Pages

Friday, 15 February 2019

قبضي Constipation

قبضي        Constipation
”اصغر ساگر“

قبض جو مطلب آھي پيٽ جي باقائدي صفائي نہ ھجڻ ۔ ڦوڳ جو سخت ھجڻ ۔ ڦوڳ جي نيڪالي ۾ دير ٿيڻ ۔ آنڊن جي فعاليت ختم ٿيڻ ۔ قدرتي طور تي شام يا صبح جو اجابت نہ اچڻ ۔ اھي شيون قبض کي ظاھر ڪن ٿيون. درحقيقت قبض ڪابہ بيماري ناھي پر بيمارين جي ڪري قبضي ٿئي ٿي. قبضي ۽ بواسير ٻہ اھڙيون بيماريون آھن جيڪي ھڪ ٻئي جو سبب بنجن ٿيون. قبضي جي معنا آھي پڪڙ ڇوجو آنڊا ڦوڳ کي پڪڙ ۾ رکن ٿا ۽ نڪرڻ نٿا ڏين. جيڪڏھن اجابت (پيٽان ويھڻ) صحيح وقت تي نہ اچي يعني ٻئي يا ٽئين ڏينھن اچي وقت تبديل ٿي وڃي ۔ ماڻھو پيٽان ٿورو ٿورو ويھي يا پيٽان نہ ويھي ان کي قبضي چئبو آھي. قبضي کي بيمارين جي ماء سڏيو وڃي ٿو ڇوجو قبضي ٿيڻ سان معدو ۽ آنڊا متاثر ٿين ٿا ۽ بيماريون ڪر کڻن ٿيون. 

🌷قبض جون 2 صورتون آھن.
◀(1) عارضي قبض
◀(2) دائمي قبض

🌷(1) عارضي قبض :-
ھي قبض اتفاقي ٿئي ٿي. عارضي قبضي ازخود ختم ٿي ويندي آھي يا معمولي قبض ڪشا دوا سان ختم ٿي ويندي آھي. ھن قبضي ۾ تدبير کان ڪم وٺجي ۽ قبض ڪشا دوا استعمال نہ ڪجي پر ورش ڪرڻ جي عادت وجهجي ۔ صبح شام چھل پھل ڪجي. نيراني پاڻي پيئڻ قبضي جو علاج آھي پر معدي لاء نقصانڪار آھي.

🌷(2) دائمي قبض :-
ھي ھميشھ رھي ٿي ھن جو سبب عورتن جي بيماري ليڪوريا ۽ بواسير آھن. دائمي قبض جو علاج ڪرڻ کپي ڇوجو ھي قبضي ٻين بيمارين جو سبب بنجي ٿي. ھن قبضي کي ختم ڪرڻ لاء جلاب استعمال نہ ڪرڻ کپن اڃان آنڊو سخت ٿيندو.

🌷علامتون :-
◀مٿي جو سور
◀نظر جي ڪمزوري
◀دل جي گهٻراھٽ
◀بي چيني
◀بک جي کوٽ
◀ٽنگن ۾ پٽ
◀زبان جو ميرو ھجڻ
◀جسم جي رنگت ڦڪي ٿيڻ
◀بواسير جو ٿيڻ

🌷قبضي جا سبب :-
◀زيادھ تر آرام ڪرڻ
◀ڳرا کاڌا کائڻ
◀شديد بخار جي حالت
◀آرام جي کوٽ
◀ورزش نہ ڪرڻ
◀بغير ڇلي جي اٽو استعمال ڪرڻ
◀تيز مرچ استعمال ڪرڻ
◀روز گوشت کائڻ
◀چڻن وارين شين جو گهڻو استعمال
◀مسالن جي گهڻائي
◀ميدو
◀بيسڻ جون شيون
◀سموسا
◀پڪوڙا
◀مٺايون
◀مشروب
◀تماڪ نوشي
◀دماغي محنت جو گهڻائي
◀نشي آور شين جو استعمال ڪرڻ
◀کير ۽ گھ جو استعمال نہ ڪرڻ

🌷قبضي جا خاص سبب :-

🌷خميري اٽو کائڻ :-
◀بنا ڇلي اٽو ۔ ڊبل روٽي ۔ توش ۔ ڪچوري ۔ ھي سمجهڻ کپي باريڪ اٽو قبضي ڪري ٿو ليسدار ھئڻ ڪري معدي ۽ آنڊي سان چنبڙي ٿو ۔ غذا ٻاھر ڌڪيلڻ لاء معدي ۽ آنڊي کي وڌيڪ زور لڳائڻو پوي ٿو ڇوجو خمير آنڊي ۽ معدي ۾ ويھي وڃي ٿو. اسان کي نوٽ ڪرڻ کپي تہ ڪڻڪ جي ڇلي ۾ فولاد ۽ فاسفورس ٿين ٿا جن کي اسان ڇاڻي ڪڍي ڇڏيون ٿا جيڪي قبضي کي ختم ڪندڙ آھن ۽ معدي ۽ آنڊي کي نرم ڪندڙ آھن.

🌷بواسير :-
◀قبضي جو اھم ۽ وڏو سبب بواسير آھي. ھن ۾ موڪا ٿين ٿا جنھن کي خوني بواسير چئبو آھي ۽ پيٽ تي ڀرتي رھي ٿي جنھن کي بادي بواسير چئبو آھي انهن ٻنهي صورتن ۾ قبضي رھي ٿي. ڪڏھن ڪڏھن موڪن مان رت وھندو آھي. بواسير جو سبب مرچن ۔ چڻي ۔ بيدي ۽ گوشت جو گهڻو استعمال آھي. ھن حالت ۾ مريض ويھي نہ سگهندو آھي.

🌷روز گوشت کائڻ :-
◀قبضي جو وڏي ۾ وڏو سبب روز گوشت کائڻ  ۽ بواسير ۽ بي پي کي دعوت ڏيڻ آھي۔ گوشت وڏو پروٽين رکي ٿو ۽ روز کائڻ رڳن ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري ٿو نتيجي بي پي وڌي ٿو ۔ موڪا ٿين ٿا ۔ قبضي ٿئي ٿي ۽ عورتن ۾ اولاد پيدا ٿيڻ جا امڪان ختم ٿي وڃن ٿا. گهڻو گوشت کائڻ رڳن کي ٿلهو ڪري ٿو ۽ رت جي وھڪ کي متاثر ڪري ٿو. تريل مساليدار گوشت کائڻ اڃان وڌيڪ قبضي جو سبب بنجي ٿو.

🌷چڻن واريون شيون کائڻ :-
◀مسلسل چڻن واريون شيون جيئن سموسا ۔ پڪوڙا ۽ مٺايون کائڻ سان بواسير جا سو فيصد امڪان رھن ٿا تنھنڪري بواسير ٿيڻ کان پوء قبضي ٿي وڃي ٿي. ان ڪري جنھن کي قبضي يا بواسير آھي اھو وڏي گوشت ۔ ڇيلي جو گوشت ۔ چڻن ۔ چڻن مان ٺھيل شين ۔ تريل شين کان پرھيز ڪري.

🌷مشروب :-
◀مشروب مطلب پيپسي ۔ ڪوڪو ڪولا يا اھڙيون بوتلون معدي کي متاثر ڪري خشڪي پيدا ڪن ٿيون گڏوگڏ معدي جي تيزابيت کي وڌائن ٿيون. معدي ۽ آنڊي جو فعل ڪمزور ٿي وڃي ٿو بواسير ۔ وات پچڻ ۽ قبضي جھڙا مرض پيدا ٿي وڃن ٿا.

🌷ليڪوريا :-
◀جن عورتن کي ليڪوريا ۔ حيض جي گهٽتائي يا حيض جي وڌائي ٿئي ٿي اھي ٿولھ ۔ بواسير ۽ قبضي جو شڪار ٿي وڃن ٿيون ۽ زندگي بيمارين سان ڀرپور ٿي وڃي ٿي.

🌷بيدن جو گهڻو استعمال :-
◀روز بيدا کائڻ پاڻ ۾ قبضي ۽ بواسير کي محفوظ ڪرڻ آھي بيدو وڏي پت نٿو رکي پر پر بواسير ۽ قبضي ٿيڻ جا امڪان رکي ٿو.

🌷گهڻي چانھن پيئڻ :-
◀قبضي جو وڏو سبب چانھن آھي. گهڻي چانھن پيئڻ جي ڪري معدي جي خشڪي ٿئي ٿي ۽ معدي جي خشڪي جي ڪري قبضي ٿئي ٿي.

🌷چرٻيل گھ Trans fat ghee:-
◀ڪوشش ڪري چرٻيل گھ استعمال نہ ڪجي جيڪو پت وڌائي ٿو ۽ بي پي جو سبب بنجي ٿو. چرٻيل گھ ٻوٽن ۽ جانورن جي چرٻين مان ٺاھيو وڃي ٿو. بھتر آھي تہ اڻ چڪيل چرٻي ۽ گهڻ اڻ چڪيل چرٻي وارا تيل استعمال ڪجن جيئن جيئن سورج مکي ۽ سويابين جو تيل جيڪو پت نٿو وڌائي.

🌷اپاء :-
◀چڻن واريون شيون ۔ بيدا ۽ گوشت گهٽ کائجن.
◀تاندوري Fiber واريون شيون استعمال ڪرڻ کپن.
◀اٽي مان ڇلي نہ ڪڍجي.
◀سبزيون وڌيڪ کائجن.
◀واڱڻ کان پرھيز ڪجي.
◀نشاستي واريون اڻ چڪيل شيون بسڪيٽ ۔ ڪيڪ ۔ سموسا ۔ پڪوڙا ۽ مٺاين کي نہ کائجي.
◀تريل شين کان پاسو ڪجي.
◀قبضي يا بواسير جي صورت ۾ ساون مرچن يا ڳاڙھن مرچن جو واھپو تمام گهٽ ڪجي.
◀گهڻي چانھن پيئڻ کان پرھيز ڪجي.
◀قبضي جو سبب ليڪوريا ۔ حيض جي گهٽ وڌائي ۽ بواسير آھي. جن عورتن کي ھا عارضا آھن اھي انهن عارضن جو علاج ڪرائن.
◀روز ننڊ پوري ڪجي.
◀رات جو گهڻي دير تائين نہ جاڳجي.
◀روز گوشت استعمال نہ ڪجي.
◀روز جي حساب سان کاڌن کي ڦيرائجي ڪڏھن سبزي ۔ ڪڏھن مڇي ۔ ڪڏھن گوشت ۽ ڦيريوار ساون مٽرن جي ڦرين جي دال استعمال ڪجي.
◀ڪوشش ڪري ھر ڀاڄي سايون مٽر جون ڦريون وجهجن.
◀ڀاڄي ۾ دالچيني سڄي وجهجي، ڪٽيل نہ وجهجي، قبضي ڪندي.
◀ڀاڄي ۾ وڌ ۾ وڌ 4 کان 6 ڪارا مرچ ڪٽيل يا سڄا وجهجن.
◀ڀاڄي ۾ پھرين پوندڙ بصرن يا جيري يا ڪاري مرچ پائوڊر کي داغ گهٽ ڏجي ڇوجو داغ بہ جيري جي ڪمزوري ۽ قبضي جو سبب بنجي ٿو.

🌷تدبيرون :-

◀2 پن نازبو جا صبح جو روز کائجن.
۽
◀5 روپين جو سايون مٽر ڦريون روز شام جو کائجن.
◀قبضي ختم ٿي ويندي.

◀ٿورو ڳڙ ۽ تر روز کائجن.

◀2 انجير رات جو پاڻي ۾ پسائجن ۽ صبح جو کائجن.

◀ڏينھن ۾ 2 ڪيلا روز کائجن.

◀پپيتو کائجي.

◀ھڪ ليمو پاڻي ۾ نپوڙي روز پئجي.

◀روزانو 2 زيتون کائجن.

◀ھيرڻ جو تيل چمچو کير ۾ ملائي رات جو سمھڻ وقت پيئجي. صرف ھڪ ڀيرو ڪجي.

◀3 ڇوھارا روز صبح جو کائجن.

◀ٽماٽر کائڻ سان قبضي ختم ٿي ويندي آھي.

◀روز رات جو گلقند کائي مٿان کير جو جهارو پئجي.
◀جهاري جو طريقو:-
◀کير         ڪوپ
◀پاڻي        2 ڪوپ
◀ملائي پيئجي.

◀انب کائڻ سان قبضي ختم ٿي وڃي ٿي.

◀نم جا گل ڇانو ۾ سڪائي ڪٽي پائوڊر ڪري رکجن. چپٽي روز کائجي.

◀کاڌي کائڻ کان پوء ڪجھ داڻا ڪشمش جا کائجن.

🌷نوٽ :- ڪابہ ھڪ شي استعمال ڪجي. ھڪ وقت سڀ ٽوٽڪا استعمال نہ ڪرڻ کپن ۽ ڪجھ وقت ان شي کي استعمال ڪرڻ کپي.

ملڪي وي ڪھڪشان چپٽيل ناهي پر ڪنارن کان هيٺ مٿي ڏوڙ کاڌل آهي.

ملڪي وي ڪھڪشان چپٽيل ناهي پر ڪنارن کان هيٺ مٿي ڏوڙ کاڌل آهي.
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2275354409413304/

عام طور تي اهو خيال ڪيو ويندو هيو تہ ملڪي وي ڪهڪشان ڪنھن وڏي پليٽ جيان سڌي Flat آهي پر چين جي خلائي ايجنسي پاران ملڪي وي جي ڪنارن تي موجود ستارن ۽ هائيڊروجن جي ڪڪرن جو تفصيلي سروي مان دريافت ڪيو تہ مرڪز جي ويجھي ملڪي وي ڪهڪشان فليٽ آهي پر جيئن جيئن اوهان مرڪز کان پري ويندا ملڪي وي جي ستارن ۽ هائيڊروجن جا ڪڪر هڪ ئي سڌ ۾ ناهن رهندا پر مقامي اثرن جي هيٺ سڌ کان مٿي يا هيٺ ٿي ويندا آهن. ملڪي وي جي مرڪز جي ويجھي ڇوجو گھڻا ستارا آهن جيڪي تيزي سان گردش ڪري رهيا آهن ان ڪري اتي ماديء جي گهاٽائي گھڻي آهي ۽ تقريبن سڀ ستارا هڪ ئي سڌ ۾ مرڪز خلاف گهمي رهيا آهن پر ڇوجو مرڪز کان پري ماديء جي گهاٽائي گھٽ ٿي ويندي آهي ۔ ان لاءِ معمولي کن فاصلي سان بہ ستارا ۽ هائيڊروجن جا ڪڪر ملڪي وي جي سڌ کان هٽي وڃن ٿا ان جو نتيجو اُهو آهي تہ ملڪي وي جي سڌ گھڻي وڏي ايس جي شڪل ۾ آهي

سویوز Soyuz ڇا آهي

سویوز Soyuz ڇا آهي
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2274820412800037/
سويوز هڪ روسي اسپيس ڪرافٽ Spacecraft آهي
انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن ISS جي سامان کي  پهچائڻو هجي يا انسانن کي ان مقصد جي لاءِ سويوز ئي استعمال ٿيندو آهي ۽ انجي ذريعي ئي خلا باز واپس زمين تي ايندا آهن روس هڪ وڏو ملڪ آهي انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن کي هلائڻ جي لاءِ روس آمريڪا جي مدد ڪندو آهي، ائين ٻيا بہ ملڪ پڻ مدد ڪندا آهن پر صرف روسي اسپيس ڪرافٽ ئي خلا بازن کي وٺي ڪري ويندو آهي. 

سويوز ڇا ڪندو آهي
روسي خلا بازن کي ڪازموناٽس Cosmonauts ۽ آمريڪي، ڪينيڊين، جاپاني ۽ يورپين خلا بازن کي آسٽرو ناٽس Astronauts چيو ويندو آهي 
سويوز خلا بازن کي اسپيس اسٽيشن تائين وٺي ويندو آهي ۽ واپس بہ وٺي ايندو آهي، پاڻي ۽ خوراڪ بہ انجي ذريعي موڪلي ويندي آهي ۽ انجي اندر 3 ٽي خلا بازن جي ويھڻ جي جڳھ هوندي آهي، سويوز هڪ لائف بوٽ Life Boat جيان هوندو آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ کن سويوز ہمیشہ اسپيس اسٽيشن سان جوڙيل هوندا آهن، ايمرجنسي جي صورت ۾ خلا باز انجي ذريعي واپس زمين تي اچي سگھجن ٿا.
سویوز جا حصا 
ايم سويوز جا ٻہ حصا هوندا آهن هڪ سويوز ڪيپسول Capsule ۽ ٻيو سويوز راڪٽ Soyuz Rocket
سويوز راڪيٽ جي مٿان سويوز ڪيپسول جوڙيل هوندو آهي ڪيپسول جا ٽي حصا Module هوندا آهن هڪ حصو محوري حصو Orbital Module هجي ٿو 
جنھن ۾ خلاباز هوندا آهن، اُهو حصو اسٽيشن سان جوڙيو ويندو آهي 
ٻيو حصو لھڻ وارو حصو Descent Module جنھن کي چئبو آهي جڏهن سويوز کي لانچ لاءِ شرو ڪيو ويندو آهي تہ خلا باز انجي اندر هوندا آهن ۽ زميني واپسي تہ بہ انھي تي ويهندا آهن ٽيون حصو مختلف شين تي مشتمل هوندو آهي، جيئن تہ بيٽريون، سولر پينل، آڪسيجن، ۽ اسٽيرنگ انجڻ وغيرھ 
سويوز جو ٻيو حصو راڪيٽ تي مشتمل هوندو آهي راڪيٽ ئي سويوز ڪيپسول کي مٿي وٺي ويندو آهي ۽ ڪجھ ئي فاصلي تہ وڃي ڪري راڪيٽ ۽ ڪيپسول الڳ ٿي ويندا آهن ۽ راڪيٽ واپس زمين تي اچي ڪري ڪرندو آهي، ڪيپسول اڳتيء وڌندو آهي ۽ 9 منٽن ۾ خلا تي پھچي ويندو آهي. 
سويوز لانچ Launch ۽ لينڊ Land ڪيئن ڪندو آهي 
سويوز ملڪ ڪازڪستان Kazakhstan کان لانچ ڪيو ويندو آهي ۽ سوويوز کان اسپيس اسٽيشن تائين وڃڻ تہ ڇھ 6 ڪلاڪ لڳندا آهن، خلاباز دروازي هیچ جي ذريعي اسپيس اسٽيشن ۾ داخل ٿيندا آهن 
جڏھن خلا بازن کي واپسي اچڻو هوندو آهي تہ اهي واپس ڪيپسول ۾ ويهندا آهن، ڪيپسول هڪ جھاز جيان بلڪل بہ ناهي هوندو ۽ نہ ئي انجا پر يا ڦيٿا هوندا آهن
بلڪي هي فضا کان ٿيندي زمين تي ڪرندو آهي سويوز ڪيپسول ۾ رفتار کي گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ پيراشوٽ لڳل هوندو آهي، انجي زمين تي ڪرڻ جي رفتار کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ننڊها راڪيٽ لڳل هوندا آهن، پر انجي باوجود زمين تي ڪرڻ وقت جهٽڪا ضرور لڳندا آهن 
سويوز ڪازڪستان جي ڇٻر جي ميدانن تي لھندو آهي
اسپيس اسٽيشن کان زمين تائين پھچڻ ۾ تقريبن 3.5 ڪلاڪ لڳندا آهن

دريا خان سنڌي

هبل دوربين پاران ورتل تصويرن ۾ راز پڌرو

هبل دوربين پاران ورتل تصويرن ۾ راز پڌرو 
دريا خان سنڌي 
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2276051026010309/

هبل دوربين ڪائنات بابت ايتري نئي معلومات ڏني آهي جيتري انکان پھريان هڪ انسٽرومينٽ نہ ڏني آهي زحل جي قطبن تي موجود يعني رنگين روشنن جا نظارا pillars of creation ۾ ستارن جون نرسريون جتي هزارين نيا ستارا جنم وٺي رهيا آهن پري وارين ڪهڪشائن جي تصويرون ۽ هبل ڪانسٽينٽ جي درست پيمائش ان مان ڪجھ اهم معلومات آهي پر هبل جي سڀ کان مشهور ڪارنامن ۾ پھرين نمبر تي فليڊ ۽ الٽرا ڊيپ فليڊ جون تصويرون آهن هبل جي انجینیئرز پاران هبل جو رخ مٿاڇري تھ جي ان حصي جي ڏا ڪيو جتي ظاهري طور تي ڪابہ ڪهڪشان ڪنھن دوربين مان نظر ناهي ايندي ۽ ان حصي جون ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين شٽر کليل رکي ڪري تصويرون ورتيون ويون جڏهن ان تصوير کي زمين تي ڊائون لوڊ ڪري پراسيس ڪيو ويو تہ گھڻن سائنسدانن اهو ڏسي حيران رهجي ويا ان خالي مٿاڇري جي تھ جي تصوير ۾ هزارين ڪهڪشائون موجود هيون جيڪي اسان کان اربن نوري سال جي پنڌ تي آهن 
هاڻي ماهرن جي ٽيم پاران ان تصويرن کي وڌيڪ پراسيس ڪري ان مان وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي آهي ان ڪم جي لاءِ انھن الٽرا ڊيپ فيلڊ جو ڊيٽا استعمال ڪيو جنھن ۾ مٿاڇري جي تھ جي هڪ خالي حصي جي تصوير مسلسل 230 ڪلاڪ تائين بڻائي وئي ان ٽيم پاران سڀني تصويرن جي ڊيٽا کي گڏ ڪري ان مان پھريان کان معلوم ڪهڪشائن جو ڊيٽا واضع ڪيو پوئي باقي تصويرن کي enhance چاڙهي ڪري ان ۾ فيچرز تلاش ڪيا ويا جيڪي گھٽ روشني جي وجهہ سان پھريان نظر نہ اچي رهيا هيا ان طرح ان ڪهڪشائن جي spiral arms دريافت ٿيا جن ۾ هر هڪ ۾ لکين ستارا موجود هيا انکان علاوہ گھڻين ڪهڪشائن جن جي تصوير پھريان ڏٺيون ويون هيون سائنسدانن جي پھريان واري اندازي کان وڌيڪ وڏيون آهن
ائين اسان بھتر اميج پراسينگ جي استعمال سان اسان اربين نيا ستارا دريافت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين جن بابت ڄاڻ اصل اميجز ۾ موجود هئي پر پهريان انھن کي سڃاڻڻ جي ٽيڪنالوجي نہ هئي

اڪسيجن جي تمام گھٽ گهاٽائپ ۾ رھندڙ مڇيون ـ

اڪسيجن جي تمام گھٽ گهاٽائپ ۾ رھندڙ مڇيون ـ 
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2275902502691828/
تحقيق : بيري گالو  ۽ ساٿي
ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو 
بيري گالو ۽ اٺ ٻين تحقيق ڪندڙ پنهنجي پي ايڇ ڊي جي تحقيقي ڪم جي دوران گلف آف ڪيليفورنيا جي گهري سمنڊ جي تري ۾ ڪيترن ئي ھنڌن جتي تمام گهٽ آڪسيجن وارا جاندار  رهن ٿا اوڏانهن رموٽ ڪنٽرول واري روبوٽ کي موڪلي ٽٻيون ھڻائي ڪري اتي رھندڙ جانورن کي فوڪس ڪيو آهي ـ 
بيري گالو  ۽ سندس ساٿين پنهنجي پي ايڇ ڊي جي ريسرچ ورڪ جي لاء گلف آف ڪيليفورنيا انهن ھنڌن تي روبوٽ موڪليو جتي سمنڊ جي تري ۾ تمام  گهٽ آڪسيجن واري ماحول ۾ رھندڙ جانور موجود ھياـ بيري گالو روبوٽ کي گهري سمنڊ جي تري ۾ ٽٻيون ھڻائي فلم ڀرائي ته جيئن خبر پئي ته ڪھڙي قسم جا جانور موجود آهن ـ
جڏهن روبوٽ جي ورتل فلم بيري گالو  سندس ساٿين ڏٺي ته انهن جي حيرت جي حد ته اتي ڪسڪ ايل (گوج جھڙي مڇي ۽ گرينڊيئيرس ۽ لولي پاپ شارڪ مليون  جنهن ته گالو چيو ته مونکي پنهنجي اکين تي مشڪل سان يقين اچي سگهيو ته اھي جاندار چستيء سان تري سگهن ٿا جتي آڪسيجن جي گهاٽائي تمام گهٽ آهي ـ اسان نيم زھريلي ھنڌ ۾ ھياسين جتي مڇين کي نه ھجڻ  گهرجي پر اتي ته سوين مڇيون موجود ھيون ۔ ھي ته اسان جي لاء ھڪ حيرت انگيز چيلينج  ھئي ته آڪسيجن جي تمام گهٽ گھاٽائپ ۾ مڇين جو زنده رھڻ واري طريقو ڪھڙو آهي ـ
تحقيق  ڪندڙن کي اڃان تائين خبر نه پئجي سگهي آهي ته اھي مڇيون ايتري گھٽ آڪسيجن واري ماحول ۾ زنده ڪيئن ٿيون رهن ـ ڪسڪ ايل ۽ ڪيٽ شارڪ جا وڏا مٿا ۽ لرزشي ڪليون شايد گهڻي آڪسيجن  حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون ھونديون  پر ٽيھ سينٽي ميٽر ھڪ ننڍڙي مڇيء جو نرم ھڏا ۽ سنھو شايد انهن کي ماحول مان توانائي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو ھجي ـ
ھنن مڇين اھڙي ماحول کي ڇو اپنايو  آهي اھو ھڪ ڳجهه آهي ـ گالو  پنهنجي ھڪ راء ڏيندي چيو ته اھو شايد کاڌي جي تلاش جي ڪري آهي يا وري شڪار ٿيڻ کان بچڻ جي ھڪ بھترين  طريقو آهي پر ھي ھڪ اھڙو  ماحول آهي جتي ٻيا ننڍا جانور نه ٿا رهي سگهن پر اسان جي لاء اھي ڪجهه سواِل وڏي اھميت ٿا رکن جنهن کي سمجهڻ يا حل ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪنداسين ـ

"

2018ع گرم ترين سالن مان هڪ قرار

2018ع گرم ترين سالن مان هڪ قرار
دريا خان سنڌي 
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2277635662518512/
آمريڪا جي رياستي اداري NOAA پاران 2018ع جي 
موسمياتي عددن ۽ شمارن موجب پويان جي 139 سالن جي مجموعي ريڪارڊ موجب 2018ع گرم ترين سالن ۾ چوٿين نمبر تي هيو پوئين 139 سالن ۾ گرم ترين سال 2016ع هيو ٻئي نمبر تي 2015ع ۽ ٽين نمبر تي 2016ع رهيو ائين پويان چار سال مسلسل گرم ترين سال رهيا آهن هي گلوبل وارمنگ جو هڪ ٻيو ثبوت آهي 
تازه ترين عددن شمارن موجب 2018ع ويهن صدي جي سراسري پد کان 1.42 درجہ فارن هائيٽ گھڻو گرم رهيو پوئين 42 سال کان هر سال ڪو سراري پد پوئين صدي جي سراسري پد کان وڌيڪ رهيو آهي پوئين ڏھ گرم ترين سالن مان نو 2015ع کانپوءِ جا سال هيا 2018ع ۾ سمنڊ جي سطح جو سراري پد پھرين صدي جي سراري کان 1.19 درجہ فارن هائيٽ وڌيڪ هيو جڏهن تہ خشڪي جو سراري پد پوئين صدي جي سراسري کان  2.02 فارن هائيٽ وڌيڪ رهيو  پوري اوڀر وسطي جي يورپ ۾ هن سال ريڪارڊ گرمي پئي، ايشيا ۾ پاڪستان جي ڏکڻي علائقن ۾ بہ ريڪارڊ گرمي پئي جيڪڏهن انسان اڳين ڪجھ صدين ۾ ماحول ۾ ڪاربن جي نيڪالي ۾ شديد گهٽتائي نہ ٿي سگھي تہ گرم جو هي سلسلو ايترو وڌي ويندو جو انکان پوءِ انسانن جي لاءِ انکي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو

نارنگي Orange

نارنگي       Orange
”اصغر ساگر“
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2275309766084435/
دنيا جو سڀ کان بھترين ميوو نارنگي۔ ڪيلرين ۾ گهٽ ۽ وٽامنن سان مالا مال آھي گڏ گڏ ذائقي سان ڀرپور آھي.
نارنگي مالٽي جو قسم آھي. ھر دل کي خوب وڻي ٿو ۽ سڀ کان وڪرو ٿيندڙ ميوو آھي. نارنگي کٽي ٿئي ٿي تہ مٺي بہ.
نارنگي ۾ وٽامن سي موسمي بيمارين ۽ ڇوتن خلاف مزاحمت پيدا ڪري ٿي جيڪا تڪسيدي جزن کي ختم ڪري ٿي جيڪي ڪينسر جو سبب ٿين ٿا.
نارنگي ۾ قدرتي طور تي وٽامن سي Vitamin C ۔ نشاستو Carbohydrate ۔ تاندور Fiber ۔ وٽامن اي Vitamin A ۔ ٿيمن Thiamin ۔ فاسفورس Phosphat ۔ فوليٽ Folate ۔ ٽامو Copper ۔ فلوڏ Flavonoid ۽ پوٽيشم Potassium شامل ٿين ٿا. ھن ۾ بي شمار فائدا ٿين ٿا. ھي فرحت بخش ٿئي ٿي. نارنگي کي سياري جو ميون ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ھن جو رس ۔ ھن جون ڦاڪون ۽ ھن جي کل سڀ صحت لاء بھترين آھن. نارنگي نظر کي تيز ڪري ٿي. ھن ۾ موجود وٽامن اي ۽ پوٽيشم اکين جي جوت وڌائن ٿا ۽ اکين جي ھيٺان ڪارا ٽڪا ختم ڪن ٿا. نارنگي ڊينگي بخار کي ھٽائڻ ۾ مددگار آھي ۽ جسم مان ڊينگي جي زھر کي ڪڍي ٿي. چمڙي جي ماھرن مطابق نارنگي جي کل کي ڇانو ۾ سڪائي ڪٽي پائوڊر ڪري ماکي ۽ کير ۾ ملائي منھن تي مک ڪرڻ سان چھري جي داغ ۽ ڌٻا دور ٿي وڃن ٿا. 
نارنگي ۾ موجود وٽامن سي جسم ۾ مدافعتي سرشتي کي مضبوط ڪري ٿي وٽامن سي کي ايسڪاربڪ ايسڊ Ascorbic acid بہ چئبو آھي. وٽامن سي تڪسيد روڪ Antioxidant طور ڪم ڪري ٿي ۽ تڪسيدي جزن Free radicals کي بنجڻ نٿي ڏئي. ھي تيزاب ڪولاجن جو اھم جزو آھي ۽ انساني جسم ۾ نون بافتن Tissues جي پيداوار ۾ مدد ڏئي ٿو.

لائڪوپين رکندڙ:-
حال جي تحقيق مطابق نارنگي ڪينسر لاء مفيد آھي. آمريڪي سائنسدانن مطابق ميون ۽ سبزين جو ڳاڙھو يا ان سان ملندڙ رنگ ۾ لائڪوپين ٿئي ٿو. نارنگي ۾ پڻ لائڪوپين ٿئي ٿو جنھن جي استعمال سان سيني ۽ رحم جي ڪينسر جا خطرا 40 سيڪڙو گهٽجي وڃن ٿا. نارنگي کائڻ ڪري جسم کي گرمي پھچي ٿي ۔ اعصابي نظام کي طاقت ملي ٿي  ۽ خون صاف ٿئي ٿو جنھن جي ڪري جسم ۾ ڪينسر جا سبب نٿا رھن.

چمڙي ۽ وارن کي تر رکندڙ:-
ھن ميوي ۾ وٽامن سي جي مناسب مقدار جسم جي دفاعي نظام کي مضبوط ڪري ٿي پر ھڪ پروٽين ڪوليڳ Collagen جي مقدار کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي جيڪا وارن ۽ چمڙي لاء تمام ضروري آھي. نارنگي ۾ وٽامن سي ڀرپور ھئڻ ڪري ھن ۾ وٽامن اي ٿئي ٿي جيڪا وارن کي تر رکي ٿي.

دماغ کي طاقت ڏيندڙ:-
نارنگي ۾ موجود جز پوٽيشم ۔ وٽامن بي 9 ۽ دافع تڪسيد دماغ لاء مفيد ڄاتا وڃن ٿا. پوٽيشم دماغ طرف رت جي وھڪ جاري رکڻ ۽ اعصابي سرگرمين کي وڌائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. نارنگي ۾ وٽامن بي عمر وڌڻ سان دماغي تنزلي کي روڪي ويسر جھڙي مرض کان بچائي ٿي. ان کان سوا نارنگي ۾ موجود وٽامن بي 6 الٽي ۽ آتن کي روڪي ٿي.

پيٽ وارين عورتن لاء مفيد:-
ھن ۾ موجود وٽامن ۽ فولڪ ايسڊ حمل دوران فائديمند ثابت ٿين ٿا. فولڪ ايسڊ جي کوٽ جي ڪري پيدائشي ٻارن جي وزن ۾ کوٽ ٿي وڃي ٿي.

شريانين کي تر رکندڙ:-
نارنگي وٽامن بي 6 ۔ وٽامن سي ۔ پوٽيشم ۽ تاندور ھجڻ ڪري دل جي صحت بھتر رھي ٿي. پوٽيشم جي ڪري رت جي شريانين وھڪ بھتر نموني رھي ٿي. ھن جي کائڻ سان دل جا مرض ۽ فالج جا امڪان گهٽجي وڃن ٿا ۽ موت جو 49 سيڪڙو خطرو گهٽ ٿي وڃي ٿو.

معدي کي مضبوط ڪندڙ:-
نارنگي ۾ تاندورا پاتا وڃن ٿا جيڪي قبضي ۔ بدھضمي ۽ ٻين عارضن جي روڪ ڪن ٿا ۽ معدي جي اصلاح ڪن ٿا.

بي پي کي وچٿرو رکندڙ:-
نارنگي ۾ پوٽيشم رت جي رڳن کي نرم رکي ٿو ۔ رڳن ۾ لچڪ پيدا ڪري ٿو ۔ وھڪ کي يقيني بنائي ٿو ۽ بي پي کي وچٿرو رکي ٿو.

موسمي مرضن سان وڙھندڙ:-
ھن ميوي ۾ موجود وٽامن سي جسماني دفاعي نظام کي بھتر ڪري ٿي ۽ موسمي بيمارين ۽ ڇوتن جي خلاف مزاحمت ڪري ٿي ۽ ڪينسر جو سبب ٿيندڙ آزاد آڪسن جو سبب بنجي ٿي.

ڪينسر جي روڪ ڪندڙ:-
نارنگين ۾ موجود تڪسيد روڪ گهرڙن ۽ ڊي اين کي ٽٽڻ کان روڪن ٿا جيڪي ڪينسر جو سبب بنجن ٿا ڪيترن مطالعن مان معلوم ٿيو آھي تہ نارنگي آنڊن جي ڪينسر لاء مفد آھي. حال جي تحقيق مطابق نارنگي ڪينسر لاء مفيد آھي. آمريڪي سائنسدانن مطابق ميون ۽ سبزين جو ڳاڙھو يا ان سان ملندڙ رنگ ۾ لائڪوپين ٿئي ٿو. نارنگي ۾ پڻ لائڪوپين ٿئي ٿو جنھن جي استعمال سان سيني ۽ رحم جي ڪينسر جا خطرا 40 سيڪڙو گهٽجي وڃن ٿا. نارنگي کائڻ ڪري جسم کي گرمي پھچي ٿي ۔ اعصابي نظام کي طاقت ملي ٿي  ۽ خون صاف ٿئي ٿو جنھن جي ڪري جسم ۾ ڪينسر جا سبب نٿا رھن.

جسم مان زھريلا مادا خارج ڪندڙ:-
نارنگي جي کائڻ سان زھريلا مادا خارج ٿي وڃن ٿا ۔ جسم ۾ رطوبت اچي ٿي ۔ تازگي جو احساس پيدا ٿئي ٿو.

وزن گهٽ ڪندڙ:-
سردين ۾ بغير ڊائيٽ جي صرف نارنگي کائي پنھنجو وزن گهٽ ڪري سگهجي ٿو. نارنگي جسم جون ضرورتون پوريون ڪري بک جو احساس ختم ڪري ٿي ۽ بار بار ٻين شين کائڻ جي تمنا نٿي رھي.

پت Cholesterol گهٽ ڪندڙ:-
نارنگي ۾ سفيداڻ Pectin ۽ ليموڻ Lemonene جھڙا جز پت جي سطح کي معمول تي رکن ٿا ۽ وڌڻ کان روڪن ٿا.

بڪين جي مرضن کان حفاظت ڪندڙ:-
نارنگي جو رس جسم ۾ کٽ Citrus جي مقدار ۾ اضافو ڪري ٿو جنھن سان گردن ۾ پٿري جا امڪان گهٽ ٿي وڃن ٿا. روزانو نارنگي کائڻ سان جسم جا ڪيترائي مرض دور ٿي وڃن ٿا.

نزلي زڪام کان دور ڪندڙ:-
نارنگي کٽي ھئڻ ڪري نزلي زڪام کان دور ڪري ٿي ۽ وٽامنن سان ڀرپور ھئڻ ڪري وائرسي وچڙ کان بچائي ٿي.

ڳڻتي ختم ڪندڙ:-
نارنگي جتي فضا کي معطر ڪري ٿي اتي ھن کي ڏسڻ سان دل خوش ٿي وڃي ٿي. سائنسدانن جي تحقيق مطابق نارنگي کي سنگهڻ سان ستر سيڪڙو ڳڻتي ختم ٿي وڃي ٿي يا ھڪ نارنگي کائڻ سان ستر سيڪڙو ڳڻتي ختم ٿي وڃي ٿي.

اڃ ختم ڪندڙ:-
نارنگي جيري جي صفرا ۽ گرمي ختم ڪندڙ آھي. جن ماڻھن کي گهڻي اڃ لڳي ٿي اھي نارنگي کائن. نارنگي کائڻ سان خشڪي Dehydration ختم ٿي ويندي ۽ جسم ۾ تراھٽ Hydration اچي ويندي.

نوٽ:-
شڳر وارن کي نارنگي کائڻ ۾ احتياط ڪرڻ کپي.
نارنگي کائڻ وقت لوڻ استعمال نہ ڪجي ڇوجو ھي پت کي خارج ڪري بي پي کي گهٽ ڪندڙ آھي.

فطري چونڊ سان ٿيندڙ ارتقاء جي تصديق

فطري چونڊ سان ٿيندڙ ارتقاء جي تصديق جي لاءِ فيلڊ ۾ ڪيو ويندڙ سڀ کان وڏو تجربو 
دريا خان سنڌي 
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2278352682446810/
ارتقاء جي نظري جي پيش گوئين کي پرکڻ جي لاءِ ليبارٽري ۾ تجربا ڪيترن ئي عرصن کان ڪيا ويا آهن
پر فيلڊ ۾ عمومن صرف مشاهدا ڪيا ويندا آهن فيلڊ ۾ سائينسي تجربن دوران گھڻن پيراميٽرز کي قابو ڪرڻ ضروري هوندو آهي ۽ فيلڊ ۾ تجربن جي دوران مختلف 
پيراميٽرز کي قابو ڪرڻ گھڻو مشڪل ٿي ويندو آهي پر سائنسدانن پاران هڪ وڏي تجربي ۾ فيلڊ ۾ يعني کليل فضا ۾ ارتقاء جي عمل جو تفصيلي مشاهدو ڪيو آهي ۽ هي تجربو گھڻو ڪري ڪامياب رهيو آهي ان تجربي جو مقصد اهيو ئي هيو تہ ليبارٽري جي بجائي فيلڊ ۾ ارتقاء جي عمل جو مشاهدو ڪيو وڃي ان تجربي ۾ ٻن مختلف علائقن ۾ هلڪي رنگ جي زمين ۽ گھري رنگ جي زمين چونڊي وئي ۽ ٻنھي خطن ۾ گھڻي وڏي علائقي تي هڪ ئي قسم جي ڪوئن کي ڇڏيو ويو ان تجربي جو مقصد هيو تہ ڏٺو وڃي تہ زمين جي مختلف رنگن جي هجڻ ۾ انھن ڪوئن جي بقا ۾ ڪو فرق ايندو يا نہ ايندو ۽ انھن ۾ ڪا اڊيپٽيشن ٿيندي يا نہ 
انکان پھريان ان قسم جا جيڪي تجربا ڪيا ويا هيا انھن ۾ ارتقاء جي صرف ڪنهن هڪ حصي تي ئي نظر رکي وئي هئي جڏهن تہ ان تجربي ۾ ارتقاء جي گھڻن حصن جو بي وقت احاطو ڪيو ويو انھن ڪوئن جي نسلن کي ڏهن سالن تائين انھن علائقن ۾ رکيو ويو ۽ انھن ۾ ٿيندڙ تبديلن جو مشاهدو ڪيو ويو ائين ڪرڻ جي لاءِ سائنسدانن گھڻي وڏي علائقي کي لوھ جي پليٽن کي جوڙي جوڙي ڪري ان طرح بند يعني isolate ڌار ڪيو تہ ان علائقي کان ٻاهر جو ڪو ڪوئو اندر نہ اچي سگھي ۽ نہ ئي ان علائقي جي اندر ڪو ٻاهر وڃي سگھي ان پليٽن کي زمين کي کوٽي ڪري لڳائيو ويو تہ جيئن زمين کوٽي ڪري ان پليٽن جي هيٺ کان ٻاهر اچڻ وڃڻ جو رستو نہ ٺاهي ڇڏين ۽ هي پليٽون ايتريون مٿي ۽ هيٺ هيون جيئن ڪوئا انھن جي مٿان يا هيٺان کان وڃي نہ سگھن جن کان ٻاهر نڪرڻ ڪوئن جي لاءِ ناممڪن هيو 
جڏھن هي ٻہ علائقا لوھ جي پليٽن سان ڌار ڪيا ويا تہ ٻنھي علائقن يعني هلڪي رنگ جي زمين جي علائقي ۽ گھري رنگ جي زمين جي علائقي ۾ پنج پنج سئو ڪوئا ڇڏيا ويا ڇڏڻ کان پھريان انھن سڀني ڪوئن جون تصويرون ورتيون ويون ۽ انھن جا ڊي اين اي سيمپل بہ پڻ محفوظ ڪيا ويا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انھن مان ڪجھ ڪوئن کي بازن ۽ آلوئن پاران شڪار ڪيو ويو ائين ڪيترن سالن کانپوءِ هلڪي رنگ جي زمين تي صرف هلڪي رنگ جا ڪوئا ۽ گھري رنگ جي زمين تي صرف گھري رنگ جا ڪوئا بچي ويا هي نتيجا ارتقاء جي نظري جي پيش گوئين جي عين مطابق هيا 
جيڪڏهن هي تجربا اتئي ختم ڪيا وڃن ها تہ بہ تجربي مان ارتقاء جي عمل جو نتيجو صاف ظاهر هيو پر سائنسدانن نہ صرف ان مشاهدي تي ئي اتفاق نہ ڪيو بلڪي ڏھ سال کانپوءِ انھن ٻن علائقن ۾ هاڻي موجود ڪوئن جي ڊي اين اي جو موازنا بہ ڪيو ان موازني سان اهيو ظاهر ٿيو تہ هلي رنگ جي ڪوئن جي ڊي اين اي ۾ ڪيترا ئي نيا ميوٽيشنز ٿي چڪا هيا جيڪي گھري رنگ جي ڪوئن ۾ نہ هيون ان طرح گھري رنگ جي ڪوئن ۾ بہ ڪيترا ئي نيا ميوٽيشنز موجود هيا جيڪي هلڪي رنگ جي ڪوئن ۾ نہ هيا اهيو ئي نہ بلڪي سائنسدانن جڏهن هلڪي رنگ جي ڪوئن جي ڊي اين اي ۾ موجود ميوٽيشنز ليبارٽري ۾ گهري رنگ جي ڪوئن جي ڊي اين اي ۾ داخل ڪيا تہ انھن جا ٻچا بہ هلڪي رنگ جا ٿيڻ لڳا ان طرح جڏهن گھري رنگ جي ڪوئن جي ڊي اين اي ٿيندڙ ميوٽيشنز ليبارٽري جي ڪوئن جي ڊي اين اي ۾ داخل ڪيا تہ انھن جي اڳئين نسلن جا رنگ بہ گهرا ٿيڻ لڳا 
وڌيڪ تجربن سان اهيو ثابت ڪيو ويو تہ جن جينز ۾ هي ميوٽيشن ٿيون هيون اهي جينز وارن جي رنگ کي ڪنٽرول ڪندا آهن ۽ هي ميوٽيشنز ان رنگن کي گهرا يا هلڪا ڪرڻ ۾ مددگار هوندا آهن ائين سائنسدانن هي ثابت ڪري ڏيکاريو تہ ارتقاء جي عمل ۾ ان جينز ۾ ميوٽيشنز جي سليڪشن ٿي جيڪا وارن جي رنگ کي ڪنٽرول ڪندا آهن ڇوجو وارن جا رنگ جيڪڏهن زمين جي رنگ سان ملندڙ جلندڙ هجن تہ ڪوئن کي پنھنجي پاڻ کي ٻين جانورن سان لڪائڻ سولو ٿي ويندو آهي فطرت ۾ ڪيموفلاث جا ارتقاء وري وري ٿيو آهي ۽ هر واري انجي وجهہ اهيا سليڪشن پريشر رهي آهي 
هي تجربا اڃان بہ جاري آهن ڪوئن جي جنھن نسل مان ان تجربي جو آغاز ڪيو ويو هيو اهو ڪوئا صدين پھريان مري چڪا آهن پر انھن جا جينز هاڻ بہ موجوده نسل ۾ موجود آهن ۽ انھن ۾ اهوئي ميوٽيشنز پاتا ويا آهن جن جي وجهہ سان انھن جي بقا جي امڪان وڌي ويا ائين هڪ دفعو وري ارتقاء جي نظري جون گهڻيون پيش گوئيون درست ثابت ٿيون

اوزون Ozone

۔۔۔۔۔ اوزون ( Ozone ) ۔۔۔۔
زاهد آرائين 
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2278352682446810/
اوزون گئس، آڪسيجن جي ٽن ائٽمن جي ملڻ سان ٺهي ٿي. اوزون جو تهه، اوزن گئس جو ٺهيل هوندو آهي.
 اوزون جو وڌ ۾ وڌ مقدار ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان 15 کان 60 ڪلو ميٽر مٿي، ڌرتيءَ جي چؤگرد ڇَٽَ جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن کي ”اوزونو اسفيئر“ (Ozonosphere) سڏيو ويندو آهي. 

اوزون جو تهه سڀ کان پهرين هڪ فرانسيسي، علمِ طبعي جي ماهر ”چارلس فئبري“ 1913ع ۾ لڌو. 
هوا جي هڪ ملين حصي ۾، اوزون هڪ حصي جي حساب سان موجود ٿئي ٿي، ايتري تڇ مقدار ۾ موجود هوندي به سج جي ساڙيندڙ الٽرا وايو ليٽ ڪرڻن کي اثرائتي نموني جذب ڪري، زمين تي پهچڻ نٿي ڏئي. قدرتي طور جڏهن سج جا الٽرا وايوليٽ ڪرڻا وايومنڊل ۾ موجود آڪسيجن سان لڳن ٿا، تڏهن ”اوزون“ پيدا ٿئي ٿي. سج جي روشنيءَ ۽ وايومنڊل ۾ قدرتي طور موجود نائٽرس آڪسائيڊ جي مختصر مقدار کان سواءِ ڪن ڪيميائي مادن جي موجود هجڻ سبب گهڻو وقت جٽادار رهي نٿي سگهي، ائين قدرتي وايومنڊل ۾ ”اوزون“ جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو عمل ۽ توازن برقرار رهي ٿو. اوزون جو ڇَٽ سججا 99 سيڪڙو ڪرڻا جذب ڪري ڇڏي ٿو، جيڪي هونئن انسانن، جانورن ۽ ٻوٽن لاءِ موتمار ثابت ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته منجهانئس سج جا انفراريڊ ترورا ٽپي، زمين کي گرمائش پهچائين ٿا.

ايئر ڪنڊيشنرن ۽ ريفريجريٽرن کان سواءِ اسپري دٻن، جهڙوڪ: وارن جي اسپري، خوشبوءِ پکيڙيندڙ ۽ ايئرفريشنرن ۾ استعمال ٿيندڙ فيران گئس ۽ ٻي ماحولياتي گدلاڻ اوزون جي تهه کي ڳاري ڇڏي ٿي. ڏهه سال اڳ جي هڪ اندازي موجب هن گئس جا لڳ ڀڳ 17000,000,00 پائونڊ هر سال وايومنڊل ۾ خارج ٿين ٿا. ’اوزون‘ جي تهه ۾ وڌ ۾ وڌ اوزون، قطبن وٽ ۽ گهٽ ۾ گهٽ خط استوا وٽ موجود آهي. 
اوزون جي تهه ۾ جيتري وڌيڪ ڇڊاڻ ٿيندي، اوترا سج جا الٽرا وايوليٽ ڪرڻا وڌيڪ مقدار ۾ ڌرتيءَ تي پهچندا ۽ اوتريون بيماريون جهڙوڪ، چمڙيءَ جي ڪئنسر ۽ اک جي موتئي پاڻيءَ جون بيماريون وڌنديون ۽ جانورن سميت ٻوٽا متاثر ٿيندا. هڪ اندازي موجب اوزون جي تهه ۾ صرف 5 سيڪڙو ڇڊاڻ سبب سڄيءَ دنيا ۾ هر سال رڳو چمڙيءَ جي ڪينسر ۾ 50 لکن کان وڌيڪ ماڻهو مبتلا ٿي سگهن ٿا.

ڪوئي جي ڪٽيل پير کي ٻيھر پيدا ڪرائڻ وارو تجربو

ڪوئي جي ڪٽيل پير کي ٻيھر پيدا ڪرائڻ وارو تجربو 

تحقيق ڪندڙ: ڪين منيوڪا ۽ ساٿي 
ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو 
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2277643012517777/
سائنسدانن ٻن پروٽينس جي سڃاڻي ورتو آهي جيڪي  ڪوئي جي پير جي ڪٽيل آڱرين ۾ واڌ جو سبب بڻجن ٿيون ـ سائنسدانن جو خيال آهي ته ھن نئين تحقيق سان انسان جي ڪٽيل ڄنگھ يا ٻانهن جي واڌ ڪرائي سگهڻ واري مقصد کي ويجهو پھتا آهن ـ 
ھن تحقيق  کان اڳ به سائنسدان ھڏي جي واڌ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن جڏهن ته ھن نئين تحقيق ۾ گوشت سان گڏ ھڏي وڌائڻ کان سواِء جوڙن جي واڌ پڻ ممڪن ٿي سگهي آهي جنهن مان ئي اسان جي پريشاني جو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اسان اڳ وارن تجربن جي وقت ۾ ڪيترو نه مونجهارو ٿيو ھوندو ڇاڪاڻ ته ھڏو ۽ ان جو جوڙ تمام  گهڻو اھم ھوندا خاص طور تي جيڪڏهن ڪو وڃايل ھٿ يا ڄنگھ واپس آڻڻ چاهي ٿو ته ـ
سائنسدانن اڳ به ڪوئي ۾ بي ايم پي 2 پروٽين استعمال
ڪندي ھڏا ٻيھر پيدا ڪرائي چڪا آهن , ھتي سائنسدانن ھڪ ٻي پروٽين بي اين پي 9  ملائي ـ جڏهن انهن ٻنهي جي جوڙجڪ ڪوئي جي ڪٽيل پير جي آڱرين تي استعمال ڪئي وئي ته تقريبن سٺ سيڪڙو پير جي آڱرين جي ٻنڍن جا ھڏا ٺھي ويا يعني ھڪ ڪارٽيليج (ڀرڪڻي ھڏي) جو تھه سو به ٽن ڏينهن ۾ ـ  پروٽين  کان سواِء , ڪٽيل پير جون آڱريون ڇٽي وينديون جيئن عام طرح سان ٿيندو آهي ـ
ھي ڪارٽيليج جوڙن جي ٺھڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آهن جنهن سان پير يا ڄنگھ جي ٻيھر پيدا ڪرڻ وارو عمل واضع طور تي شروع ٿي وڃي ٿو ـ ايتريقدر جو اھي جاندار جيڪي فطري طور تي پنهنجو عضوو وڃائي وري ٻيھر  واڌ ڪري پيدا ڪري وٺندا آهن ڇاڪاڻ ته اھڙن جاندار ن ۾ به   ھڏي ۽ جوڙ جي واڌ مشڪل سان ڏسڻ ۾ آئي آهي ـ
 ٽيڪساس يونيورسٽي اي اينڊ ايم ۾ تحقيق ڪندڙ ڪين منيوڪا ٻڌايو ته اھڙي قسم جا اڀياس ثبوت مھيا ڪن ٿا ته واڌ وارن جزن جي علاج ۾ ٻيھر  پيدا ڪرڻ واري انجنيئرنگ استعمال ڪري سگهجي ٿي ته جيئن ھڪ رد عمل کي ٻيھر پيدا ڪري سگهجي خاص طور تي ھڪ ٻيھر نه پيدا ٿيندڙ ڪٽيل زخم مان ـ ھي اڀياس ڏيکاري ٿو ته ڪٽيل عضوي جي ٻيھر  واڌ ڪرڻ ۾ تمام گهڻي تيزي اچي وڃي ٿي جڏھن پھريان بي ايم پي 2 لڳائي ٿي وڃي بي ايم پي 9 سان ھڪ ھفتو پوء  ----- ھـن صورت عضوي جي واڌ جي دوران ھڏي سان گڏ مڪمل جوڙ به وڌي اچن ٿا ـ
منيوڪا راء ڏيندي چيو ته تحقيق  ڏيکاري ٿي ته ٿڻائتن جانورن جا جيو گهرڙا جسم جا حصا ٻيھر پيدا ڪري سگهن ٿا , چستي ڏئي سگهن ٿا ـ اھي جيو گهرڙا ڪري به سگهن ٿا ۽ نه به ڪري سگهن ٿا تنهنڪري اسان کي اھو ڏسڻو آهي ته انهن ۾ تضاد ڪھڙو آهي ـ 
اسان گهڻي تحقيق  ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا ته انهن جيو گهرڙن ۾ ڪيئن حرڪت پيدا ڪجي ته جيئن اھي صحيح رستي تي اچن پر اسان جي تحقيقي ٽيم کي اميد آهي ته آخرڪار ھي جوڙن وارو علاج آسٽيو آرٿرائيٽس (جوڙن جي بي ترتيبي) واري علاج ۾ مددگار ٿيندي ـ
سائنسدان اينيمل ڪنگڊم مان اتساھ وٺي رهيا آهن ته جانور پنهنجو ڪٽيل عضوو وري ٻيھر ڪيئن ٿا حاصل ڪن مثال طور ڪرڙي پنهنجو پڇ ـ منيوڪا  راء ڏيندي چيو ته اھي پنهنجي صحيح جيو گهرڙن کي حرڪت ۾ ٿا آڻين ـ

تارا Stars

تارا                Stars
”اصغر ساگر“
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2278773295738082/
جڏھن اسان رات جو آسمان ڏي ڏسندا آھيون اھي جهرمٽ جي صورت ۾ تارا ٽمڪندي نظر ايندا آھن. تارا گئسن جا تمام وڏا گولا ٿين ٿا جيڪي رات جو چمڪن ٿا. تارن جي انهيءَ ميڙ کي ناکئا ۽ جهاز ران پنهنجي سھولت خاطر نشاني طور استعمال ڪن ٿا. ڪيترائي تارا سدائين پنهنجي ساڳي شڪل ۾ رهن ٿا ۽ هزارن سالن کان اسين انهن کي ڏسون پيا. سائنسدانن دوربينيءَ وسيلي اِهو معلوم ڪيو تہ هر تارو حقيقت ۾ هڪ سج آهي. تارا سج کان کان بہ تمام وڌيڪ پري مفاصلي تي آهن، ان ڪري ننڍا نظر اچن ٿا. ويجهي ۾ ويجهو تارو پڻ زمين کان 37 ڪروڙ لک ڪلوميٽر پري آهي. تارا هڪ ٻرندڙ گولي وانگر ٿين ٿا، پر تمام گهڻي مفاصلي تي هجڻ اھي تمام ننڍڙا نظر اچن ٿا ۽ سھڻي نموني ٽمڪندڙ ۽ چمڪندڙ نظر اچن ٿا. ڪيترائي تارا سالن جا سال ساڳيءَ جاءِ تي رهن ٿا. اسان جو سج بہ ھڪ تارو آھي جيڪو بلڪل 5 ارب سالن کان روشني ڏيئي رھيو آھي ۽ لڳ ڀڳ ايتري عرصي تائين چمڪندو رھندو. رات جو نظر ايندڙ تارا سج کان لکين ڀيرا وڏا آھن پر اھي سج کان تمام گهڻو دور ھجڻ ڪري تمام ننڍا نظر اچن ٿا. انهن تارن جي روشني لکن ڪروڙن سالن جو سفر طئي ڪري اسان وٽ پھچي ٿي.
ڪائنات جي بگ بينگ سان شروعات ٿيڻ کانپوءِ ستت ئي تمام وڏي مقدار ۾ هيڊوجن ۽ هيليم عنصر ٺهيا. جڏهن ڪائنات ڦھلجي وڏي ٿي ۽ نتيجي ۾ ٿڌي ٿي تڏهن انهن عنصرن ڪشش ثقل جي زير اثر پھرين تارا (First Generation Stars) ٺاهيا.
اسان جي ڪائنات جو قطر تقريبن 90 ارب نوري سال آھي ھن ۾ ھڪ کرب کان وڌيڪ ڪھڪشائون موجود آھن ۽ ھر ڪھڪشان ۾ اربين تارا آھن. ڪھڪشائون اسان کان ايتريون دور آھن جو اتي پھچڻ عملي طور تي ناممڪن آھي. تيز ترين خلائي جھازن ۾ پرانھين ڪھڪشائن تي پھچڻ لاء اربين سال درڪار آھن. جنھن ڪھڪشان ۾ اسان رھون ٿا ان ۾ چار کرب تارا پاتا وڃن ٿا ۽ ان مان 20 ارب تارا اسان جي سج وانگر ٿين ٿا. اسان جي ڪھڪشان تقريبن 13 ارب سال پراڻي آھي. ان جي آغاز ۾ تمام گهڻا تارا سپرنووا ٿي ڦاٽي رھيا ھئا پر ٻن ارب سالن کان پوء گرھن جو وجود ممڪن ٿي ويو ۽ جيسين زمين جو تعلق آھي تہ اھا صرف ساڍا چار ارب سال پراڻي آھي. تاري کي سمجهڻ کان پھرين اچو تہ پھرين ڪھڪشان کي سمجهون.
اسانجي ڪائنات ۾ ٻہ هزار ارب ڪهڪشائون موجود آهن جڏهن تہ اسانجي ڪهڪشان ملڪي وي چار سئو ارب ستارن سان هڪ وچ واري ڪهڪشان جو درجو حاصل ڪري ٿي جيڪا نہ تہ وڏي آھي نہ ئي ننڍي. ھبل جي تازين تصويرن مطابق اسان جي ڪھڪشان ملڪي وي جي هڪ حصي برج قوس Sagittarius Arm ۾ واقع آهي. اسان جي ڪھڪشان ان طرح جي گھڻن وڏن وڏن برجن Arms سان ملي ڪري ٺھي آهي ۽ هي برج Arms اسانجي ڪهڪشان جي ۾ موجود بليڪ هول جي گردش ۾ چڪر لڳائي رهيا آهن.
دريا خان سنڌي مطابق اسان جنھن حصي ۾ رهون ٿا، ان کي ستن روشن برجن جو مجموعو جبار ٻانھن Orion Arm چئبو آهي. اوهان کي انکي ريل گاڏي جي ڊٻن جي مثال سان سمجھي سگھو ٿا تہ اسان جبار ٻانھن Orion arm نالي ڊٻي ۾ ويٺل آهيون جڏهن تہ اسانجي پاڙيسري ڊٻي جو نالو برج، قوس ۽ راس آهن جيڪو اسان کي زمين کان عام اک سان ڏيکاربو آهي. اسان جي ڪهڪشان کي ملڪي وي ان ڪري چئبو آهي تہ رات جو ان جو هڪ حصو قوس برج Sagittarius Arm ۾ زمين تھ ڏنڌلي رنگ جو ڏيکاربو آهي. گرمين ۾ اوهان اڌ رات جي وقت زميني تھ تي ان حصي کي ڏسي سگھو ٿا پر ڇو تہ شھرن ۾ گھڻي روشني هوندي آهي جنھن ڪري جديد سروي موجب دنيا ۾ 33 سيڪڙو آبادي لائيٽي خرابي Light Pollution جي ڪري عام اک سان ملڪي وي جي ان حصي کي ناهي ڏسي سگھندي. جيڪڏھن اوھان برج قوس Saggitarius Arm کي عام اک سان ڏسڻ چاهيو ٿا تہ ان لاءِ اوهانکي شھر جي روشني کان پري گرمي جي موسم ۾ اڌ رات جو ويران جڳھ تي وڃڻو پوندو جتي اوهان ان منظر کي ڏسي سگھو ٿا. اسان مٿي پڙهيو تہ سج جبار ٻانھن Orion Arm کيرائين جي مرڪز ۾ موجود بليڪ هول جي گردش چڪر لڳائي رهيو آهي هي هڪ چڪر 23 ڪروڙ سال ۾ مڪمل ٿيندو آهي جڏهن تہ اسان جي سج جو ملڪي وي جي مرڪز کان فاصلو تقريبن 25 هزار نوري سال آهي. اسانجي سج ۽ برج قوس Sagittarius Arm جي درميان گھرا گردشي ڪڪر موجود ٿين ٿا جن جو مايو اسانجي سج کان ڪروڙين گنا وڌيڪ آهي. اهو ئي سبب آھي جو لاتعداد تارا هجڻ باوجود برج قوس Sagittarius Arm ۾ روشن ڏيکاربو ناهن ڇوجو گردش جي ان ڪڪرن جي ڪري انهن تارن جي روشني اسان تائين ناهي پھچي سگھندي. ان گردش ۾ ڪڪرن جي ڊيگھ ٽي سئو نوري سال تائين آهي. انهن ڪڪرن کي Great rift يا Dark rift جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
اهڙا ئي گردش جا ڪڪر اسانجي ڪهڪشان جي مرڪز جي ويجهي بہ موجود آهن جنھن سان اسانکي ملڪي وي جو مرڪز عام اک سان ڏيکاربو ناهي. سائنسدانن جي اندازي  مطابق اسان عام اک سان زميني تھ تي نو هزار تارا ڏسي سگھندا آهيون. هي سڀ جا سڀ اسان جي ويجهي هڪ هزار نوري سال جي احاطي ۾ ايندا آهن جڏهن تہ اسان جي ڪھڪشان هڪ کان ٻہ لک نوري سال تي وسي ٿي ان جو مطلب هي آهي تہ ڪائنات ڇڏي اسان پنھنجي ڪھڪشان جو صرف هڪ سيڪڙو حصو عام اک سان ڏسي سگھندا آهيون.
ڪيترن سالن تائين ھي مڃيو پئي ويو تہ تارو اڪلوتو جسم ٿئي ٿو اھو ان ڪري جو اسان جو سج ائين نظر پئي آيو پر جلدي مشاھدي ۾ آيو تہ ڪڏھن ڪڏھن ٻہ يا ٻن کان وڌيڪ تارا پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جي ڪشش تحت ھڪ گڏيل مقداري مرڪز Center of mass جي چوڌاري گهمندا رھن ٿا تہ ان کي ڪثرتي تارن جو نظام Multiple star system چيو وڃي ٿو. ڪجھ تارا اھڙا ٿين ٿا جيڪي جيڪي وقت سان گڏ تبديل ٿيندا رھن ٿا اھڙن تارن کي متغير تارا Variable stars چئبو آھي.
تمام ستارا گرم ٽچڪندڙ گئسن جا ٺھيل ٿين ٿا انهن ستارن جا ٻاھريان تھ ايترا خالي ٿين ٿا جو اسان انهن کي گرم ڳاڙھي خلا چئون بيجا نہ ٿيندو. ڪجھ ستارا ايترا گهاٽا ٿين ٿا جو ٻاھرين تھن جي مادي سان ڀريل ھڪ چمچو ڪيئي ٽن وزن جو ٿي سگهي ٿو. گهڻا تڻا ستارا وڌيڪ ھيڊوجن گيس ۽ ٿوري ھيليم گئس جا ٺھيل ٿين ٿا ٻيا عنصر بہ ٿوري مقدار ۾ موجود ٿين ٿا جيئن آڪسيجن ۔ ڪاربان ۔ نيان ۽ نيٽوجن.
تارا ٻن نمونن جا ٿين ٿا.
(1) وزني تارا
(2) ننڍا تارا

(1) وزني تارا
وزني تارا اھي تارا آھن جيڪي سج کان ڏھوڻ  وڏا ٿين ٿا ھي تارا تقريبن ڏھ لک سال ٻارڻ استعمال ڪري ڦڦڙجي نئين Red giant جي شڪل اختيار ڪن ٿا ان کان پوء تاري جو ڍڪ يا مرڪز ختم ٿي وڃي ٿو ان جا ٻھريان تھ ڦاٽي سپرنووا ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا جنھن تاري جي ڍڪ جو مايو گهٽ ھجي ان کي نيوٽان تارو ۽ جنھن تاري جي ڍڪ جو مايو وڌيڪ ھجي ان کي ڪارونڀار چئبو آھي.

(2) ننڍا تارا
ھي تارا پھرين ڦڦڙجي پکڙجي ڳاڙھا ديو Red giant بنجن ٿا ۽ پنھنجي ٻاھرين تھن کي خلا ۾ پکيڙي ڇڏن ٿا. ھي تارا سپرنووا وانگر ڦاٽڻ بجاء پنھنجن ٻاھرين تھن سان پنھنجي چوڌاري ھڪ شيل ٺاھن ٿا جو نيبولا گرھ سڏجي ٿو. اندريون ڍڪي تھ سفيد بوني White dwarf وانگر چمڪي ٿو ۽ لکن سالن کان پوء ٿڌو ٿي ڪاري بوني Black dwarf ۾ تبديل ٿي روشني جي نيڪالي بند ڪري ڇڏي ٿو.

تارن جو چمڪڻ :-
گرم ٿين ٿا ۽ ھن شديد گرمي جي ڪري پنھنجي حرارت کي خلا جي سرد اونداھين ۾ پکيڙين ٿا ۽ حرارت روشني جي رٿ تي سوار ٿي اسان وٽ پھچي ٿي ان مظھر کي اسان روشني چئون ٿا.
ستارا ان ڪري گرم ٿين ٿا جو ان ۾ شديد ڪشش جي ڪري ھيڊوجن ۽ ھيليم جا وڏا وڏا ڪڪر ھڪ ٻئي سان رڳڙ جي ڪري حرارت پيدا ڪن ٿا جنھن جي ڪري حرارتي درجي جي وڌندي وڌندي ھڪ ڏينھن ۾ 15 لک پد تي پھچن ٿا جو ھيڊوجن جي فيوزن شروع ٿي وڃي ٿي جنھن جي حرارت ريڊيئيشن جو داٻ بنائي ٿي جيڪا ڪشش جي گرفت جو توازن ڪري ٿي ان حالت کي   Hydro Static Equilibrium چون ٿا ان حالت کي ستارا گهڻي مدت تائين رکن ٿا. ستارن جي چمڪڻ جو راز جوھري رچاء ردعمل Nucear fusion reactin آھي. ستارن ۾ تمام گهڻي گرمي پد جي ڪري ھلڪا ايٽم (ھيڊوجن) ملي ڳرو عنصر ھيليم Helium  ٺاھن ٿا. ھن ردعمل جي ڪري تمام وڌيڪ توانائي روشني ۽ حرارت جي صورت ۾ خارج ٿئي ٿي ان ڪري تارا روشن ڏسڻ ۾ اچن ٿا ھي تارا ھر سيڪنڊ ۾ لکاھا ٽن مادي کي توانائي ۾ تبديل ڪن ٿا. انهن جي عمر جو وڏو راز ھي آھي تہ ھي تمام وڏا ٿين ٿا ۽ تمام وڌيڪ ھيڊوجن رکن ٿا جڏھن جوھري ردعمل Fusion reaction جي لاء ھلڪا عنصر ختم ٿي وڃن ٿا تہ ستارا پنھنجي آخري ڏينھن ۾ داخل ٿين ٿا جتان سپرنووا جو جنم شروع ٿئي ٿو ۽  ڌماڪن جا وڏا ڦاٽ شروع ٿين ٿا.

تارن جو ٺھڻ :-
گهڻائي ستارا ھيڊوجن جا ٺھيل ٿين ٿا. ھڪ ستاري جي چند ارب سال عمر ٿئي ٿي. ستارو جيترو وڏو ھوندو اوتري ان جي عمر گهٽ ھوندي. جيترو ننڍو ھوندو اوترو گهٽ ٻارڻ جي ڪري ان جي عمر وڏي ھوندي. ستارا گئس ۽ آسپاس جي گئسي بادلن مان جنم وٺن ٿا جن کي اسان بونا تارا Nebula star چئون ٿا. بونن تارا اندر ۽ آسپاس گئس جي باھمي ڪشش جي ڪري پاڻ ۾ ٽڪرائيندا رھن ٿا ايستائين جو ان ٽڪراء جي ڪري ڌوڙي بادل ۽ گئس سڪڙجڻ شروع ڪن ٿا. ائين ھڪ ٻار ستارو پيدا ٿئي ٿو جنھن کي پروٽو اسٽار Proto star چيو وڃي ٿو. ھاڻي ھي ٻار ستارو پنھنجي اندر دٻاء جي ڪري تمام وڌيڪ گهاٽو ۽ تمام وڌيڪ حرارت جي درجي تي پھچي ٿو. آخرڪار نيم ستاري جو درجو ايترو وڌيڪ ٿي وڃي ٿو جو ان جي اندر خودڪار ايٽمي ڌماڪا شروع ٿي وڃن ٿا تہ ان وقت ان کي مڪمل ستاري جو درجو ملي وڃي ٿو. اسان کي معلوم آھي ستارا ھيڊوجن جا ٺھيل ٿين ٿا. ھر ستاري جي اندر ارتقائي مرحلا ھلندا رھن ٿا.
بٺي ۾ جيئن آڳ جلي ٿي ان مان گرمي نڪري ٿي گرمي کي لوھ جذب ڪري ٿو گرمي کي جذب ڪندي لوھ جا ايٽم تمام پرجوش ٿي وڃن ٿا پرجوش ٿيڻ جي ڪري ايٽم ۾ موجود اليڪٽران تبديل ڪن ٿا جڏھن ھي اليڪٽران واپس پنھنجي آربٽ ۾ پھچن ٿا تہ ھي حاصل شدھ توانائي کي فوٽان جي صورت ۾ خارج ڪن ٿا ھي فوٽان برقي چقمقي ٻني جو حصو ٿين ٿا.
ھاڻي ستارن تي غور ڪجي. اھي جوھري رچ ردعمل جي مدد سان ابتدائي مرحلن ۾ نموني ھيڊوجن مان ھيليم ٺھندي رھي ٿي ھي مرحلو پروٽان پروٽان کان ٿيندو ھيليم تائين پھچي ٿو ان دوران پھرئين مرحلي جنھن ۾ پروٽان پروٽان سان ملن ٿا تہ نيوٽيڻا ۽ پازيٽران خارج ٿين ٿا پازيٽران جواخراج ان ۾ موجود پروٽان کي نيوٽران ۾ تبديل ڪري ٿو جنھن سان ھيڊوجن جو آئسوٽاپ ٻٽوپ Deuterium  ٺھي ٿو جيڪو سنگل پروٽان سان ٻيھر ملي ٿو ۽ ھيليم ٽٽوپ Tritium جو ايٽم بنجي ٿو. ان کان پوء ھيليم گئس ٺھي ٿي (پر ان دوران پروٽان خارج ٿئي ٿو) ان دوران فوٽان (گاما ريز) خارج ٿئي ٿي جنھن کي اسان روشني چئون ٿا ۽ ستارن ۾ بہ اھي رد عمل ٿين ٿا. ھيڊوجن جلي جلي ھيليم ۾ تبديل ٿيندا رھن ٿا. گرمي پد ۽ گهاٽائي ايتري گهڻي ٿي وڃي ٿي جو ھيڊوجن مان تبديل ٿيندڙ ھيليم بہ ھيڊوجن سان گڏ جلڻ شروع ٿي وڃي ٿي جنھن جي ڪري تاري جي گرمي ۽ شدت اڃان وڌيڪ وڌي وڃي ٿي. ھاڻي وقت گذرڻ سان گڏ گڏ ھيليم جي راک ڪاربان جي صورت ۾ ستاري جي مرڪز ۾ جمع ٿيڻ شروع ٿيو وڃي ٿي. ھيليم مان جڙندڙ راک يعني ڪاربان جڏھن ستاري جي مرڪز ۾ خاص مقدار کان وڌي وڃي ٿي تہ ستارو ھڪ ڌماڪي سان ڦڦڙجي تمام وڏي ڳاڙھي ديو Red giant جي صورت اختيار ڪري ٿو ۽ پنھنجي جسامت کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ وڌي وڃي ٿو.
جيڪڏھن جسامت وڏي ھجي تہ وڏا عنصر ٺھڻ لڳن ٿا ۽ ان جوھري ردعمل Fusion reaction جي ڪري زيادھ مادو ھجڻ جي وجھ کي ڪشش سڏيو پئي ويو پر ھي دعوا درست ناھي فزڪس جا ماھرن ان فيڪٽر کي ماپي ڏٺو آھي پوء بہ ھي عمل ممڪن ٿي نٿو سگهي ان ڪري فزڪس جا ماھر ان کي ڪوانٽم ٽنلنگ افيڪٽ چون ٿا جنھن ۾ ملين مان ھڪ ذرو سرنگھ جيئن خال وارو ٿي وڃي ٿو جي ڪشش ھجي ھا ھي ردعمل نہ ٿئي ھا.
لوھ مان نڪرندڙ ڳاڙھي رنگ جي فوٽان ۽ ستارن کان ايندڙ سفيد روشني ۾ موجود ڳاڙھا فوٽان ھڪ رنگ جا ٿين ٿا ھڪ ئي ٻني جا ذرا آھن ھڪ ئي ويولينٿ جا ٿين ٿا مگر انهن جي اخراج جي مقدار ۾ تمام وڏو فرق ٿئي ٿو. ھاڻي ھي پروٽو اسٽار پنھنجي دٻاء جي ڪري تمام وڌيڪ گهاٽا ۽ تمام وڌيڪ درجہ حرارت تي پھچن ٿا.
جيڪڏھن ستارو ننڍو گهٽ مايي وارو ھجي تہ ھن حالت ۾ ان ۾ ھيڊوجن جو رچاء گهٽ ٿيندو ڇوجو ان ۾ ھيڊوجن گهٽ ھوندي نتيجي طور ننڍو ستارو پنھنجي ھيڊوجن جي گهٽ ٻارڻ جي ڪري گهڻي عرصي تائين رھي ويندو ۽ زيادھ عرصو جيئندو. 
جيڪڏھن ستارو وڌيڪ وڏو ھوندو تہ ان کي گهڻو گرمي پد ھوندو تہ جيئن وڌيل ڪشش کي توازن ۾ رکي جنھن لاء ھن کي وڌيڪ ھيڊوجن درڪار ھوندي ۽ نتيجن گهڻي ھيڊوجن جي ٻرڻ ڪري ھي جلدي فنا جي درجي کي ڇھندو.
ڪي k قسم جا ستارا سڀ کان مايي ۾ ننڍا ٿين ٿا انهن جي عمر ڪائنات جي موجودھ عمر کان بہ وڌيڪ ٿئي ٿي ان ڪري اڄ تائين  ڪنھن k قسم جي تباھ شدھ ستاري جو مشاھدو ناھي ڪيو ويو. 
جيڪڏھن ستارو اسان جي سج جيترو ھجي تہ اھو سڪڙڻ لڳي ٿو ۽ سفيد بونو سيارو ٿي وڃي ٿو جنھن جي ھڪ چانھن جي چمچي جي وزن جي وزن جي برابر مادي جو وزن ڪيئي ٽن تائين پھچي سگهي ٿو. ان جي ابتڙ جيڪڏھن ستاري جو وزن اسان جي سج کان ڏھ ڀيرا وڌيڪ ھجي تہ ھڪ ٻيو ڌماڪو ٿئي ٿو ۔ ھي ڌماڪو ڪائنات جي پرانھن علائقن کي روشن ڪري ڇڏي ٿو جنھن کي سپر نووا چيو وڃي ٿو. سپر نووا جا شڪار تارا پنھنجي موت جي وقت اسان جي سج کان ھڪ سو ارب ڀيرا وڌيڪ روشني ۽ توانائي خارج ڪن ٿا. ان کان پوء اھو ستارو ڪارونڀار ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو انهي ڪارونڀار کي بليڪ ھول سڏيو وڃي ٿو. جڏھن ڪوبہ ستارو موت جي قريب ھجي ۽ جيڪڏھن اھو ستارو سج کان ڏيڍ سو ڀيرا وڌيڪ وڏو ھجي تہ ان جو ڌماڪو سپرنووا کان بہ وڏو ٿئي ٿو جنھن کي ھائپر نووا سڏيو وڃي ٿو. ھائپرنووا ايتري قدر وڏو ڌماڪيدار ٿئي ٿو جو منٽ ۾ ايڏي توانائي خارج ڪري ٿو جيتري توانائي اسان جو سج سٺ ارب سالن ۾ خارج ڪري ٿو. ھائپرنووا مان ايتري قدر خطرناڪ ۽ طاقتور شعاع نڪرن ٿا جو ساڍا ست ھزار نوري سال کان پري ئي اسان جي زمين تي زندگي جو صفايو ڪري سگهن ٿا يعني جيڪڏھن ھائپرنووا اسان جي زمين کان ساڍا ست ھزار نوري سال جي دوري تي ھجي تہ ھائپر ڌماڪي جا شعاع جن کي ڳاما شعاعي ڌماڪا سڏيو وڃي ٿو اھي زمين تي قيامت برپا ڪري ڇڏين.

زڪام Coryza

زڪام                                 Coryza
تحرير:
”اصغر ساگر“
”فھد رند“
”سنڌي انسائيڪلو پيڊيا“
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2276745302607548/
جڏھن موسم پاسو بدلائي ٿو  تہ نزلي ۔ زڪام ۽ فلو جي تڪليف شروع ٿي وڃي ٿي. نڇون شروع ٿي وڃن ٿيون ۔ نڪ وھڻ لڳي ٿو ۔ ڳلي ۾ کچ کچ رھي ٿي ۔ ڳلو سڄي وڃي ٿو ۔ مٿي ۾ سور جي شڪايت رھي ٿي ۔ جسم بخار ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. دنيا ۾ رھڻ وارو ھر ٻيو انسان نزلي ۽ زڪام جو شڪار رھي ٿو. زڪام هڪ عام مرض آهي، جيڪو هر عمر جي ماڻهوءَ کي ٿي سگهي ٿو پر ڪمزور ۽ نازڪ طبيعت وارن ماڻهن تي اوچتو، سدائين ۽ گهڻي ڀاڱي حملو ڪندو آهي. هي هر موسم ۾ ٿيندڙ بيماري آهي، ڏٺو ويو آهي ته هن بيماريءَ جو حملو اڪثر وچ اونهاري ۽ سياري دوران ٿيندو آهي. هونئن تہ عام زڪام Acute Coryza طوفان وانگر ايندو آهي ۽ تڪڙو (هفتي اندر جلدي) ڇڏي ويندو آهي پر جيترو بہ عرصو هوندو آهي اوترو عرصو ماڻهو کي بيزار ڪري ڇڏيندو آهي. مريض جي آرام، بک ۽ صحت جي نظام کي ڊانواڊول ڪري ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن هي مرض ماڻهو ۾ ڪُھنو Chronic Coryza ٿي پوي تہ زندگيءَ جو هر پل بيقرار ڪري ڇڏيندو آهي ڇو تہ زڪام کڻي عام Acute هجي يا پراڻو ڪھهنو Chronic هجي، اڪيلو ناهي ٿيندو پاڻ ساڻ گڏ گهڻيون ٻيون بہ تڪليفون آڻيندو آهي. زڪام جڏهن وبائي بيماري اختيار ڪندو آهي تہ ان کي انفلوئزا چئبو آھي. زڪام جي مدت 3 ڏينھن کان 2 ھفتن کان ٿئي ٿي. سڄيل اکيون ۔ ڳاڙھيون اکيون ۔ ڳاڙھو نڪ ۔ نڪ ۾ سون سون جي آواز زڪام جي سڃاڻپ آھي. ٻارن کي سال ۾ 6 کان 10 بار ۽ وڏن کي 3 ڏينھن کان زڪام جي شڪايت رھي ٿي. زڪام جي مدت 3 ڏينھن کان 2 ھفتن کان ٿئي ٿي.
زڪام ۾ حيات روڪ Antibiotic دوائن جو استعمال مؤثر نٿو ٿئي ڇوجو اھي دوائون بيڪٽيريا ختم ڪن ٿيون پر زڪام جي سبب وائرس کي ختم نٿيون ڪن. ڪڏھن ڪڏھن زڪام بگڙجڻ جي ڪري بخار ۔ کنگھ ۔ بلغم ۔ نڪ مان بدبو ۽ مٿي جو سور پيدا ٿين ٿا ۔ اھڙي صورت ۾ حيات روڪ Antibiotic دوائن جي ضرورت پوي ٿي ۽ پوڙھن ماڻهن جا زڪام جي ڪري ڦڦڙ وٺجن ٿا ۽ انهن کي نمونيا ٿيڻ جي خطري جا امڪان رھن ٿا. صرف سردي زڪام جو سبب ناھي پر ھوا ۾ نمي جي ڪمي ۔ اونهاري جي گرمي ۽ سردين ۾ ٿڌي ھوا زڪام ۽ نزلي جي وائرس کي پکڙجڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

زڪام ۽ نزلي ۾ فرق :-
زڪام نزلي کان بہ خطرناڪ ٿئي ٿو. زڪام جي ڪري ماڻھو تيز بخار ۾ وٺجي وڃي ٿو جنھن جي ڪري سڄي جسم ۾ درد ۽ مٿي ۾ سور ٿئي ٿو. زڪام کان متاثر شخص جو نڪ وھي ٿو جنھن ڪري بلغم ريشي جي صورت ۾ نڪ ۾ جمع ٿئي ٿو  ۽ ساھ کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. نزلي ۾ مريض کي ھلڪو ٿڪ ٿئي ٿو جڏھن تہ زڪام ۾ ٿڪ جو گهڻو احساس ٿئي ٿو. زڪام ۾ بلغمي کنگھ ٿئي ٿي ۽ بلغم نڪ توڙي وات مان نڪري ٿو جڏھن تہ  نزلي جي صورت ۾ خشڪ کنگھ ٿئي ٿي. زڪام جا وائرس ھڪ شخص کان ٻئي شخص تائين پکڙجن ٿا جڏھن تہ نزلو پکڙجي ٿو ۽ خطرناڪ بيمارين جو سبب بنجي ٿو. نزلي جو وائرس خاص ڪري سياري ۾ متاثر ڪري ٿو ۽ ڪمزور مدافعت واري انسان کي جلدي وٺ ڪري ٿو. نزلي دوران ڳلي ۾ ڳاڙ ڪرندو رھي ٿو. نزلي ۾ اڪثر نڪ وھي ٿو ۽ ڳلي ۾ خارش ٿئي ٿي. نزلي جو ھم سبب وائرسي ڇوت آھي جنھن جي ڪري جيڪو شخص متاثر ٿئي ٿو ان کي ھلڪو بخار رھي ٿو ۔ جلد ٿڪ ٿئي ٿو ۔ ڳلي جي کچ کچ جي ڪري کنگھ ٿئي ٿي ۔ نزلي جي ڪري خشڪ کنگھ ۽ بلغمي ٿئي ٿي ۔ نڇون اچن ٿيون جنھن جي ڪري ھڪ شخص کان ٻئي شخص تائين پکڙجي ٿو.

زڪام ٿيڻ جا سبب               Aetiology :-

ساھ جي سرشتي Respiratory Tract جي مٿئين حصي نڪ ۽ وات Naso-pharnx جي رستي، رينو وائرس Rhino Virus پھچي زڪام جو سبب بڻجندو آهي. رينو وائرس جي ڪري نڪ ۽ وات جي ساھ واري سرشتي سان لاڳاپيل اوڄن Tissues ۾ رڄيت Histamine وڌي وڃي ٿو جنھن جي ڪري ساھ واري سرشتي جي اُن هنڌ واريون رت جون ناڙيون (Blood Vessels) وڌيڪ پکڙجي (ڦنڊجي) ڪشاديون ٿي وڃن ٿيون جنھن جي نتيجي ۾ پاڻيٺي جهلين Mucus-membrane ۾ قدرت طرح پاڻي وڌي ويندو آهي جيڪو زڪام جي صورت ۾ نڪ مان وهندو آهي. ھن وائرس سان عام نزلو ۽ زڪام ٿيندو آهي. هي آر-اين-اي کان ٿورو وڏو ٿيندو آهي. هن تي پروٽين يا وٽامن جو تھ چڙهيل هوندو آهي، جيڪو ان کي محفوظ رکندو آهي. ھنن وائرسن ۾ ايتري صلاحيت نہ هوندي آهي جو اهي زندگي جو ڪم ڪار پاڻ سرانجام ڏئي سگهن جنھن لاءِ کين هڪ ٻانھن ٻيلي گهرڙي جي ضرورت پوندي اهي، جيڪو ان لاءِ پيدائشي ڪم ڪري سگهي. رينو وائرس ساھ جي مٿئين حصي بلغمي جهلي جي سطح تي واقع گهرڙن جي مرڪز تي حملو ڪندا آهن. ان وائرس تي جيڪو پروٽين جو تھ هوندو آهي، اهو هڪ قسم جي سڃاڻپ جو نشان هوندو آهي، جيڪو انهن کي مرڪز جي پھچڻ ۽ ڪڏهن تہ مرڪز تائين نہ پهچائيندو آهي. وائرس هڪ ڀيرو اندر پھچڻ کان پوءِ پنھنجا پروٽين يا وٽامن جا تھ لاهي ڇڏيندا آهن ۽ هن جا آر اين اي ان گهرڙي جي مرڪز تي حملو ڪندا آهن، جتي ميزبان گهرڙي جي پاڻ کي پيدا ڪرڻ واري مشين هوندي آهي. ان کان پوءِ ميزبان گهرڙي کي مجبور ڪندا آهن ته اهي وائرس جي آر اين اي ۽ پروٽين جا تھ ٺاهن. ٻن ٽن ڏينھن ۾ ميزبان گهرڙا لکين آر اين اي ۽ پروٽين ٺاهڻ جي لاءِ ضرورت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ڪري ڪمزور ٿي ويندا آهن، جيئن اهي ٻين ميزبانن تي حملو ڪري سگهن. بھرحال ميزبان گهرڙا مڪمل تباھ ٿيڻ کان پھريان پروٽين جي شڪل ۾ جنهن کي منجهڻو Interferon چئبو آهي موڪليندا آهن، جيڪو پاسن اوسن جي گهرڙين کي وائرس جي موجودگي جو ٻڌائيندو آهي ۽ کين خبردار ڪندو آهي تہ بچاءَ لاءِ سندن مدد پڻ ڪندو آهي، پر وائرس تيز ڪم ڪرڻ وارا هوندا آهن، وائرس ايترو تہ تيزي سان شروعات ڪندا آهن جو هو حاوي ٿي منجهڻي جي مڪمل حفاظتي ڪوشش کي ناڪام ڪري ڇڏيندا آهن. هن حد تائين نزلي جو مريض شايد غير معمولي ڳالھ محسوس ڪندو هجي پر وائرس جون فوجون نڪ ۽ ڳلي ۾ جمع ٿينديون رهنديون آهن. بھرحال جيئن ئي وبا ڦھلبي آهي، تيئن جسم حفاظتي قدمن سان گڏ رد عمل بہ ظاهر ڪندو آهي. نزلي جون پريشان ڪندڙ نشانيون وائرس نہ پر هي حفاظت طور ٿيل قدم پيدا ڪندا آهن. هنن جو هڪ حفاظتي قدم سوڄ بہ آهي. متاثر جڳھ تي رت جو وهڪرو وڌي ويندو آهي جنھن جي ڪري اها جڳھ سڄي ويندي آهي. سوڄ وارا گهرڙا پنھنجي ڪجھ پاڻيٺ ڪڍندا آهن، جيڪا بلغم سان ملي نڪ مان نڪرندي آهي، جنهن کي نڪ وهڻ چئبو آهي، نڪ جي اندرئين تھ جي سوڄ اچڻ جي ڪري نڪ ۾ رڪاوٽ بہ پيدا ٿيندي آهي، جيڪا نڪ جي اندر هوا وڃڻ جو رستو بند ڪري ڇڏيندي آهي جنھن جي ڪري مٿي جو سور پيدا ٿيندو آهي. نڪ ۾ هن ڊڪ ڊوڙ جي ڪري ڇڪون اچڻ شروع ٿينديون آهن، جيڪا نڪ کي صاف ڪرڻ ۽ ڪجھ وائرس ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش هوندي آهي. جيڪڏهن هي سرگرميون ڳلي تائين پھچي وڃن تہ دماغ جو مرڪز پنھنجا ننڍا ننڍا ڌماڪا ڪندو رهندو آهي، جيئن وائرس سان ڀريل پاڻي کي ڦڦڙن تائين وڃڻ کان روڪي سگهجي. هن دوران جسم جي گرمي جو درجو بہ وڌي ويندو آهي. نوجوانن ۾ 103 ف بخار ڪا غير معمولي ڳالھ نہ آهي. وڏي عمر جي ماڻهن ۾ بخار گهٽ هوندو آهي. 100 کان وڌيڪ بخار گهٽ ئي ايندو آهي. هن وقت تائين وبا جي شڪار ماڻهن پنهنجي بيماري جو بخوبي اندازو ٿي ويندو آهي. جسم جي مداخلتي نظام جا اڇا گهرڙا وائرس جي حملي واري جڳھ تي گڏ ٿي ۽ پنهنجو تعداد وڌائي وڙهندا آهن. وڏن اڇن گهرڙن جو گروپ جنھن کي ميڪروفيڪس چيو ويندو آهي. وائرس کي تباھ ڪندا ويندا آهن. ھي حفاظت ڪندڙ گهرڙا متاثر گهرڙن کي تباھ ڪندا ويندا آهن. هن سڄي جهيڙي جي آخر ۾ حالتن کي معمول تي آڻڻ واريون اجسما Antibodies  پھچي وينديون آهن. هنن جو ڪم هي هوندو آهي تہ اهي پروگرام مطابق وائرس سان چھٽجي وڃن ۽ گهرڙن کي ميزبان ٺاهڻ کان روڪن. انهن مخصوص اجسمن Antibodies  کي ٺاهڻ ۾ جسم کي ڪجھ وقت لڳندو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ اهي جيوڙن جي پھرئين حملي ۾ ڪوبہ ڪردار ادا ڪري نہ سگهندا آهن. هنن جي اهيمت هي آهي تہ جيڪڏهن هي هڪ ڀيرو پيدا ٿيڻ کانپوءِ جيوڙن جي خاتمي تائين سرگرم عمل رهنديون آهن. ٻئي ڀيري جيڪڏهن ڪو وائرس ظاهر ٿيندو آهي تہ اجسما Antibodies انهن جي حملي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ تيار رهنديون آهن.بدنصيبي سان نزلو پيدا ڪرڻ وارا رينو وائرس جا سئو کان وڌيڪ قسم هوندا آهن. اجسما Antibodies جيڪي صرف هڪڙي قسم کان بچائيندا آهن، ٻيو تہ رينو وائرس صرف نزلي جو 40 سيڪڙو پيدا ڪرڻ جا ذميوار آهن، نزلو پيدا ڪرڻ وارو ڪودونو وائرس آهي

ڦهلاءَ جا سبب Accessory Causes

زڪام جي ٿيڻ يا وائرس جي پکڙجڻ جا ڪيترا اضافي سبب پڻ آهن، جيئن هي وائرس هڪ مريض کان ٻئي صحتمند ماڻهو تائين آمھون سامھون ساھ ڇڏڻ ۽ کڻڻ دوران، مريض جي نڇ (ڇڪ) Sneeze ڏيڻ سان، مريض سان گڏ کاڌو کائڻ، مريض جو اوبر کاڌو کائڻ يا پاڻي پيئڻ، مريض جي ٿانون ۾ کاڌو کائڻ يا گلاس ۾ پاڻي پيئڻ يا مريض جو رومال ۽ ٽوال استعمال ڪرڻ سان آسانيءَ سان پھچي زڪام ڪري وجهي ٿو. ان کان سواءِ موسمي ماحول، اوچتو سردي لڳڻ، بدلجندڙ موسم، گرميءَ کان ٿڌ ۽ ٿڌ کان گرمي ۾ تبديلي، تمام گهڻي سردي ۽ گرمي، ٿڌ لڳڻ يا لڪ لڳڻ، گهم، طوفاني (مٽيءَ واريون) هوائون، دز، مٽي، ڌوڙ، گند ڪچري کي لڳايل باھ جو دونھون، گاڏين جو دونھون، سوڙها گهر، برف جو يخ ٿڌو پاڻي پيئڻ، ٿڌ ۾ ٿڌيون شيون (مشروب) پيئڻ، آئسڪريم ۽ گهڻا ڪيميڪل، ڪيميائي مادا، خوشبو (تيز) ۽ ڪاسميٽڪ جو سامان جيڪو ايلرڄي (Allergy) ڪري. هن وائرس جي اثر ٿيڻ ۽ پکڙجڻ جو مکيہ سبب بڻجن ٿا.

زڪام جا قسم                Types of Coryza

(1) عام زڪام ۔ وقتي زڪام       Acute Coryza
(2) ڪُھنو يا دائمي زڪام        Chronic Coryza

(1) عام زڪام ۔ وقتي زڪام       Acute Coryza
هن قسم جو زڪام اوچتو ٿيندو آهي ڪجھ ڏينھن رهندو آهي پوءِ جلدي گهاٽو ٿي سنگھ ۾ بدلجي پوءِ پاڻي ڇڏي ويندو آهي. هن قسم جو زڪام علاج کانسواءِ پاڻي ڇڏي ويندو آهي. ڏٺو ويو آهي تہ ڪيترا ماڻهو هن قسم جي زڪام جو علاج نہ ڪرائڻ باوجود ٺيڪ ٿي ويندا آهن. عام ماڻهن جو اهو خيال هوندو آهي ته هن قسم زڪام کي ٽن ڏينهن تائين ڇڏي ڏجي، وهي وهي پاڻي خشڪ ٿي ڇڏي ويندو ۽ ائين ئي ٿيندو آهي.

(2) ڪُھنو زڪام ۔ دائمي زڪام Chronic Coryza
هن قسم جو زڪام گهڻي وقت تائين هلندو آهي جنھن جو سبب ساھ جي سرشتي جي پاڻيٺ وارين جهلين ۾ دائمي سوزش Inflamation جي ڪري هر وقت پاڻيٺي جهلين Mucus Membrane مان پاڻي رسندو رهندو آهي. هن پاڻيءَ ۾ واڌان وقت ٿيندي آهي جڏهن مريض اهڙيون شيون واپرائيندو آهي، جنھن جي ڪري کيس الرجي ٿيندي آهي ۽ الرجيءَ جي ڪري ساھ جي سرشتي سان لاڳاپيل اوڄن ۾ Histamine مادو وڌي ويندو آهي جنھن جي ڪري ساھ جي سرشتي جي رت جي نتيجي ۾ پاڻيٺي جهلين ۾ اڳي کان بہ وڌيڪ پاڻي (زڪام جو پاڻي) وهندو آهي. الرجي Allergy پيدا ڪرڻ وارين شين (مادن) Substances ۾ خاص ڪري ڌُوڙِ، دزِ، مٽي، ڀتين جو ڄارو، وڻن جا سُڪل پن، ٻج، ٻُورو، گهر جي قالين جي مٽي، گند ڪچري کي لڳايل باھ جو دونھون، تيز خوشبو واريون هار سينگار جون شيون، عطر، يوڊي ڪلون، يوڊي ٽوائليٽ، صابڻ، پائوڊر، باڊي لوشن، ماسڪ ۽ فيشول جنهن ۾ 80 سيڪڙو اسٽرائيل الَڪَوحل Steryle Alcohol ۽ کٽي تيز خوشبو وارو سٽرونيلا تيل (Citronella Oil) مليل هوندو آهي. کان سواءِ کوڙ ڪيميائي مادا ۽ ڪيميائي گئسون جيئن سلور ڊاءِ آڪسائيڊ، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خاص ڪري نائيٽروجن آڪسائيڊ (جيڪو گاڏين جي دونھي ۾ خارج ٿيندو آهي) سڀني قسم جون اهڙيون ڪولڊ ڊرنڪس (ٿڌيون بوتلون Cold Drinks) جن ۾ سٽريٽ (Citrate) ۽ ڪاربان گئس هوندي آهي، ۽ ڪجھ کاڌن کان حساسيت اهي اهڙا عنصر آهن جيڪي الرجي ڪري وجهن ٿا. انهيءَ کانسواءِ هوا، ڌوڙ، دز ۽ مٽي وغيره ۾ موجود رائنو وائرس جڏهن ٻيھر ساھ جي سرشتي ۾ داخل ٿيندو آهي تہ مريض ۾ اڳي ئي موجود زڪام جو مرض ويتر وڌي ويندو آهي.

علامتون                  Clinical Symptoms :-
وقتي- عام زڪام ۾ زائنو وائرس جڏهن ساھ جي سرشتي (نڪ ۽ وات) ۾ پھچندو آهي تہ پھريائين نڪ ۾ خارش ۽ سُرڪو ٿيندو آهي ۽ ان سان گڏ نڇون (ڇڪون Sneezing) شروع ٿي وينديون آهن، نڙي خشڪ ٿي ويندي آهي، آهستي آهستي مرض وڌڻ ساڻ نڙيءَ ۾ سور، سُرڪو ۽ تپش Inflammation ٿيندي آهي، مٿي ۾ ٻُٽَ ۽ بارُ ٿيندو آهي. انهيءَ وچ ۾ اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن ۽ انهن ۾ سرڪو ۽ خارش ٿي پوندي آهي. انهن سڀني علامتن جي ظاهر ٿيڻ کانپوءِ نڪ مان پاڻي وهڻ شروع ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن وائرس جو حملو ڀرپور هوندو تہ اکين مان بہ ڪورائيندڙ يا سادو پاڻي وهڻ شروع ٿي ويندو آهي ۽ نڙيءَ ۾ سور ٿيندو آهي ۽ ڪن مريضن کي پگهر ايندا آهن، پوءِ
بخار ٿي پوندو آهي، اهڙي ڪيفيت ٽن چئن ڏينھن تائين رهندي آهي. ان کان پوءِ نڪ جو پاڻي آهستي آهستي ڄمي گهاٽو ۽ بلغمي ٿيندو ويندو آهي جڏهن زڪام موٽ کائيندو آهي تہ ڏينھن ٻہ هڪ ناس يا ٻئي ناسون بند ٿي وينديون آهن هن عرصي ۾ مريض وات مان ساھ کڻندو آهي ۽ کيس ڪافي پريشاني ٿيندي آهي. 

زڪام دوران عام تڪليفون Common Ailments :-

(1) نڇون اچڻ ۔ ڇڪون اچڻ Sneezing:
زڪام دوران نڇن جو اچڻ هڪ عام ڳالھ آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن هي ايتريون تہ گهڻيون اينديون آهن جو مريض کي بي حال ڪري ڇڏينديون آهن. جيتوڻيڪ نڇون اچڻ مريض لاءِ فائديمند پڻ آهي ڇو تہ جيڪي زڪام جا وائرس نڪ ۽ ساھ جي سرشتي ۾ گڏ ٿي ويندا آهن، اهي نڇون ڏيڻ سان نڪ ۽ ساھ جي سرشتي مان ٻاهر نڪرندا آهن. اهڙي طرح نڪ ۽ ساھ جو سرشتو زڪام جي وائرس کان آجا ٿي ويندا آهن. اهو ڏٺو ويو آهي تہ جيتري گهڻي مقدار ۾ زائنو وائرس نڪ ۽ ساھ جي سرشتي ۾ گڏ ٿيل هوندا آهن اوترو گهڻي مقدار ۾ مريض کي نڇون اينديون آهن ۽ جيتريون گهڻيون نڇون اينديون آهن اوترو جلدي نڪ ۽ ساھ جي رستي مان رائنو وائرس نڪري ويندو آهي.

(2) ساھ کڻڻ ۾ ڏکيائي     Dyspnoea :-
زڪام سبب مريض جو    نڪ بند ٿي ويندو آهي تنھن ڪري کيس ساھ کڻڻ Inspiration ۽ ڪڍڻ Expiration ۾ تمام گهڻي ڏکيائي ٿيندي آهي. زڪام جو سڄو عرصو مريض جو ساھ گهٽبو آهي.

(3) کنگھ          Cough :-
مريض جون ناسون زڪام جي ڪري بند ٿي وينديون آهن. تنهن ڪري زڪام جو ڳاڙو نڙيءَ رستي ڦڦڙن تي ڪرندو آهي. زڪام جي جنهن ڪيفيت کي Posterior Nares Dribbling چئبو آهي. جنھن جي ڪري مريض کي نڙيءَ ۾ سُرڪو ٿيندو آهي. جيڪڏهن زڪام جوپاڻي تيزابي هجي تہ مريض جي نڙي ڪنڊا ڪنڊا لڳندي آهي ۽ نڙيءَ ۾ سور ۽ سوزش Inflamation ٿي پوندي آهي. نڙيءَ ۾ سُرڪي جي ڪري مريض کي کنگھ ٿي پوندي آهي. جيڪڏهن زڪام جي تڪليف ڪن حالتن ۾ اڃان بہ وڌي وڃي ۽ نڙيءَ وارو ڳاڙو گهاٽو ٿي وڃي ۽ ڦڦڙن، ساھ وارين نلين ۽ ٿيلهين ۾ ڄمي پوي تہ مريض کي کنگھ سان گڏ سيني ۾ سور ۽ دم بہ ٿي پوندو آهي.

(4) مٿي ۾ سور                     Headache 
جيترو بہ عرصو مريض کي زڪام هوندو آهي تہ مريض کي گهڻو نہ تہ بہ ٿورو گهڻو مٿي ۾ سور ضرور هوندو آهي ۽ جي مٿي ۾ سور نہ بہ هجي تہ بہ دماغ (مٿي) تي وزن ۽ دماغ سڄو ٻُٽيو پيو هوندو آهي. اکيون ڳاڙهيون هونديون آهن. جنھن جو سبب زڪام جي ڪري دماغ جي رڳن تي سيٽ ۽ سوڙھ Contraction هوندي آهي.

(5) بُخار                 Fever :-
زڪام کي بخار ڄڻ ڏاج ۾ مليل هوندو آهي. زڪام دوران بخار لازم ملزوم هوندو آهي جيڪڏهن مريض کي تيز بخار نہ هوندو آهي ۽ نڇون شروع ٿي وينديون آهن تہ بخار بہ اچي پنھنجا پير ڄمائيندو آهي. شروع ۾ تہ مريض کي جهيڻو تپ (ڪڻس) هوندو آهي پر جيئن زڪام زور ڀريندو آهي تيئن بخار زور ڀريندو آهي. شروع جا ٽي چار ڏينهن جسم ۾ بخار هوندو آهي پر جيئن زڪام جو زور ٽٽي پوندو آهي تہ بخار بہ پويان پير ڪندو آهي.

(6) ڪنن جي تڪليف                Ear Ailments :-
نڪ ۽ ڪنن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ڳلي کان نڪرندڙ هڪ هوا جي نالي جنهن کي Eustachintube چئبو آهي جي وسيلي ٿئي ٿو. زڪام جو پاڻي جڏهن بہ وڌي ويندو آهي تہ نڪ جي بند هجڻ جي صورت ۾ اهو يا تہ اکين ۾ هليو ويندو آهي ۽ اتان پوءِ ڳوڙهن جي صورت ۾ وهندو آهي يا وري انهيءَ هوا جي نالي (ٽيوب) جي وسيلي ڪنن ۾ هليو ويندو آهي (جو ان هوا جي نالي (ٽيوب) جو هڪڙو ڇيڙو ڳلي ۾ آهي ۽ ٻيو ڇيڙو ڪنن ۾ آهي). زڪام جو پاڻي ڪنن ۾ گڏ ٿيندو ويندو آهي، جنھن جي ڪري ڪنن ۾ سُرڪاٽ، سُور ۽ سوڄ ٿيو پون. جيڪڏهن هتي زڪام جو پاڻي گهڻي عرصي تائين موجود رهي تہ اهو پاڻي گهاٽو ٿي ويندو آهي جيڪو ڪجھ ڏينهن کان پوءِ گند جي صورت وٺي بيھي ٿو. آخر ۾ اهو گند ڪنن مان وهندو رهي ٿو. هيءَ گند وهڻ جي تڪليف وڏن ماڻهن جي مقابلي ۾ ٻارن کي وڌيڪ ٿيندي آهي. جيڪڏهن هي گند ڪنن مان نہ وهي تہ ان صورت ۾ گند ڪنن ۾ اندر پکڙجي ويندو آهي ۽ جڏهن اهو ڪنن جي دُهلڙي (ڪنن جي ٻڌڻ وارو مرڪزي عُضوو) تائين پھچندو آهي تہ مريض ٻڌڻ کان لاچار ٿي ويندو آهي، يعني ٻوڙو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اسين ننڍن ٻارن توڙي وڏن ماڻهن جي ٻوڙائپ جا سبب ڳولينداسين تہ ان جو سبب اڪثر زڪام جو بار بار ٿيڻ Reccurent ٻيو اهڙي دائمي زڪام Chronic Coryza ۾ اهڙو علاج ڪرائڻ (ڪرڻ) جنھن ۾ زڪام جي پاڻيءَ کي زبردستي خشڪ ڪيو ويو هجي يا روڪيو ويو هجي. جنھن جي ڪري گند جلدي گهاٽو ٿي ڪنن جي ٻڌڻ واري مرڪز (دُهلڙيءَ) تي ڄمي ڪنن جي سمعي Acoustic قوت کي گهٽ ڪري يا ختم ڪري ڇڏيندو آهي، اهڙيءَ طرح ماڻهو ٻوڙو ٿي ويندو آهي. اهو بہ ٻڌائجي ٿو تہ جيڪڏهن زڪام جو گند تيزابيت وارو هجي ۽ ڪنن ۾ گهڻي وقت تائين گڏ ٿيل هجي تہ ان تيزابي گند جي اثر ڪري ڪنن جي ٻڌڻ واري پردي کي (ڪنن جي دهلڙي) يا خود ڪنن جي هڏين کي (جيڪي ڪچين ۽ نازڪ هڏين مان جڙيل هونديون آهن) جنکي ڪُرٽڻو هڏو Cartilage چئبو آهي اهو تيزابي پاڻي جيڪو بعد ۾ تيزابي گند بڻجي ويندو آهي انهن کي ڳاري وجهندو آهي، جنهن جي ڪري ڪنن جو ناسور Carries Of Ear ٿي پوندو آهي، جنھن جي نتيجي ۾ هر وقت ڪنن مان گند وهندو رهندو آهي.

(7) عام جسماني تڪليفون Physical Ailments :
زڪام جيترو بہ عرصو مريض ۾ هوندو آهي، اهو سڄو عرصو مريض کي جسم ۾ سور، بيقراري، جسم نِستو، ڪاهلي، جسم ڳورو، وات جو ذائقو مري (خراب ٿي ) ويندو آهي. اُن ساڻ گڏ بُک بہ مري ويندي آهي جسم جي هڏن ۾ سخت پيڙا وارو سور هوندو آهي، جنھن ۾ واڌارو رات جو خاص ڪري ٿڌ ۾ ٿيندو آهي. عام جسماني تڪليفن جو سبب پاڻيٺ وارن پردن Mucus Membrane مان گهڻي ڀاڱي (زڪام جي ڪري) پاڻي خشڪ ٿي (وهي وڃڻ) جي ڪري هوندو آهي. انڪري زڪام جي مريض کي وڌ ۾ وڌ پاڻيپيئڻ ۽ آرام ڪرڻ گهرجي. ظاهر ۾ تہ زڪام ننڍي بيماري ڏسڻ ۾ ايندي آهي پر هيءَ مرض جيترو بہ عرصو جسم ۾ موجود هوندو آهي اوترو عرصو بدن ۾ گهاڻي واري پيڙا هوندي آهي. 

پرھيز :-

کٽاڻ ۽ کٽيون شيون :-
کٽاڻ ۽ کٽيون شيون لوڻ ۽ سرڪي مان تيار ٿينديون آهن، جنھن سان ڳلي جي سوڄ ۾ اضافو ٿيندو آهي تنھنڪري نزلي، زڪام ۽ فلو ۾ انهن شين کان پرهيز ڪرڻ کپي.

سخت ۽ ڪڙڪ شيون :-
 فلو ۾ سخت يا ڪڙڪ کاڌو کائڻ سان ڳلي ۾ خشڪي پيدا ٿيندي آهي، جنھن سان کنگھ ۽ ڳلي جي خراش ۾ اضافو ٿيندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ خشڪ ميوا کائڻ کان بہ پرهيز ڪرڻ گهرجي.

ڪيفين وارا شربت :-
هيلٿ لائين جي هڪ رپورٽ موجب ڪافي، چانھن ۽ سافٽ ڊرنڪس جھڙا شربت جسم ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ڪندا آهن ۽ شڳر ۾ واڌ جو سبب بڻجندا آهن جنھن سان ڇوت Infection جي خاتمي ۾ سخت مشڪل پيش ايندي آهي.

شڳر فري مٺايون :-
شڳر فري مٺايون سوربيٽول مان ٺاهيون وينديون آهن. مطلب ميون جي نقلي مٺاڻ جنهن سان بدهضمي، ڊائريا ۽ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيندي آهي. سن کان سواءِ  نقلي مٺاڻ سان مٿي ۾ سور ۽ ڳلي ۾ خراش جي شڪايت بہ پيدا ٿي سگھي ٿي.

چيڙھ واريون شيون :-
نزلو، زڪام ۽ فلو جي دوران چيڙھ وارين شين جھڙوڪ فاسٽ فوڊ، پنير ۔ ٿڌو پاڻي ۽ تيل ۾ تريل شين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو ڳلي جي سوڄ ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي ۽ هاضمي جو نظام بہ بگڙجي سگھي ٿو.

مرچن واريون شيون :-
صحت لاءِ مرچن واريون شيون نقصانڪار هونديون آهن. ان جي زيادتي سان هاضمي جو نظام، معدو ۽ جگر پڻ متاثر ٿيندو آهي ۽ گڏ گڏزڪام ۽ فلو جي تڪليف ۾ پڻ واڌ ٿيندي آهي.

مٺايون
مٺائن سان رت جا خليا ڪمزور پئجي ويندا آهن جنھن سان ڳلي جي سوڄ ۾ واڌ ٿيندي آهي. گھڻي مٺاڻ سٺي صحت لاءِ نقصانڪار هوندي آهي.تنھن ڪري ڪوشش ڪرڻ گھرجي تہ مٺاڻ حد ۾ رهجي واپرائجي.

اپاء :-
زڪام جي مريض کان گهٽ ۾ گهٽ پنجن گزن جي فاصلي تي رھڻ کپي.
برف واري پاڻي پيئڻ کان پاسو ڪجي.
چانورن يا ديڳ جو ڀت نہ کائجي.
زڪام فورن  بند ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجي ۽دماغ مان رطوبت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪجي.
هلڪيون جلد هضم ٿيندڙ شيون واپرائجن.
 کٽين ۽ سڻڀين شين کان پرهيز ڪجي.
زڪام جي شروعات ۾ هڪ ڏينھن بک تي رهجي تہ بھتر آهي.
غذا تازي هجي، پاروٿي غذا ۽ ٿڌو پاڻي بلڪل  استعمال نہ ڪجي.
نڪ کي صاف رکجي، هڪ رومال هر هر استعمال نہ ڪجي پر ٽشو پيپر استعمال ڪري اڇلي ڇڏجي.
سموسن ۔ پڪوڙن ۔ تريل شين ۽ کير پيئڻ کان پرھيز ڪجي.
نزلي ۽ زڪام ۾ گوريون نہ کائڻ کپن ڇوجو دل جي دوري جي خطري کي 7 ڀيرا وڌيڪ وڌائن ٿيون. تائيوان ۾ طب جي ماهرن ۱۰ هزار کان وڌيڪ ماڻھن تي اسٽڊي ڪرڻ کان پوءِ انڪشاف ڪيو آهي تہ سيءَ ۽ زڪام جي دوائن جي استعمال سان دل جي دوري جو خطرو 3 ڀيرا وڌي وڃي ٿو. جرنل آف انفيڪشن ڊزيزز ۾ ڇپيل انهي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ سيءَ ۽ زڪام جي دوائن ۾ عام طور تي اينسيڊ قسم جون شين سان تعلق رکندڙ هڪ دوا آئبوپروفن بہ لازمي شامل هوندي آهي جيڪا جسم جي تڪليف ۾ وقتي طور گهٽجي ٿي پر ڪيترن ئي ڏينھن تائين استعمال واري حالت ۾ انهي سان دل جي دوري جو خطرو وڌي وڃي ٿو. ماهرين انهي ڳالھ جي تصديق ڪئي آهي تہ اهو خطرو انهي صورت ۾ ڏٺو ويو، جڏهن سيءَ ۽ زڪام جي دوائن ۽ گورين جي شڪل ۾ استعمال ڪيون ويون. جڏهن تہ انهي ساڳي دوا کي ٿيلهي ذريعي جسم ۾ هڻڻ سان 7 ڀيرا خطرو وڌي وڃي ٿو.

تدبيرون :-
(1) تدبير
جيرو          تولو
ڌاڻا             تولو
سونف         تولو
پست ڪڻ    تولو
ھرٻو            تولو
گل بنفشہ     تولو
کنڊ             6 تولا
ملائي ڪٽي پائوڊر ڪجي.
چپٽي   پاڻي سان صبح شام

(2) تدبير
عناب        8 داڻا
کنڊ          حسب ضرورت
رات جو عناب گلاس پاڻي ۾ پسائجي صبح جو اٻارجي اڌ بچي تہ کنڊ ملائجي ۽ جلد لاھجي. ڇاڻي پيئجي.
شديد زڪام ۽ نزلي لاء مجرب آھي.

(3) تدبير
بادام         7 عدد
ڪشمش    7 عدد
رات جو پاڻي ۾ پسائجي. صبح جو بادام ڇلي کائجن ۽ مٿان ڪشمش کائجي.
پراڻي زڪام ۽ نزلي جو بھترين علاج آھي. جن جا وار نوجواني ۾ اڇا ٿي وڃن ٿا انهن لاء بھترين آھي. 2 کان 3 مھينا استعمال ڪجي.

(4) تدبير
ھرٻي جا 9 داڻا پسيل صبح شام کائجن. ھرٻو رات جو پسائي صبح جو کائجي ۽ صبح جو پسائي رات جو کائجي.

(5) تدبير
نازبو جا 2 پن ڌوئي صبح شام کائجن.

(6) تدبير
ماکي              چمچو
ھڪ ليمي       پاڻي
ملائي پيئجي. ڪجھ ڏينھن استعمال ڪجي. زڪام ۽ نزلو دور ٿيندو.

(7) تدبير
ڪُٽيل ڪڻڪ        6 گرام
ڪارا مرچ             5 داڻا
وڏو ڦوٽو              ھڪ عدد
پاڻي                     گلاس
ملائي ڪاڙھجي اڌ بچي تہ ڇاڻي پيئجي. سياري ۾ وڏو ڦوٽو ۽ اونهاري ۾ ننڍو ڦوٽو استعمال ڪجي.
نوٽ :- ڪوبہ ھڪ نسخو استعمال ڪجي.

چقمقيت ۔ مقناطیسيت Magnetism

چقمقيت ۔ مقناطیسيت     Magnetism
”دريا خان سنڌي“

اوھان ٻن ڪاٺ جي ٽڪڙن کي هڪ ٻئي جي سامهون رکندا تہ اهي هڪ ٻئي کي ڪشش نہ ڪندا پر اوهان چقمق Magnet جي سامھون لوھ جو هڪ ٽڪڙو رکندا تہ اهي هڪ ٻئي سان ملي ويندا.
چقمق Magnete ۽ مفعول Object هڪ ٻئي کان فاصلي تي هجڻ باوجود ملي ويندا آهن ان جو سبب چقمقي ٻني Magnetic field آهي جيڪا ان مفعول Object جي ويجھي موجود هوندي آهي. پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو تہ هي چقمقي ٻني ڪٿان کان اچي ٿي؟.
اسان اهو ڄاڻون ٿا تہ چقمقي ٻني Magnetic field ۽ بجلي Electricity  هڪ ئي طرح سان ڪم ڪندا آهن يا ائين چئي سگھجي ٿو تہ مقناطيس ۽ بجلي هڪ ئي سڪي جا ٻہ پاسا آهن ڇوجو جڏهن چارج ٿيل ذرا Charged particle حرڪت ڪندا آهن تہ چقمقي ٻني Magnetic field پيدا ٿيندي آهي پر اسان ڄاڻون ٿا تہ چقمق ۾ ڪنھن ڪرنٽ گذرڻ بنا چقمقي ٻني موجود هوندي آهي ۽ اسان هي بہ ڄاڻون ٿا تہ ڪي بہ مواد substance اھڙا ناهن جيڪي اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران تي مشتمل نہ هجن ائين ئي چقمق بہ انھن بنيادي ذرن سان ملي ڪري ٺھيل هوندا آهن.
پر چقمقيت کي سمجھڻ جي لاءِ مقداري سطح Quantum level جي ذرڙن کي سمجهڻو پوندو. جيئن تہ سڀ بنيادي ذرڙا مايي چارج Mass charge ۽ ٻور (ٻرڻ) Spin جھڙي خاصیتن وارا هوندا آهن. چارج ئي اُها خاصیت آهي جيڪا چقمقيت Megnetism جو سبب بڻجي ٿي. 1922ع ۾ اليڪٽران ۽ پروٽان جي ان خاصیت جو جو علم ٿيو تہ هي ننڍڙا ننڍڙا چقمق Magnet آهن ۽ ايٽم اليڪٽران پروٽان ۽ نيوٽران تي مشتمل هوندا آهن. اليڪٽران جي نسبت پروٽان تمام گهٽ مقناطيسيت وارو هوندا آهن. پروٽان مرڪز Nucleus ۾ موجود هوندا آهن ۽ اليڪٽران مرڪز جي ويجهي گردش ڪندا آهن. اليڪٽران جي مقناطيسي قوت وڌيڪ هجڻ ڪري مرڪز Nucleus جو چقمقي ٻني تي خاص اثر ناهي پوندو. اليڪٽران جي گهمڻ جي ڪري مداري چقمقي ٻني Orbital magnetic field پيدا ٿيندي آهي ۽ هر اليڪٽران جي مرڪز Nucleus جي ويجهو پنھنجو پنھنجو مدار Orbit هوندو آهي ۽ هڪ مڪمل شيل جنھن ۾ ايٽم جي تعداد مڪمل هوندي آهي اتي اليڪٽران جوڙن جي شڪل ۾ هوندا آهن ۽ اھي ھڪ ٻئي جي چقمقي ٻني کي رد ڪن ٿا پر هڪ اڌ شيل ۾ اليڪٽران جوڙن جي شڪل ۾ ناهن هوندا جنھن ڪري اهي هڪ ٻئي جي چقمقي ٻني کي رد ناهن ڪري سگھندا اھڙي طرح هڪ ايٽم چقمق وانگر سلوڪ ڪندو آهي.
ھن خاصیت کي نظر ۾ رکي اسان دوري جدول Periodic table کي ڏسون ٿا تہ اسان کي معلوم ٿئي ٿو تہ ان ۾ سڀ عنصر Elements جن جي اليڪٽران جا ٻاھريان موسٽ شيل مڪمل يا مڪمل هجڻ جي ويجهي ھجن تہ اهي چقمقي ناھن ۽ جن جا ٻاھريان گهڻو شيل اڌ ڀريل Half full  آهن اهي سڀ چقمقي خاصيت وارا آهن مثال طور نڪل، ڪوبالٽ، آئرن، ڪروميم انهن سڀني ڌاتن جا ٻاھريان گهڻا شيل اڌ ڀريل Half full ٿين ٿا جيڪي انھن کي چقمقي خوبي Magnete property  فراهم ڪندا رھن ٿا پر ٻاھريون گهڻو شيل ئي ميگنيٽ ٺھڻ لاءِ ضروري ناهي جيئن ڪروميم هڪ اهڙي ڌات آهي جنھن جو هڪ ايٽم تہ چقمقي ٿي سگھي ٿو پر گھڻا ايٽم ملي چقمقي خوبي Magnetic property وڃائي ڇڏن ٿا.
هتان کان ڳالھ ايٽمن کان قلم پذيري Crystallisation  تي اچي وڃي ٿي جتي ايٽم ملي اهڙي جوڙجڪ بنائن ٿا جنھن ۾ يا تہ اهڙيون جوڙجڪون ٺاهيندا جنھن ۾ سڀ هڪ ايٽم هڪ رخ  aligned ھوندا يا وري هڪ ٻئي جي مخالف رخ ۾ ٿي هڪ ٻئي جي چقمقي ٻني رد ڪري ڇڏيندا. ايٽم اُها صورت اختيار ڪندا جنھن ۾ گهٽ توانائي گهربل هوندي ۽ ڪروميم ۾ ايٽمن جي قلمن Crystals جي ترتيب اهڙي هوندي آهي جو اُهو چقمقيت جي خاصيت وڃائي ويھي ٿو.
ھاڻ هي ڳالھ پيدا ٿئي ٿي تہ چقمق عام طور تي لوھ يا نڪل تي مشتمل هوندا آهن. عام طور تي لوھ يا نڪل جو هڪ ٻئي تي ڪو بہ چقمقي اثر ناهي ٿيندو ڇوجو انهن جي چقمقي ٻني موجود نٿي ٿئي تہ عام چقمقي ڌات ۽ هڪ چقمق ۾ ڇا فرق ٿئي ٿو؟. 
ڏسجي تہ اھي ٻئي هڪ ئي ايليمنٽ سان ٺھيل ٿين ٿا.
هتي ڳالھ قلمن Crystals کان نڪري علائقي Domain تي اچي وڃي ٿي. هڪ عام لوھ جي بار جا ڪجھ ايٽم هڪ رخ ۾ ٿي سگھن ٿا ۽ ڪجھ ايٽم ھڪ رخ ۾ ائين ان بار جي علائقن Domains جي هڪ رخ ۾ نہ هجڻ ڪري چقمقي ٻني وجود ۾ ناهي ايندي پر جڏهن ڪا اسٽرنگ ميگنيٽ فيليڊ لاڳو ڪئي وڃي ٿي تہ سڀ ڊومين هڪ ئي رخ ۾ ٿي وڃن ٿا ۽ اهو بار عام لوھ کان مقناطيس ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.

25 ڪروڙ سال اڳ واري شارڪ مڇي جي دريافت

25 ڪروڙ سال اڳ واري شارڪ مڇي جي دريافت

ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو  
ڊان اخبار : 13-2-2019
يقين ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آ پر سائنسدانن شارڪ مڇي جو ھڪ اھڙو  قسم دريافت ڪيو آهي جيڪو 25 ڪروڙ سال اڳ موجود ھيو جنهن کي ھاڻي  پھريون  دفعو دريافت  ڪيو ويو آهي ـ
ائٽلانٽڪ سڪس گل نالي شارڪ جو ھي قسم سمنڊ ۾ ڊائنوسار جي دور کان پھريان  موجود ھيو جيڪو لڳ ڀڳ پنجويھ سال ٿئي ٿو ۽ اھو قسم اڄ به دريافت  ٿيو آهي جيڪو پھريون  دفعو لڌو آهي ـ
آمريڪي سائنسدانن ھن شارڪ  مڇيء جي ڊي اين اي جو تجزيو ڪندي ظاهر ڪيو ته ھيء شارڪ ٻين مڇين کان مختلف آهي جيڪي ايٽلانٽڪ جي سمنڊ ۾ ملن ٿيون ـ
ھيء شارڪ مڇي ڇھ فوٽ ڊگهي ٿي سگهي ٿي ۽ ٻين شارڪ مڇين کان تمام ننڍي آهي ڇاڪاڻ ته ٻين شارڪ مڇين جي ڊيگهه پندرهن فوٽ يا ان کان مٿي ٿيندي آهي 
ھن شارڪ جا بي مثال ھيٺيان ڏند ڪارائيء جھڙا ۽ سڪس گلس سلٽ آهن جنهن جي ڪري ھن ايٽلانٽڪ سڪس گلس شارڪ جو نالو ڏنو ويو آهي ـ
تحقيق ڪندڙن  جو چوڻ آهي ته تجزئي مان ثابت ٿيو ته کوجنا ڪيل مڇي ٻين سڀني مختلف آهي جڏهن ته سڀئي مڇيون ھڪجھڙيون الڳن ٿيون ـ حقيقت ۾ هيء مڇي سمنڊ ۾ ھزارين فوٽ ھيٺ تھ ۾ رھندڙ تمام  قديم مڇي آهي  پر انهي تي تحقيق  ڪرڻ ايترو ئي ڏکيو آهي ـ محققن جو خيال آهي ته ھن شارڪ  جو ھڪ ٽيون به قسم آهي پر ڊي اين اي جي تجزئي مان ھي ظاهر ٿيو ته ٽيون نسل دريافت  ٿيل شارڪ  سان ھڪجھڙائي نه ٿو رکي ـ
محققن جو چوڻ آهي ته ھن شارڪ جي 1310 ڊي اين اي بيس پيئر جو تجزيو  ڪيو جنهن سان سمنڊ جي گهرائيء ۾ اٿل پٿل کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي جنهن جي اڳ ۾ خبر نه هئي ـ