشتو نڪرڻ سان گگ ٺھڻ جو عمل متاثر ٿئي ٿو ۽ زبان تي بيڪيٽيريائن جي تعداد ۾ اضافو ٿئي ٿو نتيجي طور ٻيون بيماريون جنم وٺن ٿيون.

⏪مٿي جو سور :-
نيرن نہ ڪرڻ جي ڪري جسم ۾ شڳر جي سطح ڪري ٿي جنھن ڪري  جي سطح ڪري ٿي جنھن سان رت جو داٻ وڌي ٿو ۽ اڌ مٿي جي سور جي تڪليف شروع ٿي وڃي ٿي.

⏪وارن جو ڪرڻ :-
نيرن ڏينھن جي اھم غذا آھي جيڪا وارن جي پاڙن جي نشونما ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. گهٽ پروٽين وارين غذائن جو استعمال وارن جي نشونما تي منفي اثر مرتب ڪري ٿو جنھن جي ڪري وار ڪرڻ شروع ٿي وڃن ٿا ۽ گنج پڻي جو۔خطرو پيدا ٿي وڃي ٿو.

⏪دماغي فعل متاثر ٿين ٿا :-
دماغ گلوڪاڻ Gulucose تي ڪم ڪري ٿو. رات جي فاقي کان پوء نشاستن Carbohydrates جو استعمال ضروري ٿئي ٿو جيڪو جسم ۾ وڃي گلوڪوز ۾ تبديل ٿئي ٿو ۽ جسم کي ٻارڻ مھيا ڪري ٿو. جيڪڏھن ناشتو ڇڏيو وڃي تہ دماغي فعل جي متاثر ٿيڻ جا امڪان وڌن ٿا.

⏪ڪورٽيسول ھارمون جي سطح وڌائي ٿو :-
ڪورٽيسول اھڙو ھارمون آھي جنھن کي اسان جو جسم ڇڪتاڻ جي ردعمل ۾ خارج ڪري ٿو. ائين کڻي چئجي تہ نيرن نہ ڪرڻ سان جسم تي ڇڪتاڻ جي ڪيفيت رونما ٿئي ٿي جنھن سان جسم ۾ ڪورٽيسول جي مقدار ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ منفي اثر مرتب ٿين ٿا جيئن جسماني وزن ڪرڻ ۔ جسماني دفاعي نظام ڪمزور ٿيڻ ۔ مختلف مرضن جو خطرو وڌڻ ۽ رت شڳر سطح ۾ عدم توازن وغيرھ


No comments:

Post a Comment