جينيات جي شروعات
برف ۽ باھ، هي انجام انهن ٻن سائنسدانن جا ڪم هيا جن جينيات جي پهرين وڏي دريافتون ڪيون هيون، انھن ٻنھي ۾ ڪيترين شين جي هڪجهڙائي هئي، ٻنهي جي موت ڪنهن جي لاءِ خبر نہ هئي، ڪا اک انهن جي لاءِ ڳوڙها ڳاڙڻ واري نہ هئي، ۽ انهن کي جلدي وساريو ويو هئو، هڪ جي زندگي جو ڪم باھ جي هيٺ ٿي ويو ۽ ٻئي جو برف جي
گريگور مينڊل جو ڪم 1884 جي ٿڌي موسم ۾ انھن جي ساٿي راهبون جن ساڙهي ڇڏيو هو، سڀهي نوٽ بڪس، تجربن جا نتيجا، ريڪارڊ - ڪنهن کي ان سڀ ۾ دلچسپي ئي نہ هئي، مينڊل جي موت کانپوءِ انکي باھ وسيلي ظائع ڪري ڇڏيو هو، مينڊل جن جين جي دريافت ڪئي هئي،
انهي سال انهي موسم ۾ جوهانس فريڊرڪ مائيشر جي ڪم سان بہ ڪجھ ائين ٿيو هو، سالمن مڇي جي خلين کي اڀياس ڪرڻ جي لاءِ انھن وٽ ريفريجريٽر نہ هو، انھن جو طريقو گهڻي ٿڌ ۾ کليل درين سان گڏ ڪم ڪرڻ هو، ان طرح انھن اهم دريافت ڪئي هئي، پر انهن جو ڪم بہ نظرانداز ڪيو ويو، انھن ڊي اين اي دريافت ڪيو هو
مينڊل ۽ مائيشر جنھن وقت ۾ هي ڪم ڪيو هو، ان وقت وارثت جي باري ۾ ماڻهن جي سوچ قصن ڪھاڻين تي لاڳاپيل هئي، هر هڪ کي هي تہ پتو هو تہ ٻار جو واسطو والدين سان هوندو آهي، وارن يا اکين جو رنگ، گنجائپ، کاڏي جي بناوت يا گهڻيون ئي ٻيون خاصيتون والدين کان ايندي هئي پر ڪيئن؟ هي ڪهاڻين جو علاقو هو، پيدائش کان پهريان ماءُ ڇا کاڌو، ڪنهن کي ڏٺو، ڇا واقعا ٿيا، انھن روايتن جا انگ گهٽ نہ هئا، پيدائش جي وقت هڪ اک، ٻاهريون دل، وارن سان ڀريل جسم، عضون ۾ خرابي، پيدائشي ڪوتاهي کي گناھ يا ڪيل جي سزا يا وارننگ سمجهو ويندو هو، هڪ مثال سڪاٽ لينڊ جي بيلف جي هئي جنھن پاران ٻن عورتن کي مذهب مخالف لفظ چوڻ جي الزم ۾ پهريان ڪوڙن سان ماريو هو ۽ پوءِ ٻڌي ڪري سمنڊ حوالي ڪري ڇڏيو هو، ۽ پوءِ کلي ڪري سڀني کي ٻڌائيندا هئا تہ ان ڏينهن ڪيڪڙن جي تفريح ٿي هوندي، جڏهن انجي گهر پيدا ٿيڻ وارن پٽن جا هٿ نارمل نہ ٿيا هئا تہ پوءِ ڳالهيون هي هيون تہ ڪيڪڙن جهڙا هٿ انهن جي لاءِ عذاب آهن ڇوجو عورتون بي گناھ هيون
هومن ڪولس جو عجب خيال بہ وڏو عرصو مشهور رهيو
مائيشر جي ڏينهن ۾ بائيولوجسٽ ان قصن ڪهاڻين کان اڳتي وڌڻ گهرن پيا، مائيشر جي فيمل جو واسطو ميڊيسن سان هو، قوت معدافيتي وڃائڻ جي وجھ سان هي ڊاڪٽر تہ نہ پئي بڻجي سگهيا ان لاءِ تحقيق جي طرف هليا ويا، هوپ سيلر ليب ۾ تي مائيشر کي هڪ پراڻي ڪچن ۾ جڳھ ملي، هوپ سيلر جو ڪم رت ۾ ڳاڙھن خلين تي هو، انھن مائيشر جي رت جي اڇن خلين تي تحقيق جو ڪم ڏنو، انھن خلين ۾ هڪ ننڍو کن اندروني ڪيپسول هو جنهن کي نيوڪلئيس چيو ويندو هو، ان وقت سائنسدان انکي نظرانداز ڪندا هيا، ۽ انھن جي توجھ سائٽوپلازم تي هئي جيڪو خلي جو وڏو حصو هو، ان نيوڪلئيس جو ڪو ڄاڻ ڪارگذاري نہ هو، پر مائيشر جن باقي سڀ ڇڏي ڪري انجو تجزيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو
ويجهي جي اسپتال مان داڻن جي پٽين مان انهن ان ڪم کي شروع ڪيو پر هي نيوڪلئيس ذرا فرق هي ھو، نہ هي نمڪين پاڻي ۾ ملي ويندو هو، نہ سرڪي ۾ ۽ نہ هي هلڪي تيزاب ۾، مائيشر انجو ڪيميائي تجزيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ان ۾ ڪاربن، هائيڊروجن، آڪسيجن ۽ نائيٽروجن تہ نڪتا پر ٽي سيڪڙو فاسفورس بہ، فاسفورس پروٽين ۾ ناهين هوندا، هي ڪجھ مختلف شيءَ هئي، انجو نالو نيوڪلين ڏنو جنهن کي پوءِ سائنسدانن ڊي آڪسي رائيبو نيوڪلئيڪ ايسڊ يا ڊي اين اي چيو.
مائيشر انتي ڪم ڪندا رهيا ۽ پنھنجا نتيجا هوپ سيلر کي ڏيکاريا، هوپ سيلر جو خيال هو تہ مائيشر غلطي ڪئي آهي ۽ پنهنجا وري ڪرڻ جو چيو، هڪ هڪ پٽي، هڪ هڪ وک کانپوءِ اڳئي ٻن سال ۾ بہ نتيجا اهوئي هي رهيا، 1871 ۾ پڌري ٿيندڙ پيپر ۾ هوپ جن سيلز جي تعريف ڪئي ۽ انهن کي ڊي اين اي جي دريافت جو ڪريڊٽ مل ويو.
هڪ ٻئي جرمن سائنسدان هي دريافت ڪيو تہ ھي پاڻ ئي قسم جي ننڍي ماليڪيول سان ملي ڪري بڻيو آهي جنھن ۾ فاسفيٽ ۽ شوگر آهن ۽ نيوڪلئيڪ بيسز آهن، ايڊينين، سائيٽوسين،گوانين ۽ ٿائيمين ( هاڻي هي ڄاڻيندا آهن تہ ھي اھو چار لفظي لفظ آهن جيڪي انکي لکندا آهن ۽ چڪريدار ڏاڪڻ جو ماڊل بڻائيندا آهن پر ان دريافت تائين پهچندي وڌيڪ 80 ورهين لڳا)
وڌيڪ ٿيڻ واري دريافتن ۾ خلياتي ورڇ جي وقت ڪروموزوم جي ورڇ هئي جنھن مان ڪجھ اندازو ٿيو تہ ڪروموزوم جي ڪجھ اهميت ضرور آهي ورگر خليا هي سڀ ڪرڻ جو تڪلف نہ ڪن ها
مائيشر پنهنجي تجربن کي رت مان مڇي جي اسپرم تائين وٺي آيا هيا، ۽ نتيجو نڪتو هو تہ نيوڪلئيس ڊي اين اي کي گڏ ڪرڻ جو ڍٻو آهي ۽ گڏ دعوا هي ڪيو هو تہ وارثت ۾ ملڻ واري خاصتين جي پويان انجو هٿ آهي، جيتوڻيڪ مائيشر وڏي حد تائين صحيح ھيا پر انھن جي خيالن کي هٿي نہ ملي، ورهين تائين سياري ۾ انھن جي کوجنا کانپوءِ آخرڪار انھن ڊي اين اي ٽي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، ڊي اين اي ۽ وارثت جو واسطو جي خلاف رد عمل مضبوط ٿيندي پئي وئي، ڊي اين اي جي اي، سي، جي ۽ ٽي پروٽين جي مقابلي ۾ گهڻا ساڌا هيا، زندگي جي ڪنجي انهن وٽ ڀلا ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ سائنسدانن نتيجو ڪڍيو تہ ڊي اين اي ڪم خلي جي لاءِ فاسفورس گڏ ڪرڻ آهي انکان وڌيڪ ڪجھ نہ.
ڪيترن سالن جي بريڪ کانپوءِ مائيشر واپس ليبارٽري ۾ اچي ويا، اهوئي ان واسطي کي ثابت ڪرڻ چاهين پيا پر خلي کي محفوظ رکڻ جي لاءِ ٿڌي موسم ۾ دريون کولي ڪري ڪم ڪرڻ واري مائيشر کي نمونيا موت وٺي وئي، انھن جو چاچو، جيڪو پاڻ سائنسدان هو، انھن جو ڪم گڏ ڪيو ۽ ڪتاب جي صورت ۾ پڌرو ڪرايو، انھن لکيو تہ، مائيشر جو ڪم وقت سان گڏ اهم ٿيندو ويندو، شايد هي بس مرڻ واري جي ياد ۾ ڪيل اميد وارا لفظ هوندا
مينڊيل هڪ هاري جا پٽ هئا، جن چرچ جي وظيفي تي انهن ويانا يونيورسٽي ۾ سائنس پڙهي، پادري پاران انهن کي حياتيات جي طرف اچڻ جو مشورو ڏنو تہ جيئن سٺي رڍن، سٺي گلن ۽ وڻن تي ڪم ڪري سگهن، مينڊيل ڪيترين شين تي ڪم ڪندا رهيا، سج جا ڌاڳ، طوفان، ماکي جي مکين تي دلچسپي رهي ۽ آسٽريا جي ميٽيرو لوجيڪل سوسائٽي قائم ڪئي
جڏهن مائيشر تحقيق جي ميدان ۾ آيا، ان وقت انھن کا چار سو ميل پري مينڊيل جن سينٽ ٿامس ۾ مٽر جي ٻوٽن تي دلچسپ تجربا شروع ڪيا، مٽر تي تجربن کي ڪنٽرول ڪرڻ سولو هو ڇوجو انهن کي پنهنجي مرضي سان پولينيٽ ڪري سگهجي پيو، وڏي ٻوٽن ۽ ننڍا ٻوٽا، سائوا ميٽر ۽ پيلا مٽر، گهنج وارا مٽر ۽ نرم مٽر، ان بابت هيٺان کان، هڪ هڪ خاصيت چونڊ ڪري انهن تي تجربا ڪيا، ٽن ۽ هڪ جي نسبت مان نڪرڻ وارا نتيجا جينز ۽ انجي ڊوميننٽ ۽ ريسسو ٿيڻ جو ٻڌائي ڇڏيو، ست الڳ خاصيتون چونڊ ڪري ڪيا ويندڙ تجربا، حياتيات ۾ زندگي جو راز ڳولھڻ جي لاءِ تجربن جو عجيب ڊيزائن هو
جيتوڻيڪ مينڊيل جن هي لفظ استعمال نہ ڪيا پر انهن وارثت ۾ وڃڻ واري ڊسڪريٽ فيڪٽر جن کي اسان جينز چوندا آهيون،انھن کي سڃاڻپ ڪري ورتو هو، مينڊيل جي مٽر بائيولوجي جي دنيا ۾ نيوٽن جو صوف هئا، جينيات انگ اکرن جي مدد سان رياضي ۾ داخل ٿي وئي هئي، انھن هي طريقو پنهنجي موسم جي انگ اکرن جي شوق ۾ ڳولهيو هو،
مينڊيل جي ڪم کي انهن جي زندگي ۾ اهميت نہ ملي، انھن مٽرن جي وارثت تي پنھنجو پيپر 1865 ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ پڙهيو، ان تي نہ ڪنهن سوال ڪيو ۽ نہ ڪنهن بحٽ، انجي رياضي جي ڪنهن کي سمجھ ئي نہ آئي، اڳين سال انهن پنهنجو پيپر پڌرو ڪرايو، رد عمل... ماٺ
مينڊيل اڳيان ڪيترا ورهين ان تي ڪم ڪندا رهيا 1868 ۾ پنهنجي خانقاھ جا پادري چونڊ ٿي ويا، سياست ۾ وقت لڳائڻ لڳا، چرچ تي لڳايا ويندڙ ٽيڪس سان ويڙھ انجي ترجيح بڻجي وئي، پر سائنس بہ ڪندا رهيا، انھن جي موت 1884 ۾ ٿي، جنھن کانپوءِ انهن جو سڀ ڪم ظائع ڪيو ويو
انهن جي ڪم ڇاپي جي 35 سال کانپوءِ انهن جو ڪم خالي يارهن جڳھن تي سائٽ ڪيو ويو هو، ۽ هي ڪرڻ وارا بہ خالي زرعي سائنسدان هيا، جيڪي سٺا مٽر پوکڻ جا طريقا ڏسي رهيا هيا، پر ان دوارن ٿيڻ واري دريافتن مينڊيل جي خيالن کي سپورٽ ڪري رهيون هون، ٽي بائيولوجسٽ جن ۾ الڳ الڳ ڪيل تجربن جا نتيجا 1900 ۾ مينڊيل جي ڪم جي مطابق نڪتا هيا، انھن جي وجھ سان مينڊيل جو ڪم پهريون ڀيرو لائم لائيٽ ۾ آيو
مينڊيل جن پنهنجي هڪ ساٿي کي هڪ ڀيرو چيو هو تہ” هڪ ڏينهن منهنجو بہ وقت ايندو“ ۽ ائين ئي ٿيو، 1900 کانپوءِ انهن جو ڪيل ڪم بائيولوجي ۾ مرڪزي حيثيت ماڻي ويو
گڏ لڳل تصوير ان ليبارٽري جي آهي جتي مائيشر پهرين ڀيرو ڊي اين اي دريافت ڪيو هو...
مٽر جا داڻا - جين (3)